سليس چيني ٻولي

سليس چيني يا معياري چيني(انگريزي: Standard Chinese ) يا اترئين مينڊرين[6][7][8], معياري بيجنگ مينڊرين[9][9][10] يا آسان مينڊرين,[11] ھڪ مينڊرين لھجو آھي جيڪو مينڊرين ۽ چيني ٻولي جي ٻين قسمن جھڙوڪ: ڪينٽوني، ڏاکڻي من يا ھاڪيئن، معياري مينڊرين وغيره جي ڳالھائيندڙن لاء رابطي واري زبان آھي. معياري چيني گڏيل قومن، چيني سرزمين ، تائيوان ۽ سنگاپور جي سڀ کان وڏي ٻولي آھي. ٻين سائنيٽڪ ٻولين وانگر معياري چيني واڪي واري ٻولي آھي. ان ٻولي ۾ شروعاتي حروف صحيح ڪثرت ۾ آھن پر حروف علت، پويان حروف صحيح ٻين چيني ٻولين جي ڀيٽ ۾ گھٽ آھن.

سليس چيني
معياري چيني ٻولي
ٻولي جو وطن چين، تائيوان، سنگاپور
ٻولي ڳالهائيندڙ
مادري زبان وارا مقامي ماڻھو
ٻين ٻولي ڳالھائيندڙ: چين جا %70 ماڻھو جن مان %7 فصيح (2014)[1][2]
چيني-تبتي
  • سائنٽڪ
    • مينڊرين
      • بيجنگ مينڊرين
        • سليس چيني
پراڻي صورت
وچولي مينڊرين
لپي
روايتي چيني ٻولي
آسان چيني ٻولي
چيني برائلي
تائيواني برائلي
نشانن جا نمونا en:Line-handling templates
چيني ۾ دستخط ڪيل[3]
سرڪاري حيثيت
سرڪاري ٻولي وغيره
*  تائيوان (ڊي فيڪٽو; تائيواني مينڊرين)
ريگيوليٽر سانچو:Ill
ٻولي جا ڪوڊ
ISO 639-3
ISO 639-6 گويو (گئويو)
ھويو (ھوئيو)
cosc (پوٽانگوئا)
گلوٽولوگ نه ڪوبہ نه[5]
This article contains IPA phonetic symbols. Without proper rendering support, you may see question marks, boxes, or other symbols instead of Unicode characters. For a guide to IPA symbols, see Help:IPA.


چيني سرزمين ۾ عام نالو
روایتي چیني 普通話
آسان چیني اکر 普通话
لغوي معنیٰعام ڳالھ ٻولھ
تائيوان ۾ عام نالو
روایتي چیني 國語
آسان چیني 国语
لغوي معنیقومي ٻولي
سنگاپور ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ عام نالو
روایتي چیني 華語
آسان چیني 华语
لغوي معنیچيني ٻولي
اوڀر چين ۽ تائيوان جي نقشي ۾ مينڊرين چيني جي نمونن جي تاريخي ورھاست ڏيکاريل جن ۾ ھلڪي ناسي رنگ ۾ مينڊرين جي بيجنگ لھجي واري معياري چيني ٻولي ڏيکاريل آهي

1912ع ۾ جمهوريه چين جي قيام سان ھڪ مشترڪ چيني ٻولي جي قيام لاء ڪافي پيش رفت عمل ۾ آئي. سڄي ملڪ مان نمائندگي ڏيندي چيني ٻولي جي اچارن کي ھموار ڪرڻ لاء قومي ٻولي جي ڪميشن قائم ڪئي وئي. ان ڪميشن بيجنگ واري چيني لھجي کي معياري چيني ٻولي جو درجو ڏنو ۽ 1932 ۾ لغت تيار ڪئي وئي جنھن ۾ اڳي وارين لغتن جي اچارن کي بيجنگ واري لھجي ۾ آندو ويو. عوامي جمھوري انقلاب بعد 1956ع ۾ عوامي جمهوريه چين جي معياري ٻولي جي ڪيل تشريح مطابق "پوٽانگوئا" جديد چيني ٻولي جي معياري صورت آھي جنھن ۾ بيجنگ وارو صوتي نظام ان جي اچارن جي معيار طور شامل آهن، ۽ اتريان لھجا ان جي لھجي جو بنياد آھن[12].

حوالا