مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ھومائي وياراوالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هومائي وياراوالا Homai Vyarawalla
پيدائش 9 ڊسمبر 1913(1913-12-09)
نوساري, بمبئي رياست, برطانوي هندستان
وفات 15 جنوري 2012 (عمر 98 سال)
وڊودرا, گجرات, انڊيا
قوميت انڊين
تعليم سر جمسيٽجي جيجيڀوئي اسڪول آف آرٽ
پيشو فوٽو جرنلسٽ
جيون ساٿي مانيڪشا ويارا والا (م. 1969)
ٻار ٻچا فاروق[1]

هومائي وياراوالا (انگريزي ٻولي: Homai Vyarawalla) (جنم، ڊسمبر 9 1913 -وفات، 15 جنوري 2012)، جيڪا عام طور پنهنجي فرضي نالو ڊالڊا 13 (انگريزي ٻولي: Dalda 13) سان سُڃاتي ويندي هُئي، پهرئين ڀارتي ناري تصويري صحافڻ (فوٽوگرافي جرنلسٽ) هُئي. [2][3]سال 1930 جي پڇاڙيءَ ۾ هن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سال 1970 جي مُنڍ ۾ رٽائر ٿي وئي. سال 2011 ۾ کيس ڀارتي حڪومت طرفان مُلڪ جو ٻيون وڏو شهري ايوارڊ پدم وڀوشن ڏنو ويو هيو.۔[4][5]

شروعاتي زندگي ۽ تعليم

هومائي وياراوالا 9 ڊسمبر 1913 تي [6]نوساري، گجرات، ڀارت ۾ هڪ پارسي خاندان ۾ جنم ورتو. هن پنهنجو ٻاروتڻ ۾ پنهنجي پيءُ سان گڏ ٿيٽر ڪمپني ۾ گذاريو.[7]ـ ممبئي ۾ رهڻ کانپوءِ وياراوالا سر جمشيد جي جيجي ٻائي اسڪول آف آرٽ ۽ ممبئي يونيورسٽي کان تعليم حاصل ڪئي.[8]

ذاتي زندگي

وياراوالا جي شادي مانيڪشاو جمشيدجي وياراوالا سان ٿي هُئي، جيڪو ٽائمس آف انڊيا ۾ فوٽوگرافر ۽ اڪائونٽنٽ هيو.۔[9] سال 1970 ۾ پنهنجي مُڙس جي وفات کان هڪ سال پوءِ وياراوالا پاڻ به فوٽوگرافي کي ڇڏي ڏنو.[10] [11]
وياراوالا پوءِ پنهنجي موڀي پُٽ فاروق سان گڏ پيلاني، راجسٿان وئي، جيڪو برلا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنولوجي ۽ سائنس ۾ پڙهائيندو هيو.[12]وياراوالا، سال 1982 ۾ پنهنجي پُٽ سان گڏ وڊودرا هلي وئي. سال 1989 ۾ هن جي ڌيءَ جو ڪينسر سبب وفات ٿي وئي.[13]

ڪيريئر

وياراوالا سال 1930 جي ڏهاڪو ۾ پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ دي السٽريٽڊ ويڪلي آف انڊيا (انگريزي ٻولي: The Illustrated Weekly of India) ٻئي مهاڀاري جنگ دوران ئي سندس پاران چڪيل تصويرون ڇپيون. [14] پنهنجي ڪيريئر جي مُنڍ واري زماني ۾ وياراوالا جي سُڃاڻپ نہ هئي، ۽ سندس پاران ڇڪيل تصويرون سندس مُڙس جي نالي سان ڇپجنديون هيون.[15]
سندس تصويري صحافت کي سال 1942 دوران ڌيان مليو، جڏهن هوءَ برٽش انفارميشن سروسز (انگريزي ٻولي: British Information Services) ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ دهلي ڏانهن وڃي رهڻ لڳي. هن ڀارت جي آزادي جي نامياري سياسي ۽ قومي ليڊرن جهڙوڪ موهن داس گانڌي، جواهر لال نهرو، محمد علي جيڻاح، انڌرا گانڌي ۽ نهرو گانڌي خاندان جون تصويرون ڇڪيون.[15]

ايوارڊ

  • نامياري ناري صحافڻ لاءِ چميلي ديوي جين ايوارڊ
  • پدم وڀوشن
هومائي وياراوالا (ساڄي پاسي) سال 1998 ۾ چميلي ديوي جين اعزاز حاصل ڪندڙ، 2011 ۾ صدر ڀارت کان پدم وڀوشن وٺِي رهي آهي.

وفات

وياراوالا جي وفات 15 جنوري 2012 تي ٿي هُئي.[16]

حوالا

🔥 Top keywords: مُک صفحوٻليخاص:ڳولاٻين مھاڀاري جنگخاص:تازيون تبديليونوڪيپيڊيا:عام غيرجوابدارينامووڪيپيڊيا:بابتڳورپٽزمرو:پاڪستان جا ضلعاوڪيپيڊياوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريوخاص:مون سان ڳالههوڪيپيڊيا:نياتي بابمدد:مندرجاتآمريڪا جون گڏيل رياستونپاڪستانوڪيپيڊيا:مندرجاتوڪيپيڊيا:هدايتون ۽ حڪمت عمليونآتم ڪهاڻيباب:ھاڻوڪا واقعاگڏيل بادشاھتوڪيپيڊيا:ديوان عامناولمدد:تعارفزمرو:پاڪستانوڪيپيڊيا:ڪچو مضمونزمرو:گلگت بلتستان جا ضلعاآسٽريلياوڪيپيڊيا:وڪيپيڊيا ۾ ڀاڱيداريوڪيپيڊيا:ھاڻوڪا واقعاسائو پن يا ڪارو پنومظفر ڀٽوسنڌي ٻوليانگريزي ٻوليسنڌي ادببلوچستان جي ضلعن جي فھرستعبدالقادر جيلانيڪھاڻيوڪيپيڊيا:ثابتي