مدد:معمولي سنوار
وڪيپيڊيا ۾ ڪنھن صفحي کي جڏهن سنواريو ويندو آھي تہ سنوارگاھ جي هيٺ معمولي سنوار جو خانو ڏنل هوندو آهي، اُنکي نشان ھڻڻ سان ڪيل سنوار معمولي سمجهي ويندي آهي. ۽ سوانح صفحي ۽ تازيون تبديلين ۾ ان سنوار کي م سان نمايان ڪيو ويندو آهي.
معمولي سنوار کي ڪڏهن نشان ھنيو وڃي
- ھجي ۽ قاعدن جي تصحیح (درستي، سڌارو) جي وقت.
- سادي لکت جي واڌاري جي وقت.
- اهڙي شڪلبندي جي اضافي جي وقت جنھن سان صفحي جو مفھوم نہ تبدیل ٿيندو هُجي.
- وڪي ڳنڍڻن جي درستگي جي وقت.
- تخريب ڪاري کي ختم ڪرڻ وقت.
معمولي سنوار کي ڪڏهن نشان نہ ھنيو وڃي
- مضمون ۾ مواد جي خاتمي يا واڌاري وقت (يا ڀلي هڪ جملو ئي هجي).
- نمايان (ظاهر ٿيندڙ) سانچن جي خاتمي يا واڌاري وقت.
- حوالن خارجي ڳنڍڻن جي خاتمي يا واڌاري وقت.
- بحث صفحن يا ڪنھن بہ ڳالھ ٻولھ ۽ پنھنجي راءِ کي محفوظ ڪرڻ يا سانڍڻ وقت.
ڇوٽ
منتظم ڪنھن بہ صفحي جي آخري مرتب جي تمام سنوارن کي ختم ڪري سگهن ٿا، اهڙين سڀني سنوارن کي پاڻمرادو طور تي ميڊياوڪي سافٽ ويئر پاران بطور معمولي سنوار نشان لڳوئي ويندي آهي. دراصل هي انتھائي ڪاروائي منتظم عموماً تخريب ڪاري ٿيڻ جي وقت ڪندا آهن ۽ ظاهر ڳالھ آهي تہ تخريب ڪاري (وينڊلزم) جو خاتمو معمولي سنوار ھيٺ اچي ٿو
وڌيڪ روباٽ (Bots) اڪثر پنھنجي سنوارن کي بطور معمولي سنوار نشان لڳائيندا آھن.
وڌيڪ ڏسو
هي صفحو فرہنگ وڪيپيڊيا ۾ مذڪور آهي۔ |
🔥 Top keywords: مُک صفحووڪيپيڊيا:بابتمدد:مندرجاتٻين مھاڀاري جنگوڪيپيڊيا:نياتي بابوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريووڪيپيڊيا:مندرجاتوڪيپيڊيامدد:تعارفباب:ھاڻوڪا واقعاخاص:تازيون تبديليونوڪيپيڊيا:سنڌي لکت ڪيئن پڙهجيسانچو:This date in recent yearsنبي بخش بلوچزمرو:راڄڌانيونپاڪستانوڪيپيڊيا:عام غيرجوابداريناموخاص:ڳولازڪواتجنسي سنگمدد:صفحو ڄاڻڏکڻ آمريڪاسانچو:سنڌي تاريخانگريزي ٻولياڻ ٽر صورتحالاسمسانچو:This date in recent years/titleشاھ عبداللطيف ڀٽائيآڪاش منڊلسوانح نگاريبيتوڪيپيڊيا:ديوان عامڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرزمرو:ڏکڻ آمريڪازمرو:Short description matches Wikidataسانچو:Sindhi Alphabetآمريڪا جون گڏيل رياستونگوگلڪيوٽو