ھوبئي صوبو


ھُوبَئَي(انگريزي: Hubei ) وچ چين واري ريجن ۾ واقع عوامي جمهوريه چين جو ھڪ غير ساحلي صوبو آهي. ھوبئي جي معني ڍنڍ جو اتريون پاسو آھي. اھا ڍنڍ جنھن جي اتر ۾ واقع آهي ان جو نالو ڊانگٽنگ ڍنڍ آھي[6] ھن صوبي جو گادي جو هنڌ ووھان آھي جيڪو سينٽرل چين جو آمدورفت، سياسي، ثقافتي ء معاشي سرگرميون جو مرڪز آھي. ھوبئي جي اتر ۾ ھينان، اوڀر ۾ اينھئي، ڏکڻ اوڀر ۾ جئانگشي، ڏکڻ ۾ ھونان، اولھ ۾ چانگچنگ ميونسپلٽي ۽ اتر اولھ ۾ شانڪسي واقع آهن. مشھور ٽن گھاٽين وارو ڊيم ھن صوبي جي اولھ واري حصي م يوچينگ لڳ واقع آهي. ھوبئي کي مڇي ۽ چانورن جي سرزمين پڻ سڏيو ويندو آهي. ووھان شھر ھن صوبي جو سڀ کان وڏو معاشي زون آهي.

ھُوبَئَي صوبو
Hubei
چيني صوبو
(گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان)
  • شائلنگ واري گھاٽي
  • ٽن گھاٽين وارو ڊيم
  • ووڊئنگ جبل
  • اينشي گرينڊ پاڻي ڪينيان
  • ڳاڙھيون ٽڪريون
  • ييلو ڪرين ٽاور
Map showing the location of Hubei Province
نقشي ۾ ھوبئي صوبو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 31°12′N 112°18′E / 31.2°N 112.3°E / 31.2; 112.3 112°18′E / 31.2°N 112.3°E / 31.2; 112.3
ملڪ عوامي جمهوريه چين
نالو پيو —"ڍنڍ"
běi—"اتر"
"ڊانگٽنگ ڍنڍ جي اتر پاسي"
گادي جو هنڌ
(۽ وڏي ۾ وڏو شھر)
ووهان
انتظامي ورهاست 13 پريفيڪچر، 102 ڪائونٽيون، 1235 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس صوبائي پيپلز ڪانگريس
 • ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري ينگ يانگ
 • صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين يِنگ يانگ
 • گورنر وانگ شيئائوڊانگ
 • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين ھوئانگ چوپنگ
پکيڙ[1][2]
 • ڪل 185,900 ڪ.م2 (71,800 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 13ھون وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش 3,105 ميل (10,187 ft)
آبادي (2015)[3]
 • ڪل 58,500,000


ھوبئي صوبو
"ھوبئي" لفظ چيني ٻولي ۾ لکيل
چیني 湖北
لغوي معنیٰ"ڊانگٽنگ ڍنڍ جو اتريون پاسو"

حوالا