هاشميه يونيورسٽي
هاشميه يونيورسٽي (انگريزي: Hashemite University)، (مخفف: HU)[2] اردن جي رياست پاران هلائي ويندڙ يونيورسٽي آهي. هي يونيورسٽي 1995ع تي قائم ٿي. هي يونيورسٽي زرقا شهر ۾ آهي. تعليمي نظام ۾ هتي ڪلاڪن تي مشتمل پڙاهائي ٿيندي آهي، هر ڪاليج ۾ ڪلاڪن جو حساب الڳ آهي. هي اردن جي واحد يونيورسٽي آهي جتي گرمين ۾ ٻه سيمسٽر وارو نظام لاڳو ڪيو ويو. هي يونيورسٽي ڪيترن ئي شعبن ۾ ماسٽر ڊگري لاءِ شاگردن کي تعليم ڏي ٿي. هتي پرڏيهي شاگردن جي داخلا پڻ ڪئي ويندي آهي.
قسم | عوامي |
---|---|
سرگرم | 1995 |
چيئرمين | ياسين الحسبن.[1] |
وائيس چانسلر | فواز العبد الحق |
تدريسي عملو | 609 |
شاگرد | 29,803 (2017) |
پتو | زرقه، اردن |
ڪيمپس | شهري 8519 دائونم |
رنگ | نارنگي ۽ ڳاڙهو |
لاڳاپا | عالمي يونيورسٽين جي تنظيم، اسلامي يونيورسٽين جون وفاق، عرب يونيورسٽين جي تنظيم |
ويب سائيٽ | www |
جاءِ
هاشميه يونيورسٽي عالمي شاهراهه جي پاسي تي واقع اردن جي شهر زرقا ۾ قائم آهي. يونيورسٽي جو اولهه وارو در، جيڪو مُک در آهي اهڳ عالمي شاهراهه جي طرف آهي.[3]
تاريخ
19 جون 1991ع تي هاشميه يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ بادشاهي حڪمنامو جاري ٿيو. يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل باقائده 16 سيپٽمبر 1995ع تي شروع ٿيو. هي يونيورسٽي 8519 ايڪڙن جي وسيع ايراضي تي ڦهليل آهي.[4]
تدريسي شعبا
حوالا
36°11′02″E / 32.1032°N 36.1840°E