اقامت

اقامت(انگريزي: Iqamah) اسلام ۾ نماز جي ادائگي لاء جماعت جي کڙي ٿيڻ کان اول ھڪ ماڻھو اھي جملا دھرائي جيڪي اذان ۾ چيا وہندا آھن ۽ انھن اذان وارن جملن ۾ ٻہ ڀيرا قد قامت الصلواة بہ چوي ته ان کي اقامت چوندا آهن. اقامت کي عام طور تي تڪبير بہ چوندا آهن[1]. اذان بعد نماز شروع ٿيڻ کان اڳ نماز لاءِ ٻئين سڏ کي اقامت چوندا آهن[2].

اقامت ۾ استعمال ٿيندڙ فقرا ۽ ورجاء جو تعداد
ورجاءعربيسنڌي
سني اسلام
مطابق
شيعه اسلام
مطابق
2x2xٱللَّٰهُ أَكْبَرُالله سڀ کان وڏو آھي
1x2xأَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَٰهَ إِلَّا ٱللَّٰهُشاھدي ٿو ڏيان ته ناھي ڪوبہ معبود سواءِ الله جي
1x2xأَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ ٱللَّٰهِشاھدي ٿو ڏيان تہ محمد الله جو رسول آهي
ڪوبہ نہ2xأَشْهَدُ أَنَّ عَلِيًّا وَلِيُّ ٱللَّٰهِشاھدي ٿو ڏيان تہ علي الله جو ولي يا نائب آھي
1x2xحَيَّ عَلَىٰ ٱلصَّلَاةِ
حَيَّ عَلَىٰ ٱلصَّلَوٰةِ
اچو نماز جي طرف
1x2xحَيَّ عَلَىٰ ٱلْفَلَٰحِاچو ڪاميابي جي طرف
ڪوبہ نہ2xحَيَّ عَلَىٰ خَيْرِ ٱلْعَمَلِاچو بھترين عمل طرف
2x2xقَدْ قَامَتِ ٱلصَّلَاةُ
قَدْ قَامَتِ ٱلصَّلَوٰةُ
نماز قائم ٿي وئي
2x2xٱللَّٰهُ أَكْبَرُالله سڀ کان وڏو آهي
1x1xلَا إِلَٰهَ إِلَّا ٱللَّٰهُناھي ڪوبہ معبود سواءِ الله جي

حوالا