جئانگشي صوبو

جئانگشي(انگريزي: Jiangxi )[4] عوامي جمهوريه چين جو ھڪ غير ساحلي صوبو آهي جيڪو اوڀر چين واري ريجن ۾ واقع آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر نانچانگ آھي. ھي صوبو اتر ۾ يانگزي ندي جي ڪناري کان ڏکڻ ۽ اوڀر واري جابلو علائقن تائين ڦهليل آهي. صوبي جون حدون اتر ۾ اينھئي، اتر اوڀر ۾ ججيئانگ سان، اوڀر ۾ فيوجن سان، ڏکڻ ۾ گوئينگڊانگ سان، اولھ ۾ ھونان سان ۽ اتر اولھ ۾ ھوبئي سان ملن ٿيون[5]. چين جو اڳوڻي تانگ گھراڻي واري شاھي دؤر ۾ انتظامي ورهاست جو ھڪ نالو سرڪٽ ھوندو ھيو جيڪا صوبي وانگر ورھاست ھوندي ھئي. ھينئر اھا ورھاست جاپان ۾ مروج آهي. ان دور م ھن علائقي کي جيئانگنانشيڊائو سرڪٽ سڏبو هو جنھن مان اڳتي ھلي جئانگشي نالو نڪتو[6]

جئانگشي صوبو
Jiangxi
چيني صوبو
سينچنگ جبل
سينچنگ جبل
Map showing the location of Jiangxi Province
نقشي ۾ جئانگشي صوبو ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 27°18′N 116°00′E / 27.3°N 116.0°E / 27.3; 116.0 116°00′E / 27.3°N 116.0°E / 27.3; 116.0
ملڪ عوامي جمهوريه چين
نالو پيو جئانگنانشي سرڪٽ جو اختصار(江南西)
گادي جو هنڌ
( ۽ وڏي ۾ وڏو شھر)
نانچانگ
انتظامي ورهاست 11 پريفيڪچر، 99 ڪائونٽيون، 1549 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس صوبائي پيپلز ڪانگريس
 • ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري ليو چي
 • صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين ليو چي
 • گورنر يي لئانھانگ
 • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين يائو زينگڪي
پکيڙ
 • ڪل 166,919 ڪ.م2 (64,448 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو ارڙهون وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (ھوانگگينگ جبل) 2,158 ميل (7,080 ft)
آبادي (2013)[1]
 • ڪل 45,200,000
 •  ڪاٿو

 2019

46,660,000
جئانگشي صوبو
"جِئانگشي" چيني ٻولي ۾
چیني 江西
لغوي معنیٰ" اولھندو جئانگنان"

حوالا