عراق

اولھ ايشيا ۾ ملڪ

عراق (انگريزي ٻولي: Iraq) وچ اوڀر ۾ واقع هڪ عرب ملڪ آھي.

ريپبلڪ آف عراق

  • جمهورية العراق ([[عربي language|عربي]])
  • کۆماری عێراق (ٻولي؟)
  • کۆمارا ئێـراقێ (ٻولي؟)
Flag of عراق
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: 'الله أكبر ([[عربي language|عربي]])
"الله اڪبر" (ھڪ ٻوليءَ کي ٻي ٻوليءَ جي لپيءَ ۾ لکڻ transliteration)
"خدا سڀ کان وڏو آهي"
ترانو: "موطيني"
"موطني"
(انگريزي ٻولي: "My Homeland")
Location of عراق
جو مقامعراق
گادي جو هنڌ بغداد
33°20′N 44°26′E / 33.333°N 44.433°E / 33.333; 44.433
سڀ کان وڏو شهر بغداد
دفتري ٻوليون
مذهب اسلام
مقامي آبادي عراقي
حڪومت فيڊرل پارلياماني آئيني جمهوري رياست
• صدر
بارهم صالح
• وزيراعظم
عادل عبد المهدي
• اسپيڪر
محمد الهلبوسي
• چيف جسٽس
مدحت المحمود
مقننه Majlis AlNuwwab
خودمختياري يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين
• بادشاھت جو قيام
3 آڪٽوبر 1932
• جمهوريا قرار ڏنو ويو
14 جولاءِ 1958
• موجوده آئين
15 آڪٽوبر 2005
پکيڙ
• جملي
437٬072 km2 (168٬754 sq mi) (58th)
• پاڻي (%)
1.1
آبادي
• 2016 اندازو
37,202,572[1] (36th)
•  گھاٽائي
82.7 /km2 (214.2 /sq mi) (125th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$612 billion[2] (34 هين)
• في سيڪڙو
$17,952[2] (76هين)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$250.070 سؤ ملين[2] (48 هين)

تعارف

عراق جون سرحدون اوڀر ۾ ايران (ڪوردستان صوبو)، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪويت، ڏکڻ ۾ سعودي عرب، ڏکڻ اولھ ۾ اردن، اولھ ۾ شام ۽ اتر ۾ ترڪي سان لڳن ٿيون. ڏکڻ اوڀر ۾ ايران ۽ ڪويت جي سرحدن جي وچان ٿوري حصي سان ايراني نار به لڳيس ٿو. بغداد عراق جو گادي جو هنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شهر آهي. قومن جي لحاظ کان هتي گھڻائي عربن ۽ ڪردن جي آهي، جڏهن ته ڪجهه تعداد ۾ اسيري، آرمينيائي، ترڪمان ۽ ٻيون قومون به رهن ٿيون. عراق جي ڪل آبادي تقريبن ساڍا ٽي ڪروڙ آهي، جنهن جو 95 سيڪڙو ماڻهو مسلمان آهن. مسلمانن کان علاوه هتي عيسائي ۽ يزدي وغيره به رهن ٿا.

عراق جو جھنڊو

جاگرافي

عراق جي وچان ٻه درياھ فرات ۽ دجله وهن ٿا، جيڪي ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پهرين ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. انهن ٻنهي جي وچ وارو علائقو ڏاڍو سر سبز ۽ زرخيز آهي. باقي علائقو ريگستاني اٿس.ٻنهي ندين جي وچ واري علائقي کي ميسوپوٽيميا به چيو ويندو آهي. ميسوپوٽيميا تمام پراڻو تاريخي خطو ۽ تهذيبن جو گھر رهيو آهي. سميري، اسيري ۽ بابلي تهذيبون هتان سان ئي تعلق رکنديون هيون. بعد ۾ هي علائقو ساساني، رومي، اسلامي، منگول، صفوي ۽ عثماني سلطنتن جو به حصو رهيو.

تاريخ

هاڻاڪو عراق پهرين عالمي جنگ کان پوءِ سلطنت عثمانيه جي ورهائجڻ جي نتيجي ۾ 1920ع ۾ برطانوي سلطنت جي حصي ۾ آيو. 1932ع ۾ عراق برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي. هتي 1968ع کان وٺي 2003ع تائين بعث پارٽي جي حڪومت رهي. 2003ع ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين عراق تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ صدام حسين، جيڪو ان وقت بعث پارٽي جو سربراھ ۽ عراق جو صدر هيو، کي هٽايو ويو. آمريڪا ۽ ان جي اتحادين 2011ع ۾ عراق خالي ڪيو. آمريڪا جي وڃڻ کان پوءِ عراق ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي. هن وقت عراق جو ڪجهه حصو آمريڪا جي د‍ؤر ۾ ڪرايل اليڪشن جي نتيجي ۾ منتخب ٿيل حڪومت جي اثر هيٺ آهي، جڏهن ته ڪجهه حصي تي ڪردن جو ۽ ڪجهه حصي تي داعش نالي دهشتگرد تنظيم جو قبضو آهي.

حوالا