انقلاب

انقلاب (Revolution) مڪمل حڪومتي تبديلي، نظام جي تبديلي، نئون سرشتو آڻڻ لاءِ سرڪار يا سماجي نظام جو زوريءَ خاتمو ڪرڻ وغيره. انقلاب جي زمري ۾ اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ ڪيترائي انقلاب آيا آهن، مثال طور فرانسي انقلاب، روسي ڪميونسٽ انقلاب، چيني انقلاب، زرعي انقلاب، وغيره وغيره. سياسي انقلابن ۾ اديبن جو بہ اهم ڪردار رهيو آهي. روسو جي لکڻين جي ڪري فرانسي انقلاب جي راھ هموار ٿي. چارلس ڊڪنس جي ناول “A Tale of two Cities”۾ فرانسي انقلاب جو ذڪر آهي. ڪارل مارڪس جي لکڻين سڄي دنيا ۾ سياسي ۽ اقتصادي ۽ ڪميونسٽ انقلاب آندو. [1]

فرينچ انقلاب دوران 14 جولائي 1789 ۾ ماڻھو باسٽائيل جيل تي حملو ڪندي ڏيکاريل

حوالا