زيمبوئانگا

زيمبوئانگا(انگريزي: Zamboanga ) فلپائينز جي زيمبوئانگا اپٻيٽ ۾ واقع ھڪ شھر جو نالو آهي. ھي شھر فلپائينز جو پکيڙ ۾ ٽيون ۽ آبادي ۾ ڇھون نمبر وڏو شھر آھي[3]. زيمبوئانگا اپٻيٽ جو سڀ کان وڏو واپاري ۽ صنعتي مرڪز پڻ آھي[4].12 آڪٽوبر 1936 ۾ ھن شھر کي چارٽر شھر جو درجو مليو[5][6] ۽ 26 فيبروري 1937 م ان جو افتتاح ڪيو ويو[7]. شھر جي آبادي 2000 ۾ 601,794 ھئي[8]. شھر جو بنياد 1635 ۾ اسپينين ھڪ قلعو ٺھرائي رکيو جيڪو ڪجهه عرصي کانپوءِ ڏکڻ فلپائينز جو وڏو واپاري مرڪز ٿي ويو. ٻين جنگ عظيم ۾ ھي شھر جاپاني دفاعي صدر مقام ھيو[8]. 1945ع ۾ آمريڪي فوجين جي قبضي ۾ آيو[8]. ھن شھر کان رٻڙ، سچا موتي، کوپرو، مھوگني جي ڪاٺ جي برآمد ٿيندي آهي[8]. مورو واري پتل ۽ ڪانسي جي ٿانون ٺاھڻ جو پڻ مرڪز آهي[8]. ھي شھر سياحتي مرڪز پڻ آھي[8].

زيمبوئانگا
شھر
فائل:Modern Metropolitan Cathedral of the Immaculate Conception 07-07-10.JPG
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: زيمبوئانگا سٽي ھال، سانتا ڪروز وارو وڏو ٻيٽ، پئسيو ڊيل مار، زيمبوئانگا شھر جو ھڪ منظر، بي عيب جنم واري شھري ڪيٿيڊرل، سانتا باربرا مسجد
زيمبوئانگا
مھر
عرفيت: گلن جو شھر
ايشيا جو لاطيني شھر
فلپائينز جي سارڊائين مڇي وارو شھر
نعرو: وري ھڪ بھتر زيمبوئانگا ٺاھيون
ترانو: زيمبوئانگا ھرموسا
ملڪ فلپائينز
صوبو زيمبوئانگا ڊيل سور(statistically only)
ضلعي نمائندن جو ايوان پھريون اولھ وارو ۽ ٻيون اوڀر وارو ضلعو
قائم ٿيو 23 جون 1635
چارٽر وارو درجو October 12, 1936
شھري درجو 26 فيبروري 1937
بارانگيون 98
حڪومت[1]
 • ميئر ماريه اسابيل ڪلائميڪو سالاز (LP)
 • نائب ميئر روميل آگان (UNA)
 • ڪانگريسي رڪن * سيزر جمينيز جونيئر


فرسٽ ڊسٽرڪٽ (اوڀر وارو ڪنارو )

  • مينئل جوز ايم دليپ

سيڪنڊ ڊسٽرڪٽ (اوڀر وارو ڪنارو )
 • چونڊ نظام = voters (?)
پکيڙ ۾ درجو ٽيون نمبر (شھر)
بلندي 16.0 ميل (52.5 ft)

حوالا