سلزبرگ (رياست)
سلزبرگ (انگريزي: Salzburg ) آسٽريا جي ھڪ رياست جو نالو آهي[2][3][4] لفظ سلزبرگ جي معنيَ آهي لوڻ وارو قلعو. ان جو سرڪاري نالو سيلزبرگرلينڊ آھي جنھن جي گادي جو سلزبرگ شھر آھي. ریاست جي ٻين شھرن جا نالا ھالين، سالفلڊين، بيشوفسھوفن، زيڪرخين ۽ ميترسيل شامل آهن. رياست 1999 ۾ نئون آئين نافذ ڪيو جنھن تحت رياستي حڪومت جو سربراھ گورنر آھي جنھن کي رياست جي اسيمبلي يا لينڊٽيگ چونڊيندي آھي. اسيمبلي جي چونڊ پنجن سالن لاء ٿيندي آهي. 2018 جي چونڊن ۾ ھتي آسٽرين پيپلز پارٽي اڪثريت سان چونڊون کٽيون. رياست جي ضلعن جو ڪل تعداد 6، ميونسپلٽين جو تعداد 119 جن ۾ 11 کي وڏن شھرن ۽ 24 کي ننڍن مارڪيٽ وارن شھرن جو درجو ڏنو ويو آھي. 2018 ۾ ھن رياست جي جي ڊي پي 29 ارب يورو ھئي جيڪا آسٽريا جي جي ڊي پي جو 7.5 سيڪڙو ھئي. ھن رياست جي سرڪاري ٻولي جرمن آھي.
سلزبرگ | |||
---|---|---|---|
رياست | |||
| |||
ملڪ | آسٽريا | ||
ملڪ | سلزبرگ | ||
حڪومت | |||
• گورنر | ولفريڊ ھيسلئئر (آسٽرين پيپلز پارٽي) | ||
• ڊپٽي گورنر |
| ||
پکيڙ | |||
• ڪل | 7,156.03 ڪ.م2 (2,762.96 ميل2) | ||
آبادي (2020) | |||
• ڪل | 558,410 |
حوالا
🔥 Top keywords: مُک صفحووڪيپيڊيا:بابتمدد:مندرجاتٻين مھاڀاري جنگوڪيپيڊيا:نياتي بابوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريووڪيپيڊيا:مندرجاتوڪيپيڊيامدد:تعارفباب:ھاڻوڪا واقعاخاص:تازيون تبديليونوڪيپيڊيا:سنڌي لکت ڪيئن پڙهجيسانچو:This date in recent yearsنبي بخش بلوچزمرو:راڄڌانيونپاڪستانوڪيپيڊيا:عام غيرجوابداريناموخاص:ڳولازڪواتجنسي سنگمدد:صفحو ڄاڻڏکڻ آمريڪاسانچو:سنڌي تاريخانگريزي ٻولياڻ ٽر صورتحالاسمسانچو:This date in recent years/titleشاھ عبداللطيف ڀٽائيآڪاش منڊلسوانح نگاريبيتوڪيپيڊيا:ديوان عامڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرزمرو:ڏکڻ آمريڪازمرو:Short description matches Wikidataسانچو:Sindhi Alphabetآمريڪا جون گڏيل رياستونگوگلڪيوٽو