پاڪستاني عام چونڊون، 2018

عام چونڊون

2018ع جون عام چونڊون 25 جُولاءِ 2018ع تي ٿي گذريون. [2] جون 2017ع ۾ اڪنامڪ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي پاڪستان نئين سرڪاري ڇاپي خاني جي قيام جي قرارداد منظور ڪئي، جنهن جي مطابق اُنکي جون 2018ع تائين 864 ملين روپيا بطور قرض ادا ڪيو وڃي ته جيئن نوان ووٽ ڇاپيا وڃن۔ نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي وڌيڪ هدايت ڪئي وئي ته شفاف چُونڊُن جي قيام لاءِ نئون سافٽ وئيرن ۽ جديد اوزارن جي حصول ۾ مدد ڪريو۔ وزير قانون زاهد حامد بيان ڏنو ته اُهي فردَ جيڪي 18 سال جي عمر تائين پهچي چڪا هُجن، اُنهن جي قومي شناختي ڪارڊ جي اجراءَ لاءِ اُنهن جي نالن جي فهرست تيار ڪئي ويندي ۔

2018ع پاڪستاني عام چونڊون
پاڪستان
2013ع →
25 جولاءِ 2018ع← ايندڙ
پاڪستان جي 14ھين قومي اسيمبلي جي رڪنن جي فھرست ←← پاڪستان جي 15ھين قومي اسيمبلي جي رڪنن جي فھرست

راءِ شماري
ٽرن آئوٽ55.8%[1] ( 0.8pp)
 
جماعتپي ٽي آئيپي ايم ايل (ن)پ پ پ
عوامي ووٽ16,903,70212,934,5896,924,356
سيڪڙو31.82%24.35%13.03%


وزيراعظم چونڊن کان پهرئين

شاھد خاقان عباسي
پي ايم ايل (ن)

چونڊيل وزيراعظم

عمران خان
پي ٽي آئي

دهشتگردي

چونڊ مهم دوران دهشتگرد ڪاروايون 10 جُولاءِ يعني چونڊن کان 15 ڏينهن اڳ شروع ٿيون. 10 جُولاءِ تي پشاور ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي چونڊ ۾ مهم ۾ ڌماڪي سبب، بشير بلور جي پٽ هارون بلور سميت 22 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي پيا.[3]13 جُولاءِ تي بنو ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي چونڊ مهم کي بم سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 قتل ۽ 25 زخمي ٿي پيا.[4] ان کان پوءِ مستونگ، بلوچستان ۾ چونڊ مهم دوران ڌماڪي ۾ اسلم رئيساڻي سميت 149 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 186 زخمي ٿي پيا.[5] 22 جُولاءِ تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ خودڪش بم ڌماڪي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار اڪرام الله گنڊاپور قتل ٿي ويو.[6] 25 جُولاءِ يعني چونڊن واري ڏينهن تي ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 31 ماڻهو قتل ٿيا.[7]

تڪرار

فارم 45

فارم 45 هڪ ڪاغذ هوندو آهي، ۾ جنهن هڪ پولينگ اسٽيشن ۾ چونڊن کان پوءِ، ڪنهن اڳواڻ ڪيترا ووٽ کنيا ان جا تفصيل لکيل هوندا آهن، ان فارم ۾ رٽرننگ آفيسر ۽ چونڊ عملي جون صحيحون موجود هونديون آهن.[8] ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فيصل سبزواري چونڊون ختم ٿيڻ جي ڪجهه وقت کان پوءِ ئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته انهن کي فارم 45 تي نتيجا ڏيڻ بجاءِ سادي ڪاغذ تي نتيجا ڏنا پيا وڃن. [9] پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف لاهور ۾ چونڊون ختم ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندن ڪيترن ئي پولنگ ايجنٽن کي فارم 45 تي سرڪاري نتيجا نه پيا ڏن وڃن.[10] ساڳي قسم جا الزام پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پڻ پريس ڪانفرنس ڪندي هنيا ته فارم 45 بجاءِ خالي پنن تي نتيجا جاري ڪيا پيا وڃن.[11] اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح الزامن کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هر پولنگ اسٽيشن تي فارم 45 موجود آهي، جن پارٽين کي شڪايتون آهن اهي اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائين.[10]

نتيجن ۾ دير

ڇونڊون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نتيجا اچڻ ۾ ڪافي دير ٿي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح مطابق نتيجن ۾ ديري جو سبب ٽيڪنيل مسئلو هو، جيڪو اليڪشن ڪميشن پاران ٺاهيل هڪ ايپ جو درست ڪم نه ڪرڻ سبب ٿيو. هن چيو چونڊ نتيجن ۾ تاخير ڪنهن جي دٻاءُ سبب ناهي، پر آر ٽي ايس جي خرابي سبب دير ٿي آهي. اليڪشن ڪميشن جي مطابق اهو ايپ پهرين دفعا پاڪستان ۾ استعمال ڪيو ويو ان کان اڳ اهو طريقار اپنايو نه ويو هو.[12]

وڌيڪ ڏسو

  • پاڪستان ۾ 2018ع

حوالا