مغربي صحارا

اتر ۽ اولهه آفريڪا جو ھڪ علائقو


مغربي صحارا يا اولھ صحارا (انگريزي: Western Sahara ) عربي ۾ الصحراء الغربيه اتر ۽ اولھ آفريڪا جي مغرب واري خطي ۾ واقع ھڪ تڪراري علائقو آهي جنھن جي پکيڙ 2,66,000 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان ڪجهه حصي تي صحراوي عرب ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي نالي سان قائم آهي جيڪا ھڪ خودساخته اعلانيل ريپبلڪ يا ملڪ آھي. ھن تڪراري علائقي جو باقي حصو مراڪش جي اختيار ۾ آهي. ملڪ دنيا جي ڇڊي آبادي وارن وڏن ملڪن ۾ شامل آھي جنھن جو وڏو علائقو ريگستاني ۽ ميداني آھي. علائقي جي ڪل آبادي اٽڪل پنج لک آهي[2]. جنھن مان آبادي جو وڏو حصو خطي جي سڀ کان وڏي شھر لعيون ۾ رھي ٿو.

مغربي صحارا
الصحراء الغربية
تڪراري علائقو
مغربي صحارا جو نقشو
مغربي صحارا جو نقشو
جاگرافي بيهڪ: 25°N 13°W / 25°N 13°W / 25; -13
ملڪ
وڏي ۾ وڏو شهر لعيون
پکيڙ
 • ڪل 266,000 ڪ.م2 (103,000 ميل2)
آبادي
 • ڪل 538,755[1]

تاريخ

ويھين صديءَ تائين ھي خطو اسپين جي قبضي ۾ رھيو. مراڪش جي مطالبي تي 1963ع کان وٺي ھي علائقو گڏيل قومن جي غير خودمختيار ملڪن جي فھرست ۾ شامل آھي. [3] ان فھرست ۾ ھي علائقو آبادي ۽ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. 1965 م گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ھڪ قرارداد ذريعي اسپين کان مطالبو ڪيو ھو تہ مغربي صحارا جي بيٺڪيت واري حيثيت ختم ڪري[4]1966 ۾ جنرل اسيمبلي ھڪ ٻي قرارداد وسيلي اسپين کان اتي حق خوداراديت لاءِ ريفرينڊم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو[5]1957ع کان مراڪش ھن علائقي جو دعويدار ھيو پر اھو اسپين جي قبضي ۾ ھيو. 1975 ۾ اسپين ان تان پنھنجو انتظامي اختيار ختم ڪري ڇڏيو ۽ مراڪش ۽ موريطانيا جي گڏيل انتظام جي حوالي ڪيو[6]. جنھن سان انھن ٻنھي ملڪن جي فوج ۽ مقامي ماڻھن جي صحاروي قومي تحريڪ واري جماعت پوليساريو فرنٽ وچ ۾ جنگ ڇڙي وئي. قومي تحريڪ جي ان جماعت صحاروي عرب ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ قائم ڪري ان جي جلاوطن حڪومت الجيريا جي شھر تندوف مان ھلائي رھي آھي. موريطانيا 1979ع ۾ ھن علائقي جي دعوا تان ھٿ کڻي ويو باقي ھن علائقي جو ڪافي حصو مختلف شھرن ۽ قدرتي وسيلن سميت مراڪش جي اصل اختيار ۾ آهي. گڏيل قومن پوليساريو فرنٽ کي صحاروي ماڻھن جي جائز نمائنده ڪندڙ تنظيم تسليم ڪيو آهي صحاروي ماڻھن جي حق خوداراديت جي مطالبي تي اڃان قائم آهي[7][8]. 1991ع م گڏيل قومن جي مدد سان جنگبندي جو معاھدو عمل ۾ آيو جنھن بعد ھن خطي جو ٻہ ڀاڱي ٽي حصو مراڪش جي حڪومت جي اختيار ۾ آهي جنھن جي حمايت آمريڪا ۽ فرانس ڪري ٿو باقي حصو الجيريا جي تعاون سان قائم صحاروي عرب ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي اختيار ۾ آهي[9]. روس ان معاملي ۾ غيرجانبدار رھيو آھي. پوليساريو فرنٽ جي ريپبلڪ کي 46 ملڪ تسليم ڪري چڪا آھن ۽ ان کي آفريڪي يونين ۾ پڻ رڪنيت ملي چڪي آهي. مسلمان ملڪن جي اڪثريت ۽ عرب ليگ مراڪش جي دعوا کي تسليم ڪن ٿا[10] [11].[12][13] 1984 ۾ آفريڪي يونين صحاروي عرب ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ کي ھڪ ملڪ جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو ۽ ان کي ان حيثيت سان رڪنيت ڏني تہ مراڪش احتجاج ڪندي آفريڪي يونين مان نڪري ويو. 30 جنوري 2017 ۾ مراڪش يونين ۾ ان تنازعي جي پرامن حل واري يونين جي موقف جي ڪري واپس شامل ٿي ويو.

حوالا