ڏکڻ سوڊان
ڏکڻ سوڊان(انگريزي: South Sudan) i/suːˈdæn/ [16][17] سرڪاري نالو ريپبلڪ آف سائوٿ سوڊان [18] اوڀر وچ آفريڪا جو خشڪيءَ سان گھيريل ملڪ آهي.[19][20] ھن ملڪ پنھنجي آزادي ريپبلڪ آف سوڊان کان 2011 ۾ حاصل ڪئي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ جبا آھي.ھن ملڪ جون سرحدون اتر ۾ سوڊان، اوڀر ۾ ايٿوپيا، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪينيا ، ڏکڻ ۾ يوگنڊا، ڏکڻ اولھ ۾ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو ۽ اولھ ۾ سينٽرل آفريڪن ريپبلڪ سان ملن ٿيون.
ڏکڻ سوڊان جي ريپبلڪ جنوب جمهورية جنوب السودان (ٻولي؟) | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"انصاف، آزادي ۽ خوشحالي" | |||||
ترانو: "South Sudan Oyee!" | |||||
مڪانيت ڏکڻ سوڊان (تيز نيرو) – نقشو آفريڪا (ھلڪو نيرو & تيز ڀورو) | |||||
گادي جو هنڌ | جبا 04°51′N 31°36′E / 4.850°N 31.600°E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | جبا | ||||
دفتري ٻوليون | انگريزي[1][2] | ||||
تسلیم ٿيل قومي ٻولي |
۽ لڳ ڀڳ 60 ٻيون ٻوليون [note 1] | ||||
مقامي ٻوليون s[8] | |||||
مقامي آبادي | ڏکڻ سوڊاني ، سائوٿ سوڊئنيز | ||||
حڪومت | وفاقيصدارتيآئيني ريپبلڪ [9] | ||||
• صدر | سالوا ڪيئر مايارديت | ||||
• نائب صدر | جيمز واني ايگا | ||||
• ڏکڻ سوڊان جو پھريون نائب صدر | تبان ڊينگ گائي | ||||
مقننه | نيشنل ليجسليچر | ||||
ڪائونسل آف اسٽيٽس | |||||
قومي قانونساز اسيمبلي | |||||
قيام | |||||
• اينگلو ايجپشن حاڪميت جو خاتمو | 1 جنوري 1956 | ||||
• امن جو معاھدو | 6 جنوري 2005 | ||||
• خودمختياري | 9 جولاءِ2005 | ||||
• ڏکڻ سوڊان جي آزادي جي تاريخ | 9 جولاءِ 2011 | ||||
• گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد 1999 جنھن مطابق تسليم ڪيو ويو | 13 جولاءِ 2011 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي | 619٬745 km2 (239٬285 sq mi) (41st) | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو | 12,230,730[10] | ||||
• 2008 مردم شماري | 8,260,490 (disputed)[11] (94th) | ||||
• گھاٽائي | 13.33 /km2 (34.5 /sq mi) (214th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $18.435 ارب ڊالر [12] | ||||
• في سيڪڙو | $1,420[12] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $3.194 ارب ڊالر [12] |
تاريخ
ھن ملڪ جي خطي ۽ سوڊان تي مصر جي محمد علي واري شاھي خاندان جي حڪومت ھئي جنھن بعد اينگلو ايجپشن دؤر شروع ٿيو جيڪو سوڊان جي 1956 ۾ آزادي تائين جاري رھيو. پھرين سوڊاني گھرو ويڙھ جي نتيجي ۾ ڏکڻ سوڊان جو خودمختيار خطو قائم ٿيو جيڪو 1983 تائين جاري رھيو. ٻي سوڊاني گھرو ويڙھ جلد ئي شروع ٿي وئي جيڪا 2005 ۾ ڪامپريھينسو پيس ايگريمنٽ(جامع امن معاهدي) سان ختم ٿي جنھن ذريعي ڏکڻ سوڊان جي خودمختيار خطي جي بحالي ٿي ۽ ڏکڻ سوڊان جي خودمختيار حڪومت قائم ٿي ۽ ڏکڻ سوڊان جي آزادي لاء ٿيل ريفرنڊم جي نتيجي ۾ 9 جولاءِ 2011 تي ڏکڻ سوڊان ھڪ آزاد ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي. ان ريفرنڊم ۾ 98.83 سيڪڙو ماڻهن آزادي جي حق ۾ ووٽ ڏنو. [21][22]
حوالا
حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/>
نہ مليو