ساهيوال

پنجاب، پاڪستان ۾ شھر
(ساھيوال کان چوريل)

ساھيوال(انگريزي: Sahiwal) پنجاب جو ھڪ مشھور شھر ۽ ساھيوال ضلعي جو صدر مقام آھي.

Sahiwal
ساھيوال
شھر

(پنجاب جي ضلعي نقشي ۾ ساھيوال سامونڊي سائي رنگ سان ڏيکاريل ساھيوال ضلعو)
Sahiwal is located in Pakistan
Sahiwal
Sahiwal
جاگرافي بيهڪ: 30°39′40″N 73°6′30″E / 30.66111°N 73.10833°E / 30.66111; 73.10833 73°6′30″E / 30.66111°N 73.10833°E / 30.66111; 73.10833
ملڪ پاڪستان
صوبا پنجاب,پاڪستان
ضلعو ساھيوال
قيام رابرٽ مونٽگومري
بلندي 152.4 ميل (500.0 ft)
آبادي (2016 estimate)
 • ڪل 1,401,000[1]


(21.6% شھري)

تفصيلي تعارف

ھي شھر لاھور کان 180 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. شھر جي آبادي 1998 جي مردم شماري مطابق 207388 آھي. ھي شھر پکيڙ ۾ پنجاب جو چوڏھون وڏو شھر ۽ آبادي ۾ ٻاويھون وڏو شھر آھي. ساھيوال شروع ۾ لاھور ڪراچي ريلوي لائين تي ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھوندو ھو جنھن تي 1865 ۾ پنجاب جي ليفٽننٽ گورنر سر رابرٽ مونٽگومري جو نالو ڏنو ويو. اھڙي طرح مونٽگومري شھر قائم ٿي ويو .[2][3] بعد ۾ ان کي ضلعي درجو مليو. ھتي راجپوتن جي کرل قبيلي جي ھڪ شاخ ساھي جا ماڻھو ڪثرت سان رھندا آھن جنھن ڪري 1967 ۾ ھن مونٽگومري شھر جو نالو تبديل ڪري ساھيوال رکيو ويو.راوي ۽ ستلج جي وچ ۾ واقع ھي شھر گھاٽي آبادي وارو علائقو آھي. ھتان جا مکيہ فصل ڪڻڪ، ڪپھ، تماڪ [4] پٽاٽو , ڦريون [5] ۽ تيلي ٻج آھن.[6]

تاريخ

ساھيوال کان 35 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي 2600 ق م جي قديم آثارن جي موجودگيءَ مان ظاھر ٿئي ٿو تہ ھي علائقو ھڙاپا دور کان وٺي آباد آھي. علائقو ڏکڻ ايشيا جي شاھي حڪومتن جو حصو رھيو آھي ۽ انھن تي وچ ايشيا کان ايندڙ حملو ڪندڙن جو ھڪ رستو پڻ رھيو آھي.مغلن جي ڪمزورٿہڻ ڪري ھي شھر ڏکن جي ڪنٽرول ۾ آيو. انگريزن جي دؤر ۾ ھن علائقي ۾ ثرانس راوي علائقو شامل ڪري ان کي وڌايو ويو ۽ 1852 ۾ ضلعي صدر مقام گوگيرا ۾ ڪيو ويو. جڏھن ريلوي لائن وڇائي وئي تہ ان لڳ ھڪ ڳوٺ جو نالو مونٽگومري رکيو ويو جنھن کي 1865۾ ضلعي جو صدر مقام بڻايو ويو [7] 1857 جي بغاوت ۾ ساھيوال جي مسلمانن بہ آزادي جي جنگ ۾ حصو ورتو ۽ اتر ستلج وٽ بغاوت ڪئي. مئي 1857 جي پڇاڙيءَ کان پھريان دھليءَ کان نڪتل ھڪ سفارتي وفد جڏھن ھريانا ۾ ندي پار ڪري سيرسا ۽ حصار مان گذريو تہ کرل ۽ ٻين قبيلن جي حملن جي زد ۾ اچي وہو. ضلعي جي اختياري کين منھن ڏيندي پئي آئي. 26 آگسٽ 1857 تي جيل ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ء ساڳي وقت گوگيرا ۾ قيد ٿيل ليڊر آحمد خان کرل حراست مان ڀڄي ويو پر کيس وري گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ کائنس سڪيورٽي وٺي آزاد ڪيو ويو. 16 سيپٽمبر تي بغاوت زور ورتو ۽ ڪوٽ ڪماليہ تي حملو ٿي ويو ۽ ميجر چيمبرلين (Major Chamberlain) ملتان مان ھڪ ننڍي فوجي دستي سان مدد لاءِ روانو ٿيو جنھن کي به چيچاوطني ۾ راوي وٽ گھيريو ويو . حالات تمام خراب ٿي ويا ان وچ ۾ لاھور مان ڪرنل پاٽن (Colonel Paton) وڏي نفري سان پھچي باغين تي حملو ڪري پسپا ڪيو ۽ باغي ٻيلن ۾ ڀڄي ويا ۽ نيٺ کين شڪست ملي جنھن بعد برطانوي فوجين باغي قبيلن کي سخت سزائون ڏنيون، انھن جا ڳوٺ ڊاٿا ويا ۽ انھن جو چوپايو مال ضبط ڪيو.[8] پاڪستان ٺھڻ بعد 1966 ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي رڪن مفتي ضياء الحسن جي ڪوششن سان مونٽگومري شھر جو نالو تبديل ڪري ساھيوال رکيو ويو.

حوالا