تامل ناڊو

تامل ناڊو(انگريزي: Tamil Nadu) (سانچو:IPA-ta ، جيڪو پھرين مدراس پريزيڊنسي(انگريزي: Madras Presidency ) ۽ پوء مدراس رياست طور سڃاتو ويندو هو، انڊيا جي ھڪ رياست آھي جيڪا ڏکڻ اوڀر انڊيا ۾ واقع آهي ۽ ان جي گادي جو هنڌ چينائي (پراڻو مدراس شھر) آھي جيڪو ھن رياست جو سڀ کان وڏو شھر پڻ آهي. ھن رياست جون حدون يونين ٽيريٽري پانڊيچري، ڪيرالا، ڪرناٽڪا ۽ آنڌرا پرديش سان ملن ٿيون. ان جي اولھ ۾ بنگالي سمنڊ واقع آهي.ھن رياست وارو علائقو تاريخ ۾ ڪيترن ئي بادشاھتن جي حاڪميت ۾ رھيو آھي جن ۾ چولا، چيرا ۽ پانڊيا جي بادشاھي شامل آھي.

تامل ناڊو
رياست
مٿان کان ھيٺ ۽ ساڄي کان کاٻي:
چولا گھراڻي وارا مندر, پدمناڀاپورام محل, رنگناٿاسوامي مندر , مھابليپورم وٽ يادگار, مرينا بيچ ۽ نيلگيري جبل وارو ريل جو رستو
تامل ناڊو
سرڪاري نشان
ترانو: "تامل ٿائي والٿو"[1]
(تامل ماتا لاء دعا )
انڊيا ۾ تامل ناڊو جو مقام
انڊيا ۾ تامل ناڊو جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 13°05′N 80°16′E / 13.09°N 80.27°E / 13.09; 80.27 80°16′E / 13.09°N 80.27°E / 13.09; 80.27
ملڪ  ڀارت
قيام جنوري 1950, 26؛ 74 سال اَڳُ (26-01-1950)
گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شھر چينائي (مدراس)
ٽوٽل ضلعا 33
حڪومت
 • مجلس تامل ناڊو جي حڪومت
 • گورنر بنواري لال پروھٽ
 • وزيراعلي ايڊاپڊي ڪي. پالنيسوامي (آل انڊيا آنا دراوہدا منيترا ڪزھاگم)
 • ڊپٽي وزيراعلي اون پانيرسيلوم(آل انڊيا آنا دراوہدا منيترا ڪزھاگم)
 • مقننہ ھڪ ايواني (234)[1]
 • ھاء ڪورٽ مدراس ھاء ڪورٽ[2]
پکيڙ
 • ڪل 130,060 ڪ.م2 (50,220 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو پکيڙ ۾ انڊيا جي يارھين وڏي رياست
آبادي (2011)[3]
 • ڪل 72,147,030
^#  جانا گانا مانا قومي ترانو آهي ۽تامل ماتا لاء دعا تامل ناڊو جو رياستي ترانو آهي.
^†  1773 ۾ قائم ٿيو ; مدراس رياست 1950 ۾ قائم ٿي ۽ جنوري 1969 ۾ ان جو نالو مٽائي تامل ناڊو رکيو ويو [4]
Symbols
نشان
ٿيرووليپوٿر آندل مندر
ٻولي
تامل
گانو
"تامل ديوي کان دعا"
ناچ
ڀارتناتيم
جانور
نيلگري تاھر
پکي
زمردي فاختو
گل
گلوريئوسا للي
وڻ
ناريل جو وڻ
راند
ڪوڏي ڪوڏي راند

انتظامي ورھاست

تامل ناڊو جا ضلعا

تامل ناڊو 33 ضلعن۾ ورھايل آھي ۽ ھر ضلعي جو انتظامي نگران ڊسٽرڪٽ ڪليڪٽر آھي جيڪو اڪثر انڊين ايڊمنسٽريٽو سروس جي آفيسرن مان مقرر ٿيندو آهي. اھي ضلعا وري 226 تحصيلن يا تعلقن ۾ ورھايل آھن جن جا نگران تحصيلدار ھوندا آھن. اھي سڀ تعلقا يا تحصيلون. وري 1127 بلاڪن ۾ ورھايل آھن. ھن رياست ۾ ڳوٺن جو تعداد 1656411 آھي. ھن رياست ۾ 12 ميونسپل ڪارپوريشنون ۽ 125 ميونسپل ڪميٽيون ۽ 529 ٽائون پينچائتون آھن.[11][12][13] ٻھراڙيءَ جي ادارن ۾ 31 ضلعي پينچائتون، 385 پينچائتي يونيون ۽ 12524 وليج پينچائتون آھن.[14][15][16]

حوالا