تنزانيا

آفريڪا ۾ ملڪ

تنزانيا, تنزانيہ، تنزانيه(انگريزي: Tanzania) /ˌtænzəˈnə/ [11] سرڪاري نالو يونائيٽيڊ ريپبلڪ آف تنزانيا ھڪ اوڀر آفريڪا جو ملڪ آهي جيڪو آفريڪاجي وڏين ڍنڍن واري علائقي ۾ شامل آھي.ان جي سرحد اتر ۾ يوگنڊا، اتر اوڀر م ڪينيا، اوڀر ۾ ھندي وڏو سمنڊ، ڏکڻ ۾ موزمبيق ۽ ملاوي، ڏکڻ اولھ ۾ زيمبيا ۽ اولھ ۾ روانڊا ، برونڊي ۽ ڊيموڪرٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو واقع آھن. ھن جي اتر اوڀر ۾ آفريڪا جو سڀ کان وڏو جبل مائونٽ ڪليمنجارو واقع آهي.

يونائيٽيڊ ريپبلڪ آف تنزانيه

Jamhuri ya Muungano wa Tanzania  (Swahili)
Flag of تنزانيا
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: '"Uhuru na Umoja" (Swahili)
"آزادي ۽ اتحاد"
ترانو: "Mungu ibariki Afrika"
(انگريزي ٻولي: "God Bless Africa")
Location of تنزانيا
جو مقامتنزانيا
گادي جو هنڌ ڊوڊوما(ڊي جيوري)
سڀ کان وڏو شهر دارالسلام
دفتري ٻوليون ڪابہ نہ
قومي زبان سواحلي ٻولي[1]
ٻيون ٻوليون انگريزي
مذهب (2010 تخمينو )[2]
(نوٽ: زينزيبار ۾ تقريبن مسلمان رھن ٿا.)
مقامي آبادي تنزانين يا تنزانيائي
حڪومت وحداني غلبي واري جماعت صدارتي، سوشلسٽريپبلڪ[3][4][5]
• صدر
جان ميگوفولي
• نائب صدر
سميعہ سولوحو
• وزيراعظم
قاسم مجالوا
•  اسپيڪر
جاب اين دوگائي
•  چيف جسٽس
ابراھيم حمث جمعا
مقننه نيشنل اسيمبلي
خودمختياري يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين
• ٽانگانيڪا
9 ڊسمبر1961
• عوامي جمھوريہ زينزيبار ۽ پيمبا
10 ڊسمبر 1963
• انضمام
26 اپريل 1964
• موجوده آئين
25 آپريل 1977
پکيڙ
• جملي
947٬303 km2 (365٬756 sq mi) (31st)
• پاڻي (%)
6.4
آبادي
• 2012 مردم شماري
44,928,923
•  گھاٽائي
47.5 /km2 (123.0 /sq mi)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$176.465 ارب ڊالر [7]
• في سيڪڙو
$3,456[7]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$56.664 ارب ڊالر [7]

تاريخ

تاريخ کان آڳاٽي زماني ۾ ايٿوپيا کان ڏکڻ ڪوش واريون (انگريزي: South Cushitic) ٻوليون ڳالھائيندڙ تنزانيا لڏي آيا ھئا. اوڀر ڪوش وارا ماڻهو 2000 کان 4000 سال اڳ ترڪانا ڍنڊ جي اتر ۾ آيا. اھڙي طرح سوڊان مان بہ تنزانيا طرف ماڻھن جي ھجرت ٿي ۽ تنزانيا ۾ آبادي جي شروعات ٿي وئي.

اروشا واري پڌرنامي جو يادگار

جاگرافي

تنزانيه جو نقشو
دنيا جي نقشي ۾ تنزانيا جو مقام

تنزانيا جي جاگرافيائي بيهڪ6 00 S, 35 00 E آھي. ڪل پکيڙ 947,300 چورس ڪلوميٽر اٿس جنھن مان 885,800 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 61,500 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. ھن لڪير جي پکيڙ ۾ مافيا، پيمبا، ۽ زينزيبار جا ٻيٽ پڻ شامل آهن . پکيڙ ۾ ھي ملڪ دنيا ۾ 32 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جون خشڪي واريون سرحدون 4,161 ڪلوميٽر آھن جيڪي 8 ملڪن سان ملن ٿيون. ان مان 589 ڪلوميٽر برونڊي سان ، 479 ڊيموڪرٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو سان، 775 ڪلوميٽر ڪينيا سان، 512 ڪلوميٽر ملاوي سان، 840 ڪلوميٽر موزمبيق سان، 222 ڪلوميٽر روانڊا سان، 391 ڪلوميٽر يوگنڊا سان ۽ 353 ڪلوميٽر زيمبيا سان ملن ٿيون. ملڪ جي بحري سرحد 1424 ڪلوميٽر آهي ۽ سرحد اندر بحري علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل ، ۽ مخصوص معاشي زون 200 ناٽيڪل ميل اٿس.ملڪ جي سراسري بلندي 1018 ميٽر ۽ سڀ کان بلند ترين مقام ڪليمنجارو آھي جنھن جي بلندي 5895 ميٽر آھي جيڪو پوري آفريڪا کنڊ جو بلند ترين مقام آھي[12].

اسپائس ٻيٽ (زنجبار)
ھڪ ھاٿي مائونٽ ڪليمنجارو وٽان گذرندي
نگورنوگورو ڪريٽر دنيا جو وڏو خاموش ٻرندڙ جبل آھي

آبهوا

ساحلي علائقن ۾ ٽراپيڪل ۽ مٿاھين ميداني علائقن ۾ ٽيمپريٽ ھوندي آھي[12].

معدنيات ۽ قدرتي وسيلا

ھتي جي وسيلن ۾ ھائڊرو پاور، ٽين، فاسفيٽ، ڪچو لوھ، ڪوئلو، ھيرا، جواھر، سون، قدرتي گئس ۽ نڪل شامل آهن[12].

زراعت

ٽڪويو ۾ چانھ جي پوک

ھن ملڪ جي زرعي زمين 43.7 سيڪڙو آھي جنھن مان پوکي لائق ان جو 14.3 سيڪڙو آهي، مستقل پوک 2.3 سيڪڙو، مستقل چراگاھون 27.1 سيڪڙو ۽ ٻيلا 37.3 سيڪڙو تي واقع آھن[12].

تنزانيائي ماڻهو

دارالسلام ۾ ڪارياڪو مارڪيٽ ۾ تنزانيائي ماڻهو

ھن ملڪ جي آبادي 53,950,935 آھي ۽ آبادي ۾ ھي دنيا جو 26 وڏو ملڪ آهي. ھتان جي ماڻھن کي تنزانيئن چوندا آهن ۽ سنڌي ۾ کين تنزانيائي چئبو آهي. ملڪ جي آبادي جو 99 سيڪڙو آفريڪي آھن جن مان 95 سيڪڙو بانٽو نسل جي 130 کان وڌيڪَ قبيلن سان تعلق رکندڙ آھن. ھڪ سيڪڙو آبادي ۾ ايشيائي، عرب ۽ يورپي شامل آهن. ھتان جي ٻولي ڪسواحلي يا سواحلي آھي جيڪا ھتان جي سرڪاري ٻولي آھي ۽ بانٽو نسل وارن جي مادري ٻولي آهي. انگريزي بہ ھتان جي سرڪاري ٻولي آھي. زينزيبار ۾ سڀ کان وڌيڪَ عربي ڳالھائي ويندي آھي. ھتان جا 61.4 سيڪڙو ماڻهو عيسائي، 35.2 سيڪڙو مسلمان، 1.8 سيڪڙو لوڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن[12].

نالو

ملڪ ريپبلڪ آف تنزانيه يا جمھوريہ تنزانيا آھي. ملڪ جو نالو ٻن لفظن جي پھرين اکرن کي ملائي ٺاھيو ويو. اھي لفظ آھن : ٽانگانيڪا ۽ زانزبارجيڪي ٻہ رياستون ھيون جن جي 1964 ۾ انضمام سان اھو نالو ان تي رکيو ويو[12].

بينڪ آف تنزانيا جا جاڙا ٽاور

سياسي نظام

صدر جان ميگوفولي
وزيراعظم قاسم مجالوا

ھتان جو سياسي نظام صدارتي ۽ جمھوري آھي. حڪومت جي گادي ڊوڊوما شھر ۾ آھي جتي پارليامينٽ واقع آهي پر ملڪ جو انتظامي گاديءَ جو هنڌ دارالسلام آھي.ملڪ جي انتظامي ورھاست ريجن جي نالي ٿيل آهي . ملڪ ۾ ڪل 31 ريجن آھن جن جا نالا آھن؛ اروشا، دارالسلام، ڊوڊوما، گيئٽا، ارنگا، ڪاغيرا، ڪاسڪازيني پيمبا، ڪاسڪازيني انگوجا (اتر زنجبار)، ڪاٽاوي، ڪيگوما، ڪليمنجارو، ڪوسيني پيمبا ، ڪوسيني انگوجا (ڏکڻ يا وچ زنجبار)، لنڊي، مانيارا، مارا، مبييا، مجني مغربي (مغربي زنجبار)، موروگورو، مٽوارا، موانزا، نجومبي، پواني (ساحل)، رڪوا، رووما، شنيانگا، سمي يو، سنگيدا، سانگوي، ٽيبورا ۽ ٽانگا.

تنزانيه جا ريجن

ھتان جو قانوني نظام انگريزي ڪامن لا وارو آھي. بين الاقوامي قانون ۾ ھي ملڪ بين الاقوامي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ آھي.ھتي ووٽ جو حق 18 سالن جي عمر ۾ حاصل ٿيندو آهي[12].

حوالا


حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/> نہ مليو