امداد علي امداد سروري | |
---|---|
مقامي ٻوليء ۾ نالو | امداد علي امداد سروري |
پيدائش | 1959ع سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان |
ڌنڌو | ليکڪ |
قوميت | پاڪستاني |
موضوع | شاعري |
امداد علي امداد سروري[1] جو جنم 1959ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو مهر علي “تابع” خاصخيلي آهي. سندس خاندان جو تعلق راڳي گهراڻي سان آهي. سندس شاعري ۾ استاد مخدوم طالب الموليٰ آهي، سندس تخلص “امداد” به مخدوم طالب الموليٰ ئي رکيو هو. پاڻ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج سيوهڻ جو پرنسپل آهي.
1. حسين ۽ ڪربلا (شاعري)
2. سنڌ جي سونهن (شاعري)
توکي ساريندي غزل لکجي ويو،لڙڪ هاريندي غزل لکجي ويو.تڌڙا ٿڌڙا ساهه کڻندي رات جو،شمع ٻاريندي غزل لکجي ويو.تنهنجي جلون کي تصور ۾ ڏسي،پاڻ ڳاريندي غزل لکجي ويو.شهر تنهنجي ۾ مٺا اڄ اوچتو،ڏينهن ٺاريندي غزل لکجي ويو.پنهنجي محبت جي لکان تاريخ ٿو،قول پاريندي غزل لکجي ويو.