عملي رياضي


عملي رياضي، اطلاقي رياضي (انگريزي: Applied Mathematics) عملي مسئلن جي حل لاءِ حسابي طريقن جي استعمال ۽ مطالعي کي عملي رياضي چوندا آهن[1]. ھن رياضي جي دائري جون کوڙ شاخون آهن جن ۾ شماريات، امڪان، ميڪانيت، حسابي طبعيات ۽ انھن مان ٻيا ٺھڪندڙ موضوع شامل آهن[1]. ان جو خالص رياضي سان فرق ڪو وڏو ڪانہ آھي[1]. علم رياضيءَ جي ھڪ شاخ جو نالو آهي جنهن جي مدد سان سائنس، ڪاروبار ۽ صنعت جا مسئلا حل ڪيا ويندا آهن[1]. ان رياضي جو واسطو عملي مسئلن سان ھوندو آھي. موجوده دور جون تحقيقي يونيورسٽيون علم رياضيءَ جا ٻہ علحده شعبا رکندڙ آهن جن مان ھڪ شعبو خالص رياضي[2] ۽ ٻيو عملي رياضي جو ھوندو آھي ۽ شاگرد ٻنھي ۾ علحده اعليَ تعليم حاصل ڪري سگھندا آهن[1].

گاڏين جي روٽ جو نقشو عملي رياضي جو ھڪ مثال آهي.

حوالا