شاھڪار

شاهڪار __(Master Piece)

شاهڪار مان مراد آهي بهترين تخليقي ڪارنامو. هيءُ اصطلاح ڪيترين صورتن ۾ استعمال ٿيندو آهي. مثال طور: ڪنهن فنڪار جي بهترين تخليق، ناول، مثنوي، ڪهاڻي، نظم، تصوير وغيره، ڪنهن دور جي بهترين تخليق، ڪنهن زبان ۾ ڪنهن خاص صنف طور ادب جي دائري ۾ بهترين تخليق، ۽ ڪنهن خاص ادبي صنف ۾ عالمي سطح جي بهترين تخليق. [1]

حوالا