تشڪيليات

تشڪيليات (انگريزي: Morphology) شين جي جوڙجڪ يعني تشڪيل کي پرکڻ جو علم آهي. لسانيات ۾ تشڪيليات لفظن جي اشتقاق ۽ بدلاءُ کي جانچڻ کي چئبو آهي.

صرفيات، لفظ ٻوليءَ ۾ ڇو ۽ ڪيئن ٻيا ٻيا روپ وٺن ٿا، تنھن جو تعلق لسانيات جي هڪ شاخ سان آهي، جنھن کي ’علم صرف‘ يا ’صرفيات‘ سڏجي ٿو. اُن کي اردوءَ ۾ تشڪيلات/صوتيات بہ سڏبو آهي ڇو تہ اهو عام لفظ جي مختلف شڪلين ۽ صورتن سان بحث ڪري ٿو. عربي گرامر ۾ علم صرف جي تعريف هن ريت ڪئي ويئي آهي تہ (علم) صرف اهو علم آهي، جنھن ۾ بامعنيٰ اڪيلن لفظن جي بنائڻ ۽ انهن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ جو طريقو بيان ڪيو وڃي.[1]

حوالا