شري اروبندو

سري اروبندو (جنم اوروبندو گهوش; 15 آگسٽ 1872 – 5 ڊسمبر 1950) 15 آگسٽ 1872ع ڌاري ڪلڪته ۾ ڄائو. هوهڪ هندستاني فلسفي ، يوگي ، گرو ، شاعر ، ۽ قومپرست هو.[1] هن برطانوي راڄ مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ هندستاني تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي.ڪجهه عرصي لاءِ هو ان تحريڪ جو هڪ بااثر اڳواڻ رهيو ۽ پوءِ هڪ روحاني سڌارڪ بنيو ، هن انساني ترقي ۽ روحاني ارتقا بابت پنهنجا ويچار ونڊيا.سندس پتا جو نالو ڪرشن ڌن گهوش ۽ سندس ماتا جو نالو سوارنلتا ديوي هو.اروبندو گھوش انگلينڊ جي ڪنگز ڪاليج ، ڪئمبرج ، انگلينڊ ۾ موجود انڊين سول سروس مان تعليم ورتي. هندستان واپس اچڻ تي هن رياست بڙودا جي مهاراجا جي ماتحت ڪيتريون ئي شهري خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ قومپرست سياست ۽ بنگال جي انقلابي تحريڪ ۾ وڏي دلچسپي رکي. برطانوي سرڪار کيس غداري جي الزام ۾ قيد ڪيو پر جرم ثابت نه ٿي سگهيو ، کيس برطانوي حڪومت جي خلاف مقالا لکڻ جي سزا ڏني وئي. جڏهن ڪو ثبوت نه مليو ، ته کيس آزاد ڪيو ويو. قيد جي دوران ، اروبندو کي ڪجهه روحاني تجربا حاصل ٿيا. آزاد ٿيڻ کانپوءِ هو پونڊچيري ۾ اچي رهيو. هن سياست ترڪ ڪري روحانيت سان وابستگي اختيار ڪئي.پانڊيچري ۾ رهڻ دوران ، سري اروبندو روحاني مشق جو هڪ طريقو تيار ڪيو، جنهن کي هن هن انٽيگرل يوگا سڏيو. هن جي نظرين جو موضوع انساني زندگي کي آسماني زندگي ۾ بدلائڻ.هو .[2]

شري ارونبدنو گھوش

حوالا