اڪائونٽنگ

اڪائونٽنگ: حسابداري: کاتيداري: accounting :اڪائونٽنسي : accountancy:

اڪائونٽنگ علم جي ھڪ اھم شاخ آھي جنھن ۾ ڌنڌي جو حساب ڪتاب يا کاتي رکڻ جو فن يا ترتيبوار کاتي جو احوال رکيل ھوندو آھي جنھن ۾ رقمن جمع ٿيڻ يا رقمون نڪرڻ جو احوال شامل ھوندو آھي.[1] ڪنھن بہ اقتصادي وجود يا ھستيءَ (entity) بابت تور تڪ ، ونھوار ۽ مالياتي ڄاڻ جي اچ وڃ (communication) متعلق علم کي اڪائونٽنگ چئبو آهي [2][3] اھڙين اقتصادي ھستين ۾ مختلف قسمن جا ڌنڌا ۽ ڪارپوريشن جا قسم شامل آهن.

ليوڪا پاچيولي جي پينٽنگ

دنيا ۾ مروج جديد اڪائونٽنگ جو بنياد 1494 م اٽليءَ جي ھڪ رياضيدان ليوڪا پاچيولي (Luca Pacioli) وڌو [4] ھن علم کي ڌنڌي جي ٻولي يا زبان بہ چوندا آهن[5] اڪائونٽنگ سان ڪنھن بہ ڌنڌي يا ڪارپوريشن جي معاشي معاملن جي نتيجن جي تور تڪ ڪئي ويندي آھي ۽ ان جي مدد سان نتيجن جي ڄاڻ کي مختلف لاڳاپيل ماڻھن (جن ۾ سيڙپڪار، قرض ڏيندڙ، مينيجمينٽ ۽ ريگيوليٽري ايجنٽ وغيره شامل آهن) تائين پھچايو ويندو آهي. [6] لفظ اڪائونٽنگ جي لاءِ مالياتي رپورٽنگ نعمل البدل طور استعمال ٿيندو آهي. اڪائونٽنگ جي پريڪٽس ڪندڙن کي اڪائونٽنٽ چيو ويندو آهي.ھنعلم جون مختلف شاخون آهن جن ۾: مالياتي اڪائونٽنگ، مينيجمينٽ اڪائونٽنگ، آڊٽنگ ، ٽيڪس اڪائونٽنگ ۽ ڪاسٽ اڪائونٽنگشامل آهن. مالياتي ونھوار بابت کاتن ۾ داخلائون ڪرڻ جي طريقي کي وري بڪ ڪيپنگ(bookkeeping) چئبو آهي جنھن ۾ وري ٻٽي داخلا جو طريقو يا ڊبل اينٽري بڪ ڪيپنگ سڀ کان وڌيڪَ عام طريقو هوندو آهي. [7]

حوالا