مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

عالمي ريڊڪراس ڪاميٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انٽرنيشنل ريڊڪراس ڪاميٽي (International Red Cross ):انساني ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارو، جيڪو -جنگ- جي موقعن تي سپاهين، شهرين ۽ جنگي قيدين جون تڪليفون گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.[1] امن وارين حالتن ۾ هيءُ ادارو طبي امداد ڏيڻ سان گڏ ٻوڏن، زلزلن ۽ ڏڪار سٽيل ماڻهن جي مدد ڪندو آهي. ريڊ ڪراس جو بنياد اڻويهين صدي عيسوي ۾ هڪ عورت هنري ڊونينٽ رکيو. انٽرنيشنل ريڊ ڪراس ۽ هلال احمر تحريڪ ۾ انٽرنيشنل ڪميٽي آف ريڊ ڪراس شامل آهي، جيڪا 25 سوئس شهرين تي مشتمل آهي. هن جا هيڊ ڪوارٽر -جنيوا- سوئيٽزرلينڊ ۾ آهن.[1] هي ادارو هن وقت سڄي دنيا ۾ ڪم ڪري رهيو آهي -جتي- به امداد جي ضرورت پوي ٿي هي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. هر چئن سالن کانپوءِ مختلف ملڪن ۾ هي عالمي ڪانفرنس ڪندو آهي، -ان- ۾ ريڊ ڪراس جا ميمبر ۽ حڪومتي نمائندا شريڪ ٿيندا آهن. 1986ع ۾ هن ۾ ھلال احمر کي به شامل ڪيو ويو، جيڪو گهڻو ڪري مسلم ملڪن ۾ ڪم ڪري ٿو. انٽرنيشنل ريڊ ڪراس بنا ڪنهن مذهبي ۽ نسلي متڀيد جي ڪم ڪري ٿو ۽ هنگامي حالتن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو.[2]

حوالا

🔥 Top keywords: مُک صفحووڪيپيڊيا:بابتمدد:مندرجاتٻين مھاڀاري جنگوڪيپيڊيا:نياتي بابوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريووڪيپيڊيا:مندرجاتوڪيپيڊيامدد:تعارفباب:ھاڻوڪا واقعاخاص:تازيون تبديليونوڪيپيڊيا:سنڌي لکت ڪيئن پڙهجيسانچو:This date in recent yearsنبي بخش بلوچزمرو:راڄڌانيونپاڪستانوڪيپيڊيا:عام غيرجوابداريناموخاص:ڳولازڪواتجنسي سنگمدد:صفحو ڄاڻڏکڻ آمريڪاسانچو:سنڌي تاريخانگريزي ٻولياڻ ٽر صورتحالاسمسانچو:This date in recent years/titleشاھ عبداللطيف ڀٽائيآڪاش منڊلسوانح نگاريبيتوڪيپيڊيا:ديوان عامڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرزمرو:ڏکڻ آمريڪازمرو:Short description matches Wikidataسانچو:Sindhi Alphabetآمريڪا جون گڏيل رياستونگوگلڪيوٽو