مڌيا پرديش


مڌيا پردیش(انگريزي: Madhya Pradesh) (MP) ; /ˌmʌdjə prəˈdɛʃ/, ھندي

مڌيا پرديش
رياست
مٿان کان ھيٺ ، کاٻي کان ساڄي طرف:يادگارن جو کجراھو گروپ, سانچي وارو عظيم اسٽوپا, مانڊو وارو قديم شھر, ڪانھا نيشنل پارڪ ۾ ھڪ ھرڻ، ماربل جون ٽڪريون، ڀيمڀيٽڪا پھاڙي پناھگاھون ۽ ڪنڊالپور جين مندر
ڀانڃ: مڌيا ( معنيَ: ' وچيون') ۽ پرديش (معني: 'صوبو يا خطو')
مڌيا پرديش انڊيا جي نقشي ۾ ڏيکاريل
مڌيا پرديش انڊيا جي نقشي ۾ ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 23°15′00″N 77°25′01″E / 23.25°N 77.417°E / 23.25; 77.417 77°25′01″E / 23.25°N 77.417°E / 23.25; 77.417
ملڪ  ڀارت
خطو مالوا , بنديل کنڊ , باغيل کنڊ, نمار , مھاڪوشال ۽ گرد ( گرد واري خطي ۾ چمبل پڻ شامل آهي )
قيام 1 نومبر 1956
گاديءَ جو هنڌ ڀوپال
وڏي ۾ وڏو شھر اندور
مڌيا پرديش ۾ ڪل ضلعا 52
حڪومت
 • مجلس مڌيا پرديش جي حڪومت
 • گورنر آنندبين پٽيل
 • وزيراعلي ڪمل ناٿ (آء اين سي)
 • ليجسليچر ھڪ ايواني (230 سيٽون)
 • ھاء ڪورٽ مڌيا پرديش ھاء ڪورٽ
پکيڙ
 • رياست 308,252 ڪ.م2 (119,017 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو پکيڙ مطابق انڊيا جي رياستن ۾ ٻيون نمبر
آبادي (2011)[1]
 • رياست 72,626,809
Symbols
ٻولي ھندي
گانو مڌيا پرديش گان
ناچ مانچ
جانور ٻارھن سڱو
پکي انڊين پيراڊائيز فلاء ڪيچر
مڇي مھسير[2]
گل اڇو للي
ميوو انب
وڻ بڙ جو وڻ
 [ˈmədʱjə pɾəˈdeːʃ] (About this sound ٻڌو) جنھن جو پراڻو نالو سينٽرل پراونس يا سي پي ھيو; وچ انڊياجي ھڪ رياست جو نالو آهي جنھن جي گادي جو هنڌ ڀوپال شھر آھي ۽ وڏي ۾ وڏو شھر اندور آهي ۽ ٻيا وڏا شھر جبالپور، گواليار ، اجئين ۽ ساگر آھ.. ھن رياست کي ان جي مقام جي ڪري انڊيا جي دل پڻ چوندا آهن. پکيڙ ۾ ھي انڊيا جي ٻين ۽ آبادي ۾ پنجين وڏي رياست آھي جنھن ۾ ساڍا ست ڪروڙ ماڻهو رھن ٿا

جاگرافي

ھن رياستجي اتر اوڀر ۾ اتر پرديش، ڏکڻ اوڀر ۾ ڇتيس ڳڙھ، ڏکڻ ۾ مھاراشٽر، اولھ ۾ گجرات، اتر اولھ ۾ راجھستان آھي. ھن رياست جي ڪل پکيڙ 308,252 km2 آھي. سن 2000 عيسويءَ کان اڳ جڏهن ڇتيس ڳڙھ مڌيا پرديش جو حصو ھيو تہ ھي رياست ملڪ جي سڀ کان وڏي رياست ھئي. ھن رياست جي اوڀر کان اولھ طرف نرمدا درياء وھي ٿو. ھن رياست جو بلند ترين مقام ڌوپ ڳڙھ آھي جيڪو سامونڊي سطح کان 4429 فٽ بلند آھي.[7]


مڌيا پرديش جو طبعي نقشو

مڌيا پرديش جي سڀ کان وڏي ندي نرمدا آهي ان جي شاخن ۾ بنجر، تاوا ندي، مچنا, شاڪار ندي، دينوا ۽ سون ڀادرا نديون شامل آهن. ھي ندي علائقي م مقدس سمجھي ويندي آهي۽ ان جي پوڄا پڻ ڪئي ويندي آهي

تاريخ

ڇھين صدي ق م ۾ اجئين ھن علائقي جي ھڪ وڏي مرڪز طور اڀريو ھيو ء اھو ايوانتي بادشاھت جو گاديءَ جو هنڌ ھيو. ٻين بادشاھتن جھڙوڪ:, دسارنا، مالوا، ڪاروشا ۽ نشاد جو ذڪر پراڻن رزميہ قصن ۾ مليو آهي جيڪي پڻ ھن موجوده رياست جو حصو آهن. 320 ق م ۾ ھي علائقو چندر گپت موريا جي ايمپائر جو حصو ٿي ويو. ھي علائقو اشوڪ موريا جي ايمپائر جو پڻ حصو رھيو. موجوده رياست جي علائقي ۾ قديم مھاجنپدا وارو خطو پڻ شامل آهي. ارڙھين صدي جي شروعات ۾ ھي علائقو ڪيترين ئي ننڍہن بادشاھتن ۾ ورھايل ھيو جن تي پوء برٽش ايمپائر قبضو ڪيو. انگريزن انھن سڀني کي ملائي سينٽرل پراونسز اينڊ بيرار ۽ سينٽرل انڊين ايجنسي قائم ڪيا. انڊيا جي آزادي بعد مڌيا پرديش رياست قائم ڪري ناگپور ۾ ان جي گادي جو هنڌ رکيو ويو. ان نئين رياست ۾ موجوده رياست جو ڏاکڻو حصو ۽ موجودہ مھاراشٽر جو اتر اوڀر وارو حصو شامل ھيا. 1956 ۾ اسٽيٽس ري آرگنائيزيشن ايڪٽ تحت ھن رياست جي ان وقت جي حصن کي مڌيا ڀارت ، ونڌيا پرديش ۽ ڀوپال رياست سان ملائي نئين مڌيا پرديش رياست قائم ڪئي وئي. ان م مراٺي يا مرھٽي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻھن جو ودارڀا علائقو ھن رياست کان ڌار ڪري بمبئي رياست م شامل ڪيو ويو. 2000 ۾ ھن رياست جي ھڪ حصي کي ڌار ڪري ڇتيس ڳڙھ رياست قائم ڪئي وئي.

معيشت

انڊيا جي معيشت ۾ ھن رياست جي معيشت جو ڏھون نمبر آھي، 8.9 لک پائونڊ ۽ ان جي گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ يا جي ڊي پي في ڪس 90,000 ({{INRConvert/اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "[".|90|3||USD|year={{{year}}}}}) آھي. انساني ترقي جي اشاريي مطابق انديا جي رياستن م ھن رياست جو مقام ڇويھون آهي.ھن رياست ۾ انڊيا جا سڀ کان وڌيڪ ھيرا ۽ ٽامو نڪرن ٿا. ھن رياست جي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين ٻيلن تي مشتمل آهي. ھتان جي سياحتي صنعت ۾ بہ ڪافي واڌارو آيو آهي.

انتظامي ورھاست

مڌيا پرديش جي ورھاست ڏھ ڊويزنن ۾ ٿيل آهي جن ۾ 52 ضلعا واقع آھن.[8]

  • ڀوپال ڊويزن
  • چمبل ڊويزن
  • گواليار ڊويزن
  • اندور ڊويزن
  • جبالپور ڊويزن
  • نرمداپورم ڊويزن
  • ريوا ڊويزن
  • ساگر ڊويزن
  • شاھدول ڊويزن
  • اجئين ڊويزن



شمارنالوضلعوقسم*آبادي 2011مردعورتونآبادي


5سالن کان گھٽ

تعليمي شرح
1اندور اندور ضلعو شھر2,167,4471,129,3481,038,099254,10886.73
2ڀوپالڀوپال ضلعو شھر1,883,381985,408897,973217,41585.29
3جبالپورجبالپور ضلعو شھر1,267,564663,096604,468128,67989.13
4گواليارگواليار ضلعوUA1,101,981588,752513,229120,34785.10
5اجئيناجئين ضلعوشھر515,215265,291249,92457,63085.55
6ساگرساگر ضلعوUA370,296194,659175,63743,83589.98
7ديواس ديواس ضلعو شھر289,438150,193139,24534,43585.83
8ساتنا ساتنا ضلعو شھر283,004149,460133,54434,43586.33
9رتلام رتلام ضلعو UA273,892139,766134,12629,39787.89
10ريواريوا ضلعو شھر235,422124,634110,78824,23487.74
11مروارا(ڪاٽني)ڪاٽني ضلعوشھر221,875115,463106,41225,16887.42
12سنگرائوليسنگرائولي ضلعو شھر220,295117,276103,01929,56977.35
13برھانپور برھانپور ضلعوشھر210,891108,234102,65728,10781.70
14کانڊوا کانڊوا ضلعو شھر200,681102,87397,80224,07986.98
15ڀنڊڀنڊ ضلعوشھر197,332105,39491,93824,48684.20
16ڇندواراڇندوارا ضلعوUA190,00897,04092,96819,22789.25
17گوناگونا ضلعوشھر180,97894,64586,33323,75781.71
18شوپوريشوپوري ضلعوشھر179,97295,22784,74522,68379.24
19ڇترپورڇترپور ضلعو UA147,68878,07069,61818,31278.46
21داموھ داموھ ضلعو UA147,51576,95170,56417,51986.94
22مانڊسئور مانڊسئور ضلعو شھر141,46872,37069,09815,72186.79
23کارگوني کارگوني ضلعو UA133,36168,67264,68916,66283.01
24نيموچ نيموچ ضلعو UA128,57567,56661,00915,00885.88
25پٿامپور ڌار ضلعوشھر126,0970,57755,52220,43882.73
26ھوشنگ آبادھوشنگ آباد ضلعو شھر117,95661,61056,34613,01287.97
27اتارسيھوشنگ آباد ضلعوUA114,43059,38255,05811,83290.30
28سيھور سيھور ضلعو UA109,02556,39752,62812,86985.48
29بيتلبيتل ضلعو شھر103,34152,90250,43911,00590.27
30سيئونيسيئوني ضلعو شھر102,37752,35450,02310,41391.16
31داتيا داتيا ضلعو شھر100,46652,93147,53512,21880.54
32ناگدا اجئين ضلعوشھر100,03651,41048,62611,05381.61

حوالا

تصوير خانو