سينٽرل آفريڪن ريپبلڪ

سینٽرل آفريڪن جمھوريا (Central African Republic) یا وسطي آفريڪن جمھوريا (مختصر طور:CAR؛ سانگو: Ködörösêse tî Bêafrîka؛ فرينچ: République centrafricaine) وچ آفريڪا ۾ ھڪ زمين بند ملڪ آھي. ان جي سرحد اتر ۾ چاڊ، اتر۔اوڀر ۾ سوڊان، اوڀر ۾ ڏکڻ سوڊان، ڏکڻ ۾ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو، ڏکڻ ۾ ريپبلڪ آف ڪانگو ۽ اولهه ۾ ڪيمرون سان ملن ٿيون. سینٽرل آفريڪن جمھوريا (CAR) اٽڪل 6,20,000 چورس ڪلوميٽر (2,40,000 چورس ميل) جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ سال 2016ع تائين ان جي آبادي لڳ ڀڳ 46 لک هئي. سال 2019 تائين، ملڪ هڪ گهرو ويڙهه جو منظر آهي، جيڪو سال 2012ع کان جاري آهي.[7]

سينٽرل آفريڪن ريپبلڪ

Ködörösêse tî Bêafrîka (سانگو)
République centrafricaine (فرانسیسی)
Flag of وسطي آفريڪائي جمھوريا
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: '"Unité, Dignité, Travail" (French)
"اتحاد، عظمت، محنت"
ترانو: E Zingo  (سانچو:ISO 639 name sg)
La Renaissance  (French)
"بیھر عظمت"
مڪانيت  سينٽرل آفريڪن ريپبلڪ  (dark blue) – نقشو Africa  (ھلکو نیرو & dark grey) – in the African Union  (ھلکو نیرو)
مڪانيت  سينٽرل آفريڪن ريپبلڪ  (dark blue)

– نقشو Africa  (ھلکو نیرو & dark grey)
– in the African Union  (ھلکو نیرو)

جو مقاموسطي آفريڪائي جمھوريا
گادي جو هنڌ بنگوئي
4°22′N 18°35′E / 4.367°N 18.583°E / 4.367; 18.583
سڀ کان وڏو شهر بنگوئي
دفتري ٻوليون فرينچ
سانگو
نسلي گروھ بگارا عرب، بایاڪا، باندا، باڪا، فولا، گبايا، ڪیارا، ڪرش، امباڪا، منڊجا، نگبندي، سارا، ويديري، ووڊابي، يڪوما يولو، زاندي ء بیا۔
مذهب گهڻو ڪري عيسائيت، مسلمان اقليت ۾ آھن.
مقامي آبادي وچ آفريڪن
حڪومت وحداني نيم صدارتي آئيني جمهوريه
• صدر
فاسٽن-آرچينج ٽوڊيرا
• وزير اعظم
فرمن اینگريبادا
مقننه قومي اسيمبلي
آزادي
• فرانس کان
13 آگسٽ، 1960ع
• وچ آفريڪن سلطنت قائم ٿي
4 ڊسمبر، 1976ع
• جمهوريا بحال ٿي
21 سيپٽمبر، 1979ع
پکيڙ
• جملي
622٬984 km2 (240٬535 sq mi) (44th)
• پاڻي (%)
150
آبادي
• 2016 اندازو
4,594,621[1] (119th)
• 2003 مردم شماري
4,987,640[2]
•  گھاٽائي
7.1 /km2 (18.4 /sq mi) (221st)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$3.454 billion[3]
• في سيڪڙو
$693[3]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$2.003 billion[3]

ملڪ جو اڪثر حصو سوڊانو۔گني سوانا تي مشتمل آهي، پر ملڪ ۾ اتر ۾ هڪ ساحيلو۔سوڊاني زون ۽ ڏکڻ ۾ استوائي ٻيلن جو علائقو پڻ شامل آهي. ملڪ جو ٻه ٽيون حصو اوبانگي نديءَ جي بيسن ۾ آهي (جيڪو ڪانگو ۾ وهي ٿو)، جڏهن ته باقي ٽيون حصو چاري نديءَ ۾ آهي، جيڪو چاڊ ڍنڍ ۾ وهي ٿو.

وچ آفريڪن جمهوريا جو علائقو هزارين سالن تائين آباد ڪيو ويو آهي؛ تنهن هوندي به، ملڪ جون موجوده سرحدون فرانس طرفان قائم ڪيون ويون، جنهن 19ھین صدي جي آخر ۾ شروع ٿيندڙ ڪالوني طور ملڪ تي حڪومت ڪئي. سال 1960ع ۾ فرانس کان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، مرڪزي آفريڪي جمهوريه تي، خودمختيار اڳواڻن (dictators) جو هڪ سلسلو، حڪمراني ڪئي، جنهن ۾ هڪ بادشاهت قائم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش پڻ شامل آهي.

حوالا