ٿڪائڻ
ٿڪائڻ، کِٿُ ڪرڻ يا ايٽريشن (Attrition warfare) هڪ اصطلاح آهي. جنگي حڪومت عمليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ هن اصطلاح جي لفظي معنا ”ساڻو ٿيڻ“ آهي. هيءَ تدبير پهريون ڀيرو اتحادي جنگي حڪمت عمليءَ ۾ ڪتب آئي، جڏهن ٻي عالمي جنگ دوران اتحادي ڪمانڊرن دُشمن جي فوجن کي مُڪمل تباھ ڪرڻ بدران کين ”صفا ساڻو ڪرڻ “ ۽ ٿڪائي مارڻ طريقو اختيار ڪيو. هن قسم جي جنگ کي اينگهائي ڊگهو ڪري، مُخالف تڪراري ڌُر کي ڀينگيو ۽ بيزار ڪيو ويندو آهي ۽ ان ۾ تڪراري ڌُرين جي سموري مڏي ۽ وسيلا فوج جي بلي ٿي ويندا آهن. ان قسم جي جنگ جو ويجهي ماضيءَ ۾ مثال عراق ۽ ايران جي جنگ (88-1980ع) آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪٻئي سان جنگ ڪندي ذري گهٽ پنهنجو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو.[1]
حوالا
🔥 Top keywords: مُک صفحووڪيپيڊيا:بابتمدد:مندرجاتٻين مھاڀاري جنگوڪيپيڊيا:نياتي بابوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريووڪيپيڊيا:مندرجاتوڪيپيڊيامدد:تعارفباب:ھاڻوڪا واقعاخاص:تازيون تبديليونوڪيپيڊيا:سنڌي لکت ڪيئن پڙهجيسانچو:This date in recent yearsنبي بخش بلوچزمرو:راڄڌانيونپاڪستانوڪيپيڊيا:عام غيرجوابداريناموخاص:ڳولازڪواتجنسي سنگمدد:صفحو ڄاڻڏکڻ آمريڪاسانچو:سنڌي تاريخانگريزي ٻولياڻ ٽر صورتحالاسمسانچو:This date in recent years/titleشاھ عبداللطيف ڀٽائيآڪاش منڊلسوانح نگاريبيتوڪيپيڊيا:ديوان عامڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرزمرو:ڏکڻ آمريڪازمرو:Short description matches Wikidataسانچو:Sindhi Alphabetآمريڪا جون گڏيل رياستونگوگلڪيوٽو