ڪيئر ڪيڪارڊ

ڪيئر ڪيڪارڊ
(ڊينش ۾: Søren Aabye Kierkegaard خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو(ڊينش ۾: Søren Aabye Kierkegaard خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم5 مَئي 1813 [1][2][3][4][5][6][7][8][9][10][11][12][13][14][15][16][17]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ڪوپن هيگن [18][19]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت11 نومبر 1855 (42 سال)[20][21][4][5][6][7][8][1][9][10][11][12][13][14][15][16][17]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڪوپن هيگن [18][19]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
وجه موتسلهہ ،ڌ رنگ [22]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو cause of death (P509) وڪي ڊيٽا تي
رهائشڪوپن هيگن
برلن، جرمني   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
تعليمي سندونپي.ايڇ.ڊي.   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو academic degree (P512) وڪي ڊيٽا تي
پيشوفلسفي [16][17]،شاعر [17]،ليکڪ [17][23]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻوليلاطيني ٻولي ،جرمن ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپيفلسفو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
مؤثرارسطو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو influenced by (P737) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
 
ويب سائٽ
IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

ڪيئر ڪيڪارڊ (Kierkegard) وجوديت جو باني سڏيو وڃي ٿو. پاڻ 1883ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ ڄائو هو. ڪيئر ڪيڪارڊ مُنهن مهانڊي جو چڱو ڪونه هو ۽ ڪُٻڙو ٿي هلندو هو، پر ڏاڍو حساس ۽ ذهين هو. هن جا 8 ڪتاب لکيل آهن. هن ڏاڍي بهادراڻي نموني سان عيسايت تي ٺيڪ ٺاڪ ٽيڪاٽپڻي ڪئي هئي. تنهنڪري سندس خلاف پاڌرين جي طرفان محاذ قائم ڪرڻ سبب اهو پنهنجي گھر تائين محدود ٿي ويو هو.

ڪيئر ڪيڪارڊ پنهنجي فلسفي جو بنياد هيگل جي عقل پرستي واري فلسفي جي اُبتڙ رکي ٿو. هو چوي ٿو ته صداقت، حقيقت يا سچائي موضوعي آهي. يعني هر فرد وٽ پنهنجي صداقت يا سچائي آهي ۽ ان جو بنياد عقل نه پر جذبا آهن. سندس چوڻ آهي ته فرد جي لاءِ جوش ۽ جذبا وڌيڪ اهم آهن. گڏيل اجتماعيت ۾ فرد پنهنجي آزادي کي ڪَتب آڻي نٿو سگھي ۽ فرد اجتماعيت تي قربان ٿي وڃي ٿو. هو چئي ٿو ته، ”منهنجي چونڊ ۽ فيصلو، منهنجا انفرادي ۽ ذاتي آهن ۽ ڪوبه خدا منهنجي لاءِ فيصلا نٿو ڪري. پنهنجا فيصلا رڳو ۽ رڳو آئون پاڻ ڪري سگھان ٿو.“

سندس مطابق حقيقت يا سچائي رڳو موضوعي آهي ۽ موضوعي حقيقت عقلي نه پر جذباتي آهي. خدا هڪ حقيقت آهي پر معروضي ناهي ۽ اهو پنهنجي وجود جي لاءِ انسان آڏو مجبور آهي، ڇو جو انساني وجود کانسواءِ خدا جو تصور ئي ناهي. ان ڪري خدا کي ڄاڻڻ لاءِ اهو عقل جي بدران احساسن ۽ جذبن کي اهميت ڏيئي ٿو. [24]

حوالا