غلام حسين شاهه بخاري

پاڪستاني سنڌي مذھبي عالم (پ. 1932 - و. 2023)


غلام حسين شاهه بخاري (انگريزي ٻولي: Ghulam Hussain Shah Bukhari؛ پ. 1932ع – و. 26 جنوري 2023ع)، سنڌي اسلامي عالم ھو. ھن جو تعلق صوفين جي نقشبندي سلسلي سان ھو. ھي پاڪستان جي ھڪ وڏي مذھبي اداري درگاھ حسين آباد جو والي پڻ ھو.[1][2]

غلام حسين شاھ بخاري
پيدائش 1932 (عمر 91–92)
ديھ ڊرٻ چانڊيو، قمبر شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ڊويزن، پاڪستان
وفات 26 جنوري 2023ع
ڪراچي
مڪتبه فڪر سني اسلام، حنفي، صوفي، نقشبندي

شروعاتي زندگي

غلام حسين شاهه بخاري قمبر شھداد ڪوٽ جي ڳوٺ ڊرٻ چانڊيا ۾ 1932ع ۾ پيدا ٿيو. ھن جو تعلق صوفين جي نقشبندي سلسلي سان ھو، ھن مذھبي تعليم پنھنجي والد سيد گل محمد شاھ کان ورتي. ھن خوشي محمد تنيو، غلام محمد چانڊيو ۽ علي گوھر مستوئي کان پڻ تعليم ورتي.[حوالو گهربل] ھن 1980ع ۾ درگاھ حسين آباد نالي سان ھڪ مسجد ۽ مدرسو تعمير ڪرايو، جتي مذھبي تعليم ۽ رھائش مفت ڏني ويندي آھي. ھي تنظيم اصلاح فقرا الحسينيا جو پڻ سربراھ ھو، جيڪا تنظيم پڻ ماڻھن ۾ مذھبي پرچار ڪندي آھي. حسين شاھ پھرين پنھنجي ڳوٺ ڊرٻ چانڊيو ۾ درگاھ قائم ڪئي، ان کان پوءِ بلوچستان جي تنبو تعلقي ۾ ھڪ آستانو جوڙيو. ان کان پوءِ حسين شاھ قمبر جي سرھيا پاڙي ۾ رھيو ۽ قمبر ريلوي اسٽيشن لڳ درگاھ حسين آباد قائم ڪيو.[3] [2] غلام حسين شاهه کي 4 پٽن جو اولاد ٿيو، سندس وفات کان پھرين 3 پٽ فوت ٿي ويا، جڏھن ته سندس ٻيو نمبر وڏو پٽ عطاالله شاهه درگاهه جو سجاده نشين ھو.[4] 2013 ۾ ھن جي مٿان جيڪب آباد لڳ دھشتگردن قاتلاڻو حملو پڻ ڪيو، جنھن ۾ سندس پوٽو شفيق شاھ قتل ٿي ويو.[5]


ھي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 26 جنوري، 2023ع تي وفات ڪري ويو.[6] سندس وفات جي سوڳ ۾ قمبر تعلقي جي تعليمي ادارن کي ھڪ ڏينھن لاءِ بند ڪيو ويو.[7]

وڌيڪ ڏسو

  • پير فضل علي قريشي
  • خواجا عبدالغفار نقشبندي

حوالا