هي صفحو وڪيپيڊيا جي حڪمت عمليءَ سان لاڳاپيل آهي،جنهن کي وڪيپيڊيا مرتب ڪندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي گڏوگڏ هي سڀني واپرائيندڙن جي لاءِ واجب پيروي معيار آهي۔ توهان هن صفحي ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا، پر خبردار اهو خيال رهي ته توهان جي ڪاءِ به ترميم ڪنهن اتفاق راءِ جي خلاف نه هجي۔
سانچو:سرنامو اختيارا/ڌاڳو
وڪيپيڊيا ۾ مُتحرڪ خودڪار يوزرز (واپرائيندڙن) کي روباٽ چيو ويندو آهي، جيڪي روباٽ جو مُخفف آهي۔ هي روباٽ ڪنهن متعين ڪمپيوٽر لينگوئج ۾ لکيو ويندو آهي۔ تہ جيئن اهڙا ڪَمَ انجام ڏئي سگهجن جيڪي سڌوسنئون انساني هٿن ذريعي مشڪل سان يا دير سان سرانجام ٿيندا آهن؛ مثلاً بين الوڪي رابطا (ڱنڍڻن) جي درآمدگي، مناسب زمرا ۽ نئين يوزر (واپرائيندڙ) جي لاءِ پيغام ڀليڪار (خوش آمديد) جو اندراج۔ هي روباٽ مختلف ٻولين جي وڪيپيڊيائُن ۾ ڪثرت سان استعمال ٿي رهيا آهن۔ هر روباٽ جو الڳ مخصوص يوزر (صارف، استعمال ڪندڙ، واپرائيندڙ) کاتو هوندو آهي، جت روباٽ جي ڪارڪردگي ۽ روباٽ جي مُنتظم سان رابطي جا ذريعا تحرير ڪيا ويندا آهن۔ آغاز ۾ هر نئين روباٽ جي ڪارڪردگيءَ جي نِگراني ضروري آهي، ته جيئن ڪنهن به غلطيءَ جي واقع ٿيڻ تي فوراً درست ڪري سگهجي ۔ روباٽ جي ذمي ضروري آهي ته وڪيپيڊيا جي روباٽ حڪمت عملي جي شرطن تي پورو لهي۔ سڀني واپرائيندڙ روباٽ جي ڪارڪردگيءَ تي نظر رکن ۽ ڪنهن به طرح جي خطا پيش اچڻ تي روباٽ (باٽ) جي مُنتظم سان رابطو ڪن. رابطو ڪرڻ تي روباٽ جو مُنتظم جواب نه ڏئي ۽ روباٽ لڳاتار غلطيون ڪري رهيو هُجي ته اهڙي صورت ۾ روباٽ تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي۔ تعمير ۽ تجربي جي مرحلن سان ڪاميابيءَ سان گذرڻ کان بعد بيوروڪريٽ انکي خودڪار يوزر جو درجو ڏيندا آهن۔ ان کان بعد روباٽ جون ترميمون تازين تبديلين ۾ نظر نه ٿيون اچن۔