لاس اينجلس

لاس اينجلس (انگريزي: Los Angeles) آمريڪي رياست ڪئليفورنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق هن شهر جي آبادي 3898747 ماڻهن تي مشتمل آهي[8]. هي آباديءَ جي لحاظ کان آمريڪا جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ ميڪسيڪو سٽي ۽ نيو يارڪ کان پوءِ اتر آمريڪا کنڊ جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي.

لاس اينجلس، ڪيليفورنيا
شھر
Central Los Angeles skyline
Hollywood Sign
Griffith Observatory
Vincent Thomas Bridge
Los Angeles City Hall
Theme Building at Los Angeles International Airport
Venice Beach
گھڙيال جي ڪانٽن جي رخ ۾، مٿان کان: مرڪزي لاس اينجلس اسڪاءِلائين، گريفٿ آبزرويٽري، سٽي ھال، وينائس بيچ، ٿيم بلڊنگ، ونسينٽ ٿامس برج ۽ ھاليووڊ جو نشان
لاس اينجلس، ڪيليفورنيا
جھنڊو
لاس اينجلس، ڪيليفورنيا
مھر
عرفيت: لالا لينڊ ،ايل اي، فرشتن جو شھر، دنيا جي تفريح جو گاديءَ جو ھنڌ،
لاس اينجلس ڪائونٽيءَ جي نقشي ۾ لاس اينجلس ڳاڙھي نشان سان ڏيکاريل آھي
لاس اينجلس ڪائونٽيءَ جي نقشي ۾ لاس اينجلس ڳاڙھي نشان سان ڏيکاريل آھي
جاگرافي بيهڪ: 34°03′N 118°15′W / 34.050°N 118.250°W / 34.050; -118.250 118°15′W / 34.050°N 118.250°W / 34.050; -118.250
ملڪ آمريڪا جون گڏيل رياستون
رياست ڪيليفورنيا
ڪائونٽي لاس اينجلس
ريجن ڏکڻ ڪيليفورنيا
گڏيل شمارياتي پکيڙ لاس اينجلس - لانگ بيچ
ميٽروپوليٽن شمارياتي پکيڙ لاس اينجلس-لنگ بيچ-ايناھيم
پوئبلو (ننڍڙو شھر) 4 سيپٽمبر1781ع
شھري درجو مليو 23 مئي 1835ع
ميونسپالٽي جو درجو مليو 4 اپريل 1850ع
نالو پيو اسان جي خاتون، فرشتن جي راڻي
حڪومت
 • قسم ميئر ڪائونسل گورنمينٽ
 • مجلس لاس اينجلس سٽي ڪائونسل
 • ميئر Eric Garcetti (Democratic Party (United States)|D)[1]
 • سٽي اٽارني Mike Feuer (D)[1]
 • سٽي ڪنٽرولر Ron Galperin (D)[1]
پکيڙ[2]
 • ڪل 501.55 ميل2 (1,299.01 ڪ.م2)
 • زميني 469.49 ميل2 (1,215.97 ڪ.م2)
 • آبي 32.06 ميل2 (83.04 ڪ.م2)
بلندي[3] 305 ft (93 ميل)
بلند ترین  پیمائش[4] 5,074 ft (1,547 ميل)
گھٽ ترین  پیمائش[4] 0 ft (0 ميل)
آبادي (2020)[5]
 • ڪل 3,898,747

Map

لاس اينجلس واري علائقي ۾ چوماش (Chumash) ۽ ٽونگوا (Tongva) نالي اصلوڪن آمريڪين جا قبيلا آباد هئا. 1542ع ۾ هي علائقو اسپين جي هڪ سياح جان روڊريگوئيز ڪيبريلو ( Juan Rodríguez Cabrillo) فتح ڪيو. موجوده شهر جو بنياد 4 سيپٽمبر 1781ع تي رکيو ويو. ميڪسيڪو جي آزاديءَ واري جنگ دوران هي شهر 1781ع ۾ ميڪسيڪو ۾ شامل ٿي ويو. 1848ع ۾ هڪ ٺاهه تحت هي شهر ۽ ڪئليفورنيا جا ٻيا علائقا آمريڪا خريد ڪري ورتا. 4 اپريل 1850ع تي هن شهر کي ميونسپالٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. 1890ع واري ڏهاڪي ۾ هتان تيل جا ذخيرا هٿ اچڻ کان پوءِ هن شهر تيزيءَ سان ترقي ڪئي[9].

هي شهر آمريڪا جو هڪ وڏو معاشي ۽ ثقافتي مرڪز آهي. هتي 1932ع ۽ 1984ع واريون اولمپڪ رانديون منعقد ٿيون ۽ 2028ع واريون اولمپڪ رانديون پڻ هن شهر ۾ منعقد ٿينديون.

يورپي لوڪن جي اچڻ کان اڳ جي تاريخ

لاس اينجلس جي سامونڊي ڪناري جي آسپاس ”ٽونگوا“ ۽ ”چوماس“ قبيلن سان واسطو رکندڙ اصلوڪن رهواسين جون وسنديون قائم هيون. ھاڻوڪي لاس اينجلس واري هنڌ تي ”يانگا“ نالي هڪ وڏو ڳوٺ آباد هو[10].  1542ع ۾ پورچوگيز سياح ڪيبريلو (Cabrillo) هن علائقي تي قبضو ڪري اسپيني سلطنت جو بنياد وڌو[11]. ان کانپوءِ ڪيترائي اسپيني لوڪ هتي پهتا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي علائقو اسپيني ٻولي ڳالهائيندڙن جو مرڪز بڻجي ويو.

اسپيني حڪومت 

4 سيپٽمبر 1781ع تي 44 اسپيني لوڪن گڏجي هتي هڪ ننڍو شهر قائم ڪيو[12]. اسپيني ٻوليءَ ۾ ننڍڙي شهر کي Pueblo ڪوٺيو وڃي ٿو. انهيءَ ننڍڙي شهر تي Pueblo de Nuestra Señora la Reina de los Ángeles نالو رکيو ويو جنهن جي معنيٰ آهي ”اسان جي سانئڻ فرشتن جي عظيم راڻيءَ جو شهر“. 1820ع ڌاري هن ننڍڙي شهر جي آبادي وڌي 650 ٿي وئي[13].

ميڪسيڪو جي حڪومت

1821ع ۾ نئين اسپين (New Spain) جو بنياد رکيو ويو ۽ هي ننڍڙو شهر ميڪسيڪو جو حصو بنجي ويو. هن شهر کي الٽا ڪئليفورنيا (Alta California) جي گاديءَ جو هنڌ بنايو ويو[14].

1847ع کان هاڻوڪو دور

ميڪسيڪو ـ آمريڪا واري جنگ کان پوءِ 13 جنوري 1847ع تي هي علائقو آمريڪي حڪومت جي هٿ هيٺ آيو ۽ ميڪسيڪو حڪومت هتان ختم ٿي وئي. 1876ع ۾ هتي پهرين ريل جي پٽڙي وڇائي وئي[15]. هن ريل جي پٽڙيءَ نيو اورلينس (New Orleans) شهر کي لاس اينجلس سان ملائي ڇڏيو. ساڳئي ئي دور ۾ لاس اينجلس کي ريل رستي ڪنساس ۽ ڪولوراڊو سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن سان پڻ ملايو ويو. ان بعد هن شهر کي مختلف رستن (Roads) وسيلي آمريڪا جي مختلف حصن سان ملايو ويو. 1892ع ڌاري هتان تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا هٿ آيا، جنهن ڪري هن شهر تيزيءَ سان ترقي ڪئي ۽ 1900ع تائين هن جي آدمشماري 102،000 تائين پهچي وئي[16]. 1910ع ۾ هاليووڊ کي لاس اينجلس جو حصو بنايو ويو ۽ 1921ع تائين دنيا جي 80 سيڪڙو فلم انڊسٽري هن شهر ۾ پنهنجا خيما کوڙيا[17]. 1930ع تائين شهر جي آبادي ڏهن لکن کان به وڌي وئي ۽ 1932ع ۾ هتي اولمپڪ راندين جو ميلو سجايو ويو. ٻي عالمگير جنگ دوران هتي هوائي جهازن، سامونڊي جهازن ۽ ٻيو جنگي سازوسامان ٺاهڻ جا ڪيترائي ڪارخانا کليا. 1930 کان 1940ع واري ڏهاڪي ۾ هتي زرعي شعبي ۾ به نمايان ترقي ڏسڻ ۾ آئي. 1965ع ۾ هتي بدترين نسلي وڳوڙ ٿيا جن ۾ 34 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 1000 کان مٿي گهايل ٿيا.

هن شهر کي اهو اعزاز حاصل آهي ته دنيا ۾ انٽرنيٽ جو بنياد هن ئي شهر ۾ پيو جڏهن 1969ع ۾ لاس اينجلس جي مشهور”يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا“ کي ”اسٽينفورڊ يونيورسٽي“ سان انٽرنيٽ وسيلي ملايو ويو[18]. 1973ع ۾ ٽام براڊلي هتان جو ميئر چونڊيو. هو شهر جو پهريون آفريڪي آمريڪي (شيدي) ميئر هو جيڪو انهيءَ عھدي تي 1993ع تائين فائز رهيو[19]. 1984ع ۾ هتي ٻيو ڀيرو اولمپڪ رانديون منعقد ٿيون جن هتي وڌيڪ خوشحالي آندي. 2028ع ۾ هتي ٽيون ڀيرو اولپمڪ رانديون منعقد ٿينديون.

1994ع ۾ هتي خطرناڪ زلزلو آيو جنهن جي ڪري اٽڪل ساڍا ٻارهن بلين ڊالرن جو نقصان ٿيو ۽ 72 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا.

جاگرافي

لاس اينجلس جو سرڪاري وڻ ”ڪورل ٽري (Coral Tree)“
لاس اينجلس جو سرڪاري گل ”برڊ آف پيراڊائز“

لاس اينجلس شهر جي ڪل پکيڙ 502.7 چورس ميل (1302 چورس ڪلوميٽر) آهي[20]. اتر کان ڏکڻ رخ ۾ هن شهر جي ڪل ڊيگھ 44 ميل (71 ڪلوميٽر) ۽ اولھ کان اوڀر ۾ هن جي ڪل ڊيگھ 29 ميل (47 ڪلو ميٽر) آهي. شهر ميداني ۽ جابلو علائقن تي مشتمل آهي. هن شهر جي سڀ کان اوچي جبل جو نالو ”مائونٽ لُوڪنس“ (Mount Lukens) آهي جيڪو سئن فرنينڊو ماٿريءَ جي اتر اوڀر واري ڪنڊ ۾ واقع آهي. هتان جو سانتا مونيڪا جابلو سلسلو ”ڊائون ٽائون“ کان شروع ٿي پئسفڪ سمنڊ تائين هليو وڃي ٿو. هتان جي ٻين جبلن ۾ ”واشنگٽن جبل“، ”بُئائل هائيٽس“، ۽ ”بالڊون جبل“ شامل آهن.

لاس اينجلس ندي هتان جي سڀ کان مُکيہ ندي آهي جنهن جي ڊيگه اٽڪل 51 ميل (82 ڪلوميٽر) آهي.

لاس اينجلس ۽ ان جي آسپاس قسمين قسمين گل، ٻوٽا ۽ وڻ ماحول کي من موھيندڙ بنائين ٿا. برڊ آف پيراڊائينز (Bird of Paradise) ھتان جو سرڪاري گل آھي جڏھن تہ ڪورل ٽري (Coral Tree) ھتان جو سرڪاري وڻ آھي.

ماھرن جي چوڻ مطابق لاس اينجلس سميت ڏکڻ ڪيليفورنيا ۾ اٽڪل 10000 زلزلا ھر سال اچن ٿا پر انھن مان اڪثر زلزلن جي شدت ايتري تہ گھٽ ھوندي آھي جو انھن جا جھٽڪا بہ گھڻو ڪري محسوس نہ ٿيندا آھن. البت ماھرن جو چوڻ آھي تہ ھن سرزمين تي 110 کان 140 سالن کان پوءِ ھڪ خطرناڪ زلزلو اچي سگھي ٿو. ھن علائقي ۾ آخري وڏو زلزلو 1857ع ۾ آيو ھو انڪري ماھرن چتاءٌ ڏنو آھي تہ ايندڙ وڏو زلزلو ڪنھن بہ وقت ھن علائقي کي پنھنجي لپيٽ ۾ وٺي سگھي ٿو[21]،[22].

آبھوا

ھيٺ ڏنل چارٽ ٻڌائين ٿا تہ ھن شھر جي موسم سياري توڙي اونھاري ۾ ڪافي خوشگوار رھي ٿي، البت مينھن تمام گھٽ وسي ٿو. اونھاري جي ڀيٽ ۾ سياري ۾ ڪجهه وڌيڪ مينھن وسي ٿو. گھٽ مينھن۽ ڪارن ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ دونھن سبب ھي شھر ڌنڌ ۽ فضائي آلودگيءَ جو شڪارٿئي ٿو. ويجھڙائيءَ ۾ حڪومت فضائي آلودگيءَ کي گھٽائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ شروع ڪيا آھن.

Hottest and coldest, wettest and driest averages for a month (°F/inch and °C/mm), 1895–2019[23]
مھينوجنوريفيبروريمارچاپريلمئيجونجولاءِآگسٽسيپٽمبرآڪٽوبرنومبرڊسمبر
گرم ۾ گرم63.9 °F (17.7 °C)64.2 °F (17.9 °C)67.5 °F (19.7 °C)68.2 °F (20.1 °C)71.5 °F (21.9 °C)75.9 °F (24.4 °C)79.8 °F (26.6 °C)79.0 °F (26.1 °C)80.3 °F (26.8 °C)75.4 °F (24.1 °C)66.9 °F (19.4 °C)62.2 °F (16.8 °C)
ٿڌي ۾ ٿڌو46.7 °F (8.2 °C)51.1 °F (10.6 °C)52.0 °F (11.1 °C)55.2 °F (12.9 °C)57.2 °F (14.0 °C)62.9 °F (17.2 °C)66.2 °F (19.0 °C)66.3 °F (19.1 °C)63.1 °F (17.3 °C)57.8 °F (14.3 °C)55.2 °F (12.9 °C)49.4 °F (9.7 °C)
وڌ ۾ وڌ برسات14.43 انچ (367 mm)15.23 انچ (387 mm)10.44 انچ (265 mm)7.31 انچ (186 mm)3.83 انچ (97 mm)0.98 انچ (25 mm)0.43 انچ (11 mm)2.54 انچ (65 mm)5.13 انچ (130 mm)5.13 انچ (130 mm)9.96 انچ (253 mm)11.46 انچ (291 mm)
خشڪ ۾ خشڪ0 انچ (0 mm)0 انچ (0 mm)0 انچ (0 mm)0 انچ (0 mm)0 انچ (0 mm)0 انچ (0 mm)0 انچ (0 mm)0 انچ (0 mm)0 انچ (0 mm)0 انچ (0 mm)0 انچ (0 mm)0 انچ (0 mm)

آبادي، رنگ نسل

2010ع واري آدمشماريءَ مطابق لاس اينجلس ۾ 3792621 ماڻھو آباد ھئا. آباديءَ جي گھاٽائي 2913 في چورس ڪلوميٽر (8092.3 في چورس ميل) ھئي. انھيءَ آباديءَ مان 874525 (23.1 سيڪڙو) 18 سالن کان گھٽ ڄمار وارا، 434478 (11.5 سيڪڙو) 18 کان 24 سال عمر وارا، 1280367 (31.9 سيڪڙو) 25 کان 44 سال ڄمار وارا، 877555 (23.1 سيڪڙو) 45 کان 64 سال عمر وارا ۽ 396696 65 سال يا ان کان وڏي ڄمار وارا ماڻھو ھئا. انھيءَ آباديءَ ۾ ھر 100 عورتن لاِءِ 99.2 مرد موجود ھئا.

رنگ ۽ نسل

مختلف نسلن جي ماڻھن جو آباديءَ ۾ تناسب ھيٺين جدول ۾ ڏيکاريل آھي:

نسل1940[24]1970[24]1990[24]2010[25]2020[25]
اسپيني يا لاطيني7.1%17.1%39.9%48.5%46.9%
اڇي چمڙيءَ وارا (غير اسپيني)86.3%61.1%37.3%28.7%28.9%
ايشيائي (غير اسپيني)2.2%3.6%9.8%11.1%11.7%
ڪاري چمڙيءَ وارا يا آفريقي آمريڪي4.2%17.9%14.0%9.2%8.3%
ٻيا (غير اسپيني)N/AN/A0.1%0.3%0.7%
ٻن يا ٻن کان وڌيڪ نسلن وارا (غير اسپيني)N/AN/AN/A2.0%3.3%

مذھب

مذھبي وابستگي (2014ع)
عيسائي
  
65%
ڪيٿولڪ
  
32%
پروٽسٽنٽ
  
30%
ٻيا عيسائي فرقا
  
3%
بي مذھب
  
25%
يھودي
  
3%
مسلمان
  
2%
ٻڌ
  
2%
ھندو
  
1%
ٻين مذھبن وارا
  
1%

آمريڪا جي ٻين شھرن واگيان لاس اينجلس جا بہ اڪثر ماڻھو عيسائي مذھب سان واسطو رکن ٿا جن ۾ ڪيٿولڪ، پروٽسٽنٽ ۽ ٻيا عيسائي شامل آھن. 2014ع ۾ ھتان جي ماڻھن جي مختلف مذھبن سان وابستگي سامھون واري جدول ۾ ڏيکاريل آھي.

تعليم

ڪيليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽي، لاس اينجلس

هن شهر ۾ ٽي وڏيون سرڪاري يونيورسٽيون قائم آهن:

  • ڪئليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽي، لاس اينجلس ( State University , Los Angeles California )
  • ڪئليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽي، نارٿرج (California State University, Northridge)
  • يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا، لاس اينجلس (University of California, Los Angeles)

شهر ۾ خانگي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جو هڪ ڄار پکڙيل آهي، جن مان هيٺيان ادارا خاص ذڪر جي لائق آهن:

  • آمريڪن فلم انسٽيٽيوٽ ڪنزرويٽري (American Film Institute Conservatory)
  • ايليئنٽ انٽرنيشنل يونيورسٽي (Alliant International University)
  • آمريڪن اڪيڊمي آف ڊراميٽڪ آرٽس (American Academy of Dramatic Arts)
  • آمريڪن جيوئش يونورسٽي (American Jewish University)
  • ابرام لنڪن يونيورسٽي (Abraham Lincoln University)
  • دي آمريڪن ميوزيڪل ۽ ڊراميٽڪ اڪيڊمي (لاس اينجلس ڪئمپس)
  • اينٽيوڪ يونيورسٽي (Antioch University)
  • چارلس آر ڊريو يونيورسٽي آف ميڊيسن ۽ سائنس
  • ڪولمبيا ڪاليج هاليوڊ
  • ايمرسن ڪاليج
  • امپريرر ڪاليج
  • لاس ينجلس فلم اسڪول
  • لويولا ميريمائونٽ يونيورسٽي
  • ميريمائونٽ ڪاليج
  • يونيورسٽي آف سائوٿرن ڪئليفورنيا

حوالا