نسلي گروھ

سماجي طور بيان ڪيل ماڻهن جو زمرو جيڪي هڪٻئي کي سُڃاڻين ٿا

نسلي گروھ (انگريزي: ethnic group) يا (انگريزي: Ethnicity) ماڻھن جو اھڙو گروھ جنھن جي شناخت يا سڃاڻپ اجتماعي ھڪجھڙائي يا مشابھت سان ٿئي مثال طور: ساڳيا ابا ڏاڏا، ساڳي ٻولي، ساڳي تاريخ، ساڳيو سماج، ساڳي ثقافت، يا ساڳي قوم ، ساڳيو وطن وغيره .[1][2] عام طور تي اھو وراثت واري حالت ھوندو آھي جيڪا ان معاشري جي بنياد تي بيٺل حالت ھوندي آھي جنھن ۾ اھو گروھ رھندو آھي. ان جي وڌيڪ سڃاڻپ ۾ ساڳيو وطن، ساڳيو مذھب، ساڳيو لھجو، ساڳي ڏند ڪٿا، ساڳي رھڻي ڪھڻي، ساڳيون ريتون رسمون، ساڳي جسامت سان بہ ٿيندي آهي. نسلي گروھ ڪڏهن ڪڏهن قوم يا ماڻھن جي لاءِ لفظ طور استعمال تيندو آھي. دنيا ۾ ھاڻوڪي دؤر ۾ سڀ کان وڏو نسلي گروھ چين جا ھان نسل جا ماڻهو آھي.

ڪيرالا ۾ ھڪ نسلي گروھ جو لباس مخصوص ساڙي

حسب نسب، بُڻ بُڻياد يا ايٿينسٽي (Ethnicity) يا اصل نسل يا بڻ بڻياد مان مراد آهي، ڪنهن خاص نسل سان لاڳاپيل هجڻ. هڪ قوم جو ڪنهن به ٻيءَ قوم سان واسطيداري پنهنجن طئي ڪيل ثقافتي ۽ لساني معيارن موجب ڪري ته ان عمل کي نسب پرستي (Ethnocentrism) سڏجي ٿو. سياست ۾ هن نظريي مطابق هڪ گروھ کي پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت تي فخر هوندو آهي؛ پر اهو فخر گھڻو ڪري (اڪثر) مخالف گروھ جي ٻوليءَ ۽ ثقافت سان متڀيد تي ٻڌل هوندو آهي. جڏهن ته Ethnicity ذريعي انسانن جي هڪ مخصوص گروھ کي ان جي نسل سان لاڳاپيل خاصيتن جي بُنياد تي عالمي سماج ۾ سُڃاڻپ تي زور ڏنو وڃي ٿو. اها سُڃاڻپ تاريخي حاصلات ۽ حالتن مطابق تبديل ٿيڻ جي صلاحيت هُجڻ ڪارڻ هڪ نسلي گروھ کي قومن جي برادريءَ ۾ الڳ حيثيت ڏياري ٿي. نسليت، ثقافتي ۽ نسلي فرقيواراڻي گروهن وچ ۾ لاڳاپي (تعلق) جو بنياد ثقافتي ساڙ ۽ سماجي متڀيد تي ٻڌل هوندو آهي.[3]

حوالا