امام ابو حنيفه

امام ابو حنيفه
(عربي ۾: أَبُو حَنِيفَةَ النُّعْمَانُ خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو(عربي ۾: النُّعْمَانِ بْنِ ثَابِتٍ بْنِ مَرْزُبَان الكُوفِيّ التَّيْمِيّ بِالْوَلَاء خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم5 سيپٽمبر 699 [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ڪوفو [2][3][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت18 جُونِ 767 (68 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
بغداد   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
مدفنبغداد   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
استادانس بن مالڪ ،محمد باقر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو student of (P1066) وڪي ڊيٽا تي
پيشوواپاري   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻوليعربي ٻولي [5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپيفقه ،حديثي ادب   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي


قرآن ۽ حديث کي مسلمانن لاءِ زندگي گذارڻ جو منشور بڻايو ويو. قرآن شريف جي جمع ٿيڻ کانپوءِ حديث شريف کي جمع ڪرڻ ڪري ان کي اسلامي عقيدن ۽ عملن جي لاءِ ترتيبوار شڪل ڏيڻي هئي. ان کا علاوه قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ کوڙ سارن دنياوي مسئلن جي لاءِ قانون ۽ طريقا تيار ڪرڻا هئا. اهو سمورو ڪم حديث ۽ فقه جي وڏي عالمن ڪيو، جن مان ابو حنيفه ۽ امام حنبل جو ڪوشسون ۽ ڪارناما نه وسرڻ جهڙا آهن.

اصل نالو نعمان -بن- ثابت، جيڪو پنهنجي ڪنيت ’ابوحنيفه‘ سان مشهور آهي، اسلامي دنيا جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پاڻ جيئن ته فقه حنفيءَ جو باني هو، تنهنڪري -امام- حنيفه جي نالي سان عالمِ -اسلام- ۾ مشهور ٿيو، کيس -امام اعظم- به سڏيو ويو آهي. سندس نسبت ڪن ايراني نسل سان ته ڪن سنڌي نسل سان ڄاڻائي آهي. سندس والد اتي واپار ڪندو هو. سندس -جنم- ’ڪوفي‘ ۾ 80ھ/699ع ۾ ٿيو. -اول- علمِ ڪلام پڙهائين، پوءِ فقه جي -تعليم- پنهنجي -استاد- حماد -بن- ابي سلمان کان حاصل ڪيائين. نهايت ذهين هو. سندس مسلڪ ۾ پهريائين قرآن شريف ۽ سنت هئا، پوءِ اصحابن جا اقوال، -ان- کان پوءِ -اجتهاد-. خليفي ابوجعفر منصور کيس قاضيءَ جو عهدو پيش ڪيو، جنهن کان انڪار ڪرڻ تي خليفي کيس قيد ۾ وڌو. -جتي- 150ھ/767ع ۾ وفات ڪيائين. قيد دوران -امام- ابو حنيفه کان -امام- محمد -تعليم- حاصل ڪئي، جيڪو اڳتي هلي حنفي فقه جو وڏو ڄاڻو بڻيو. -امام- ابو حنيفه کي اهو به شرف حاصل آهي ته پاڻ قرآن پاڪ جي ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي جائزيت جي فتويٰ ڏنائين. ڪن روايتن ۾ آهي ته -امام- ابو حنيفه جا وڏا اصل سنڌ جا هئا، پر -ان- جو تصديقي حوالو نٿو ملي.[6]

امام ابو حنيفه جو اصل نالو تعمان هو ۽ سندن والد جو نالوثابت هو. هو 80ھ مطابق 699ع ۾ ڪوفي ۾ پيدا ٿيو. شروع ۾ سندس لاڙو پيءُ وانگر واپار طرف هو. جيڪو ڪوفي ۾ هڪ قسم جو ريشمي ڪپڙو خز ٺاهيندو ۽ ان جو واپار ڪندو هو. جامع مسجد جي ڀرسان سندن ڪارخانو ۽ دڪان هو. سندن عمر تڏهن لڳ ڀڳ ارڙهن اوڻويهه سال هئي. ته هڪ واقعو رونما ٿيو؛

هڪ دفعي پاڻ بازار پئي ويو ته ڪوفي جي مشهور امام شعبي جي گهر وٽان لنگهيو. امام شعبي جڏهن ڏٺو ته سمجهيائين ته ڪو نوجوان شاگرد آهي. کين پاڻ وٽ گهرائي پڇيائين
ڪيڏانهن ٿا وڃي؟
هن ڪنهن سوداگر جو نالو کڻي جواب ڏنو ته اوڏانهن وڃي رهيو آهيا. امام شعبي معلوم ڪيس ته
توهان پڙهو ڪنهن وٽ ٿا
وراڻيائين
ڪنهن وٽ به نه
امام شعبي چيس
مون کي توهان ۾ قابليت جا جوهر نظر اچن ٿا، توهان عالمن جي صحبت ۾ ويهندا ڪريو.

امام حماد ڪوفي جو مشهور امام هو. ابو حنيفه هڪ حديث ٻڌي ۽ پوءِ حماد وٽ پڙهڻ لاءِ ويٺو.عمر جي آخري ڏهاڙن ۾ بيمار ٿي پيو. ڇهه ڏينهن بيمار رهڻ کان پوءِ لاڏاڻو ڪيائين. سندن وفات جو سال 150هه بمطابق 767ع آهي.

حوالا