ٻوڌيڌرما

ھندوستاني چيني فلسفي ۽ ٻڌ ڌرم راهب

ٻوڌي ڌرمن يا ٻوڌي ڌرما انگريزي(Bodhidharma) پنجين يا ڇهين صدي جو هڪ ٻُڌ ڌرم جو ڀِڪشو هو. جنهن کي چين ۾ چن ٻُڌمت جي ڦھلاءُ جو پايو وجهندڙ ڪوٺيو ويندو آھي. جنهن ٻُڌ ڌرم جي پَرچار سان گڏ ڌيان اِڀياس ۽ مارشل آرٽ جو چين ۾ سِکيا اَکاڙو نالي شائولين مندر جو بُنياد رکيو.[1]

ٻوڌي ڌرما Bodhidharma

ٻوڌي ڌرما, يوڪيو-ئي ٽوسڪيوڪا طرفان ڪاٺ جو نشان يوشيتوشي, 1887.
مذھب ٻڌمت
مڪتبه فڪر ڇن
وڌيڪ ڄاڻ
خطاب چانشي
پهرون چن سرواڻ
جانشین هوئائيڪ
مذهبي زندگي
شاگرد Huike

ڄمڻ جي جڳھ

ٻوڌي ڌرمن جي جنم بابت ڪا هڪ-مَتِي راءِ نہ جُڙي سگهي آهي. اوائلي چيني تاريخون کيس هندوستان جي ڪنهن پَرڳڻي کان آيل ٻُڌائن ٿيون تہ هو ڏکڻ ڀارت جي پَلوا راڄ جو ڪو راجڪُمار هو يا وري ڪو اولھ ڀارت جو ايراني.[2] هڪ ٻي تاريخ کيس بِرهمڻ نسل جو راجا ڪوٺي ٿي. اِهي ٻئي رايا کوٽ جو اُنڪري شڪار آھن جو پَلوا راڄ جو آفيشل ڌرم هندومَت هو ۽ پلوا راڄ جي ڪنهن راجڪمار جو نالو ٻوڌي ڌرمن هُيو ئي ڪونہ.[3] اگر هجي تہ بہ هندومت ۽ ٻُڌمت ٻہ مُخالف ڌَرم آھن، نہ تہ هڪ هندو برهمڻ ٻُڌمت جي پَرچار ڇو ڪئي!؟ غلام حيدر مهجور جي سولنگي تاريخ بابت لکيل ڪتاب جي صُفحي 120 ڪتاب لکڻ موجب ڪتاب چَچ نامو(فتحنامہ سنڌ) جي صُفحي 512 ۽ 513 تي مُصنف لکي ٿو تہ هوڙي والا (صفحو97) جي گُمان ۾ اِهو نالو ٻُڌيورمن پٽ ڍول آھي. شايد بدهيورمن(Budhivarman) هُجي.[4] ڇاڪاڻ تہ اِهو نالو قديم رڪارڊ ۾ اچي ٿو ۽ 640ع ڌاري گُجرات جي چالوڪيا(سولنڪي) گهراڻي جي هڪ راجا جو پڻ اهو نالو هو ۽ عربيءَ ۾ ” بديهني بمن دهول“ لکيو اٿس. هيءُ گمان، فتحنامي ۾ هن نالي جي ڏنل صورتخطيءَ مطابق پڻ قدري قياس ويجهو معلوم ٿئي ٿو: يعني ته”بديهي بمن“ = بدهي ورمن. انهيءَ لحاظ سان هن نالي جي پڙهڻي”ٻـُـڌِيورمن ]پـٽ[ ڍول“ زياده موزون ٿيندي.[5] اولاهن چالوڪين مان ڪجهه راجائن جو ناتو ۽ نرمي ٻُڌ ڌرمن جي ساڌوئن ڏانهن هئي. خاص طور وڪرم ادتيا.[6] پاڪستاني اِتهاسڪار ”احمد حسن داني“ کيس واديءِ سنڌ جي پشاور پَرڳڻي جو ڄاڻائيندي خيال ڪري ٿو، ڪجهه مقامي روايتن ۾ ٻوڌي ڌرمن جو ذڪر آيل آھي هو پاڪستان افغانستان جي بارڊر وٽ يا آسپاس جو ٿي سگهي ٿو.[7]

مشھور ڪيرتون

ٻوڌي ڌَرمن جي بَڻ بُڻياد بابت ڪيتريون ئي ڪيرتون موجود آھن. هڪ ڀارتي ڪيرت پٽاندر ٻوڌي ڪانچي پورم سان جُڙيل راڄ پلوا جي راجا جو ٽيون پُٽ ھو. جنهن پنهنجي ڪُندالڻي سَگھ جاڳائي ورتي هئي ۽ ڀِڪشو ٿيڻ لاء راڄ ڀاڳ تياڳيو هُئائين. ٿٻيٽي ڪيرتون کيس ڪاري چمڙيءَ وارو دراوڙ هندوستاني سڏين ٿيون، جڏهن تہ جاپاني اِتهاسڪ گرنٿن کيس فارسي ڪوٺيو آھي.[8]

سکيا

ٻوڌي ڌَرمن ڌيان اِڀياس جو اُستاد، حڪيم، يُڌ ڪَلا جو ڄاڻو، جنهن جو روحاني طاقت ۽ ڪندالڻي سگھ تي ڪنٽرول هو. هن ديوي شڪتين کي پنهنجي وَس ۾ ڪري ڇڏيو. هو ٽيلي پيٿي، هيپناٽزم ۽ مسمريزم جو اِڀياسي هو. ان کان علاوه هن کي چين ديش ۾ ٻُڌمت جو پايو وجهندڙ ساڌو سڏيو ويندو آھي.[9]

هاڻوڪي ڪلچر ۾

ٻوڌي ڌَرمن هڪ وڏي ڌَرم گُرو، سَنياسي، روحانيت پسند مَهاپُرش ۽ هڪ ويدانتي ساڌوءَ طور ڄاتو وڃي ٿو، جنهن پنهنجو راڄ ڀاڳ ڌَرم لاءِ تِياڳيو. ڪيتريون ئي ڏند ڪَٿائون هن ڏانهن جوڙيل آھن. اِن کان علاوه گهڻين ديو مالائي ڪهاڻين ۾ سندس فرضي نالو ڪتب آيل آھي. ڏکڻ ڀارت جي تامل فلم انڊسٽري پاران ٻوڌي ڌرمن جي جيون تي ستائيم ارائيوو(Seventh Sense) فلم ٺهيل آهي، جنهن گهڻي مَڃتا ماڻي. توڙي جو فلم ۾ ڪافي تاريخي اُوڻايون آھن.[10]

ورڻ يا ذات

ڀارتي اوچ نيچ واري سرشتي ۾ لفظ ”برهمڻ راجا“ ۾ پڻ وائڙائپ يا مونجهارو آھي.[11] ڇو تَ محقق برائوٽن جي خيال ۾ ”راجا“ لفظ ان ڳالھ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو تَ ٻوڌي ڌرما پڪ کتري(ويڙھاڪ) ڪلاس مان هو.[12] جڏهن تَ برهمڻ لفظ سڄو ان ڳالھ ڏانهن اشارو آ تَ ھو ڪو ڪٽر هندو ڌرم گرو يا پنڊت هو.

نانءُ

ڪن ڪيرتن پٽاندر تَ ٻوڌي ڌرمن کي اهو نالو سندس گروء ڏنو جيڪو عام طور پَنياتر، پراجنتر يا پراجنڌر طور ڄاتو ويندو هو. هڪ ٻڌ ڀڪشوء طور سندس نالو جيوا ورمن ٻڌايو ويندو آھي. ٻوڌي ڌرما ٻين ب انيڪ نالن سان پڪاريو ويندو آھي. ”ٻوڌيترا“ به سندس هڪ نانء آھي.

حوالا