هاشميه يونيورسٽي

اردن جي سرڪاري يونيورسٽي

هاشميه يونيورسٽي (انگريزي: Hashemite University)، (مخفف: HU)[2] اردن جي رياست پاران هلائي ويندڙ يونيورسٽي آهي. هي يونيورسٽي 1995ع تي قائم ٿي. هي يونيورسٽي زرقا شهر ۾ آهي. تعليمي نظام ۾ هتي ڪلاڪن تي مشتمل پڙاهائي ٿيندي آهي، هر ڪاليج ۾ ڪلاڪن جو حساب الڳ آهي. هي اردن جي واحد يونيورسٽي آهي جتي گرمين ۾ ٻه سيمسٽر وارو نظام لاڳو ڪيو ويو. هي يونيورسٽي ڪيترن ئي شعبن ۾ ماسٽر ڊگري لاءِ شاگردن کي تعليم ڏي ٿي. هتي پرڏيهي شاگردن جي داخلا پڻ ڪئي ويندي آهي.

هاشميه يونيورسٽي
قسم عوامي
سرگرم 1995
چيئرمين ياسين الحسبن.[1]
وائيس چانسلر فواز العبد الحق
تدريسي عملو
609
شاگرد 29,803 (2017)
پتو زرقه، اردن
اردن
ڪيمپس شهري
8519 دائونم
رنگ نارنگي ۽ ڳاڙهو
        
لاڳاپا عالمي يونيورسٽين جي تنظيم،
اسلامي يونيورسٽين جون وفاق،
عرب يونيورسٽين جي تنظيم
ويب سائيٽ www.hu.edu.jo

جاءِ

هاشميه يونيورسٽي عالمي شاهراهه جي پاسي تي واقع اردن جي شهر زرقا ۾ قائم آهي. يونيورسٽي جو اولهه وارو در، جيڪو مُک در آهي اهڳ عالمي شاهراهه جي طرف آهي.[3]

تاريخ

19 جون 1991ع تي هاشميه يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ بادشاهي حڪمنامو جاري ٿيو. يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل باقائده 16 سيپٽمبر 1995ع تي شروع ٿيو. هي يونيورسٽي 8519 ايڪڙن جي وسيع ايراضي تي ڦهليل آهي.[4]

تدريسي شعبا

حوالا

36°11′02″E / 32.1032°N 36.1840°E / 32.1032; 36.1840