چٻ

چـِـٻَ:

نالا: ع. چغد، ف. بوم، هه. وغيره___ اُلو، برق، سارو، قوس ۽ صنوع.

طب

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڌاڻا، عيوض: ___-، وزن: ٻه تولا.سڃاڻپ: ڪڪڙ کان وڏو چٽڪمرو پکي آهي، جيڪو اڪثر ويران پٽن ۽ جهنگلن ۾ رهندو آهي.خاصيت: هن جو گوشت لقوي، فالـج، ۽ جلندر لاءِ مفيد آهي. هن جي گوشت ۾ بدبوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري کائڻ کان پوءِ دل ۾ موڳائي پيدا ٿيندي آهي. هن جي وِٺ ۽ پتو ماکيءَ ۾ گڏي کارائجي ته پيشاب جي گهڻائي ۽ بستري تي پيشاب جي عادت بند ٿي ويندي. اک جي ڦلي، ڌنڌ، شبڪوري ۽ خارش لاءِ مفيد آهي.[1]،

حوالا