شيشو

شيشو واريءَ جي ذرن مان ٺھيل ھڪ شفاف مواد ھوندو آھي. شيشو ڪيترن ڪمن ۾ آندو ويندو آھي جن ۾ ٿانوَ ٺاھڻ، در دريون ٺاھڻ، چادرون ٺاھڻ، گلدان ٺاھڻ وغيره شامل آھن.

شيشي جي دري

طب

شيشو:نالا: ع. زجاج، ف. آبگينه، هه: وغيره___ ڪانچ، قوارير درسومارس ۽ قيطورس.اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: مٿي جو سور ۽ پيچش پيدا ڪري، ميل: ڪتيرو، عيوض: زبرحد، وزن: هڪ رتي.سڃاڻپ: مشهور معدني پيدائش آهي.خاصيت: سرمي سان گڏ پيهائي استعمال ڪرڻ سان نظر کي طاقت ملي ٿي، ڌنڌ، ڦلي ۽ اک جي خارش لاءِ مفيد آهي. ڦلائي کائڻ سان مثاني ۽ گردي جي پٿري ۽ رائي کي دفع ڪري ٿو. هن جو سفوف ڏندن جو سور لاهي ٿو ۽ ڏندن کي صفا ڪري چلڪائي ٿو.[1]

حوالا