سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

سفارتخانو
بزمِ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا Jani javedali arbi

السلام عليڪم! اسان اميد ڪريون ٿا تہ توھان سنڌي وڪيپيڊيا جي لاء بھترين اضافو ثابت ٿيندئو.

  • وڪيپيڊيا ھڪ کليل ڄاڻ چيڪلو آھي جنھن کي اسان سڀ ملي ڪري لکندا ۽ سنواريندا آھيون. وڪيپيڊيا منصوبي جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏھن تہ سنڌي وڪيپيڊيا فيبروري 2006ع ۾ عمل آئي. في الحال ھن وڪيپيڊيا ۾ 16,912 مضمون موجود آھن.
  • ھن چيڪلي (انسائيڪلوپيڊيا) ۾ توھان مضمون نويسي، سنوار ۽ تصحيح کان پھريان ھيٺين صفحن تي ضرور نظر وجھو.
  • صفحن جي ظاھريت جي تبديلي ۽ طریقيڪار جي لاءِ ڏسو ترجيحون.

اصول ۽ قاعدا

توھان جو واپرائيندڙ ۽ بحث صفحو
ھتي توھانجو مخصوص واپرائيندڙ صفحو بہ ھوندو جتي توھان پنھنجو تعارف لکي سگھو ٿا، ۽ توهانجي واپرائيندڙ بحث تي ٻيا رڪنَ توھان سان رابطو ڪري سگھن ٿا ۽ توھان ڏي پيغام موڪلي سگھن ٿا.

  • ڪنھن ٻئي رڪن کي پيغام موڪلڻ وقت ھنن امرن جو خاص خيال رکو:
    • جيڪڏھن ضرورت هجي تہ پيغام کي عنوان ضرور ڏيو.
    • پيغام جي آخر ۾ پنهنجي صحيح ضرور وجھو، ان جي لاءِ هي علامت درج ڪريو--~~~~ يا ھن () بٽڻ تي ٽڙڪ ڪريو.
    • اظھار بحث جي آدابن جو خصوصي خيال رکو.

تعاون

  • وڪيپيڊيا جي ڪنھن بہ صفحي جي سڄي پاسي ڳوليو جو خانو نظر ايندو آھي. جنھن موضوع تي مضمون ٺاھڻ چاھيو تہ ڳوليو جي خاني ۾ لکو، ۽ ڳوليو تي ٽڙڪ ڪريو.
  • توھان جي موضوع سان ملندڙ جلندڙ صفحا نظر ايندا. اھو اطمينان ڪرڻ کان پوء تہ توھان جي گهربل موضوع تي پھريان کان مضمون موجود ناھي، توھان نئون صفحو ٺاھي سگھو ٿا واضع هجي تہ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ مضمون ٺاھڻ جي اجازت ناھي. توھان ھيٺ ڏنل خانو بہ استعمال ڪري سگھو ٿا.

  • لکڻ کان پهرئين ھن ڳالھ جو يقين ڪريو تہ جنھن عنوان تي توھان لکي رھيا آھيو ان تي يا ان سان ملندڙ عنوانن تي وڪي ۾ ڪوئي مضمون نہ ھجي. ان جي لاء توھان ڳوليو جي خاني ۾ عنوان ۽ ان جا هم معنيٰ لفظ (اهڙا لفظ جن جي معني هڪ هجي) لکي ڳولا ڪريو.

-- توھان جي مدد جي لاء ھر وقت حاضر، اوهان جو خادم --KaleemBot (ڳالھ) 16:54, 25 فيبروري 2024 ( يو.ٽي.سي)

شاعري

غزل :: جاني جاويد علي

پيــر هــن جــو نشان ٿــو ڳولي

يـــــــار جـــو آسـتان ٿــو ڳولي

پــيار آبـــاد ھــو جـــتي ھن جو

ڪو وڃـايـل مڪان ٿـو ڳولي

ھن  سـجـايا خواب ھا جيڪي

اجـــڙيــــل گلـســـتان ٿــو ڳولي

سو چپن تـي پــيار جو تبســــم

ڪو خوشي جو زمان ٿو ڳولي

ڪنھنجي اڻــپور هــي ڪھاڻي آ

انـت جـــو داســـتان ٿــو ڳولي

ھنجي دل ۾ اڃان ڪٿي ھوندو

چاھتن جو جھان  ٿـــو ڳولي

عشــق ھــن ۾ مـگن رھي گـم ســم

ارض کـــان آســـمان ٿــــو ڳولي

ـ جاني جاويد علي ـ 2

پُڇي   ٿي   زندگي  ڏَس زندگي جو

هَلي  ٿو ڪونَ ڪو وَس زندگي جو

لُڇي  ٿو   آدِمي  ڪو  سج  تتي جو

پگهر  ٿي  ٿو  وَهي  رس زندگي جو

کِلون  ٿا  بس  زماني  ڪاڻ  دوست

اهو    آ   حال  بيڪَس  زندگي  جو

صَدا  خاموش  هر ڪا ٿي وئي ڄڻ

مَروٽي  هن   وڌو  نَس  زندگي جو

مَٽائڻ   راھ   چاهي   هر   گهڙي   آ

اچي  توڏي  پيو   گَس   زندگي  جو

ڇَڏي   آ   وقت   زَنگي  زندگي  ڀي

لَهي پر ڪيئن سو ڪَس زندگي جو

جاني جاويد علي 3

وڃين ٿو پري جو ڊھي ٿو وڃان مان

اچين ٿو سري جي ٺھي ٿو وڃان مان

ڏسي جو پيو يار مرڪي تون مون ڏانهن

وڏي ضد تان جلدي لھي ٿو وڃان مان

خطا ڪون ڪائي ڪري ٿو سگهان مان

ستم سون تنهنجا سھي ٿو وڃان مان

ڇڪين جو پيو ھٿ وجهي هٿ ۾ ساٿي

ٿي بي جان ڄڻ ڪا ٿھي ٿو وڃان مان

تون مون ۾ سدائين  رھين يار شامل

۽ نيڻن مان تنهنجي وهي ٿو وڃان مان

وائي

جاني جاويد علي

خواب هن  ،  ٽٽي پيا

                             پيار جا پيار جا

اڱڻ اسان ، جي تي اچي

گهڙي ، ته ڪا ، پکي رهيا

                             پيار جا  پيار جا

ڏسي نظر ، ٿڪي پئي

مٽي جو ، دڳَ هو  ويا

                          پيار جا  پيار جا

اسانکي ڇو ، جدا ڪري

عذاب هو   ، ڏئي   ويا

                            پيار جا  پيار جا

مٿي تي هٿ ، رکي ته هن

وڏا وڏا ، قسم کنيا

                             پيار جا  پيار جا

ڏٺا جو ، ميل محبتن جا

وري ڪي ، پور هن پيا

                           پيار جا  پيار  جا&#32؛Jani javedali arbi (ڳالھ) 18:18, 28 فيبروري 2024 ( يو.ٽي.سي)