علي
اميرالمومنين | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
علي | |||||||
(عربي ۾: أبُو الحَسَنْ عَلِيُّ بْنُ أَبِيْ طَالِبٍ الهَاشِمِيّ القُرَشِيُّ) | |||||||
معلومات شخصيت | |||||||
ڄم | سال 600 [1] مڪو [2] | ||||||
موت | 29 جنوري 661 (60–61 سال) ڪوفو [2] | ||||||
شھريت | خلافت راشده | ||||||
زال | فاطمه زهرا [3]ام البنين | ||||||
ٻار | حسن ابن علي [4]،حسين ابن علي [5]،عباس بن علي ،زینب [6][3]،ام ڪلثوم بنت علي [3] | ||||||
پيءُ | ابو طالب [3] | ||||||
ڪٽنب | بنو هاشم | ||||||
مناصب | |||||||
راشدون خلیفا (4 ) | |||||||
عهدو جو مدت 656 – 27 جنوري 661 | |||||||
| |||||||
عملي زندگي | |||||||
پيشو | جج ،شاعر ،خليفو | ||||||
مادري ٻولي | ڪلاسيڪي عربي | ||||||
ڪم جي ٻولي | ڪلاسيڪي عربي ،عربي ٻولي [7] | ||||||
عسڪري خدمتون | |||||||
لڙائيون ۽ جنگيون | بدر جي جنگ ،احد جي جنگ ،خندق جي جنگ ،خيبر جي جنگ | ||||||
دستخط | |||||||
ترميم |
علی بن ابی طالب (عربي ۾: علی بن أبی طالب؛ 13 رجب 30 عام الفيل – 21 رمضان 40 هجری) مذهب شیعہ جو پهريون، محمد، پیغمبر اسلام جو سوٽ ۽ نياڻو.[8] پيءُ ابو طالب ماءُ فاطمه بنت اسد ۽ گھر واري فاطمهٔ زهرا پٽ حسن، حسين، زینب ء ام ڪلثوم.[9]پاڻ سال 35 تا 40 پنج سال جي گھٽ عرصي تائين خلیفي جي عنوان سان خلافت اسلامی، (شام کان علاوه) تقريبا پوڻا پنج سال تائين حڪومت ڪيائين.[10] علي کي خلفاء راشدین ۽ صحابهٔ مان ويجھو صحابي ۽ شيعن جو پهريون مڃن ٿا.[11]
ننڍپڻ ۾ والد جي قرضي ٿي وڃڻ ڪري، محمد ان کي پنهنجي سرپرستي ۾ ورتو. محمد جي سرپرستي ۾ اچَڻ وقت، علی جي ڄمار 9 کان 11 سال هئي؛[11] علي یوم الدار (دعوت ذي عشيره) ۾ محمد جي دعوت قبول ڪري اسلام تي سڀ کان پهريان ايمان آڻڻ وارو انسان بڻجي ويو.[12][13] ۽ محمد ان کي پنهنجو ڀاءُ ۽ وصي (جانشين) ڪوٺيو.[11] چيو وڃي ٿو ته لیلة المبیت مديني طرف هجرت واري رات ۾ به ان جي مدد ڪيائين[11] ۽ محمد جي بستري تي دشمنن جي حملي کان بي خوف ٿي آرامي ٿيا هجرت کان پوءِ مدینه ويو ۽ ڀائيپاڻي واعدي (اخوت) ۾ علي کي پنهنجو ڀاءُ انتخاب ڪيائين [14] هو گھڻين ئي جنگين ۾ علمدار اسلام رهيو.[11]
مڪي ۾ زندگي
نالو
تاريخدانن جو بيان آهي تہ عليءَ جو نالو ابو طالب قصي جي نالي تي زيد رکيو هو. اوهان جي ماءُ فاطمه بنت اسد اوهان جو نالو پنهجي پيءُ جي نالي اسد تي رکيو هو جڏهن تہ محمد مٿس الله جو نالو علي رکيو.[15]
لقب ۽ ڪنيت
علي جي مشهور ڪنيت ابوتراب ۽ ابوالحسن آهي ء مشهور لقب اميرالمومنين، مرتضيٰ، وجه الله، يدالله، عين الله، اسدالله، نفس رسول، ثاقي ڪوثر حيدر گھڻو مشور آهن.[16].[17]ابو تراب، حضرت علي عليه السّلام جن جو لقب آهي. ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن، پرهيزگاريءَ ۽ حليمائيءَ جي لحاظ کان کين انهيءَ لقب سان سڏيو. ابو تراب جي لفظي معنيٰ آهي: ”مٽيءَ جو پيءُ“. لطيف سائينءَ به چيو آهي[18] :
- سو نہ ڪنھين شيءِ ۾، جيڪي منجهہ ’تراب‘
پرورش
علي جي پرورش محمد پاڻ ڪئي جڏهن علي پيدا ٿيو تڏهن اوهان پنهجي ڄڀ علي جي ڄڀ سان ڏني ء پنهجو لعاب دهن سان علي کي سيراب ڪيو.[19]
مديني ۾ زندگي
ولادت کان پيغمبر جي بعثت تائين
علي جمعي ڏينهن 13رجب سن 30 عام الفيل (بعثت کان ڏهہ سال اڳ) ڪعبي منجھ پيدا ٿيو.[20][16] هن نينگر جو عالي قدر والد ابو طالب ابن عبدالمطلب ابن هاشم ابن عبد مناف هو ۽ سندن امڙ فاطمہ بنت اسد بن هاشم ابن عبدالمناف هئي.[16] علي ڇهن سالن جي ڄمار تائين پنهنجي والدين وٽ زندگي گذاريندو رهيو. ان کان پوءِ محمد ابن عبدالله جي درخواست تي محمد وٽ هليو آيو.
محمد مصطفي جو اعليٰ ڪردار، بهترين سيرت، عدالت پسندي، انسان دوستي، خدا پرستي عليءَ جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي راهہ متعين ڪرڻ لاءِ بهترين نمونو هئي.
علي جي باري ۾ نظريا
شيعن جو نظريو
شيعه اثناعشري ۽ اسماعيلي شيعه پاڻ کي الله جو ولي پيغمبر اسلام جو روحاني سياسي جانشين پهريون خليفو ۽ سندن اهل بيت مان مڃين ٿا ۽ا وهان کي معصوم پڻ مڃن ٿا. شيعه اثناعشري ۽ اسماعيلين جو اهو مڃڻ آهي ته پيغمرِ اسلام علي کي پنهنجو سياسي ۽ مذهبي خليفو نامزد فرمايو آھي، پيغمبرِ اسلام جي وفات کان پوءِ جو حق ادا نا ڪيو ويو ۽ خلافت ابن ابوقحافه کي ڏني وئي. شيعه زيدي سنين وانگي اوهان کي صرف پيغمبرِ اسلام جو روحاني جانشين مڃن ٿا يعني مذهبي جانشين ۽ سياسي جانشين کي الڳ مڃن ٿا.
سنين جو عقيدو
سني مسلمان پاڻ کي، الله جو ولي چوٿون خليفو، خدا جي رسول جو صحابي ۽ عشره مبشرا يعني ڏھ جنت جي بشارت مليل صحابين مان مڃن ٿا. سني اوهان کي بعد از پيغمبرِ اسلام ابوبڪر بن ابوقحافه رضہ، عمر بن خطاب رضه، عثمان بن عفان رضہ کان پوءِ افضل مڃن ٿا. ڪجهه سني اوهان کي بعد از انبياء افضل مڃن ٿا انهن کي تفضيلي سني چئبو آھي، صوفي سني اوهان کي رسول الله جو روحاني خليفو مڃن ٿا. سني پاڻ جي دور ۾ وڙھيل ٽن جنگن ۾ پاڻ کي حق تي ۽ مخالفن مان اهل جمل، اهل صفين کي اجتهادي غلطي ۽ اهل نهروان کي خالص گمراهي تي مڃن ٿا.
نصيري جو عقيدو
نصيرين جو علي,الله آهي.