ڳورپٽ

ڳورپٽ (انگريزي: Ratel) يا (Honey Badger) :ڳورپٽ بنيادي طور تي آفريڪي ايشيائي نسل آهي. ڳورپٽ جي مادي کي ڳونهاري چئبو آهي. ڳورپٽ بي ڊپو جانور آهي ۽ بهادريءَ سان وڙهندو آهي. جڏهن ڪو جانور ان تي حملو ڪندو آهي ته ويڙھ دوران ڪني ڌپ ڇڏيندو آهي. ان جي کل جسم تي ڍرڙي ۽ مضبوط ٿئي ٿي، ان ڪري ان کي ڌڪ ۽ زخم کان بچاءُ رهي ٿو. هي هڪ ڪرنگھي وارو گوشت خور جانور آهي. هي صحرا، چراگاھن، ٻيلن ۽ رهندا آهن. خوراڪ ۾ ماڪوڙا، ڪوئا، پکي، ڪِرڙيون ۽ ماکي شامل اٿس. ماکي ۽ ماکيءَ جي لاروا (ڪيٽ) جو تمام شوقين آهي. ڏرڙن ۾، وڻن جي پاڙن ۽ لوگھن ۾ رهندو آهي ۽ وڻن تي به چڙهندو آهي، رات جو نڪرندو آهي.

Ratel
Temporal range: وچولو Pliocene –

تازو

سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix):ميليوورا
جنس:Template:Taxonomy/ميليوورا{. capensis
حياتياتي نالو
ميليوورا capensis
(جوھان ڪرسچن ڊينئل وان شريبر , 1776)
ورھاست
نمبر شمارسنڌي نالوانگريزي نالوسائينسي نالو
1ڳورپٽHoney BadgerMellivora Capensis

جسم جي بناوت

ڳورپٽ جانور 2 کان 3 فٽ ڊگھو ٿيندو آهي. پڇ وڌ ۾ وڌ 8 کان 12 انچ هوندو اٿس. سرمائي سليٽي بجدار پٺيءَ واري هن جانور جو رنگ منهن کان سڄو پيٽ، ٽنگون ۽ پچ جو هيٺيون حصو ڪارو ٿيندو آهي. چنبا تمام مضبوط هوندا اٿس، خاص ڪري اڳيان جن جي مدد سان شڪار ۽ کوٽائيءَ جو ڪم ڪندو آهي. انهن جي چنبن جي مدد سان اهو ڪڏهن ڪڏهن قبرون کوٽي سگھي ٿو، انڪري ڳور(قبر) پٽ (پٽيندڙ) نالو پيو. هونئن به ڳورپٽ پنهنجو ٻر زمين ۾ هيٺ ڪافي اونهو ٺاهيندو آهي. اهو ڪڏهن ايترو هيٺ هوندو آهي جو پاڻيءَ جي سطح تائين وڃي پهچندو آهي.

نسل جي واڌويجھ

ڳورپٽ جي مادي ڳونهاري پنج ڇھ مهينا پيٽ سان هوندي آهي ۽ هڪ کان چار ٻچا ڄڻيندي آهي.

گيلري

حوالا

ڪتاب- سنڌ جي جھنگلي جيوت- مصنف- بدر ابڙو- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي[1]