ھيبئي صوبو

چين جو صوبو

ھيبئي(انگريزي: Hebei )About this sound 河北; ھوپيھ(انگريزي: Hopeh ) اتر چين واري ريجن ۾ واقع عوامي جمهوريه چين جو ھڪ ساحلي صوبو آهي. 1911ع ۾ بطور جديد صوبي جي ان جو نالو جيلي صوبو رکيو ويو ھو. ان جي گادي جو هنڌ شجيئاشئنگ شھر آھي. لفظ ھيبئي جي معني آهي "ندي جو اتريون پاسو" آھي[5] اھو صوبو پيلي ندي جي اترئين پاسي ۾ واقع ھجڻ ڪري ان تي ھيبئي نالو پيو[6]ھي صوبو دنيا جي انھن علائقن منجھ شامل آهي جتي تھذيبن جي شروعات ٿي ھئي[7] تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ بيجنگ ھن علائقي جو گاديءَ جو هنڌ ٿيندو رھيو آھي. ھي صوبو زرعي جنسن جي پيداوار سان سرشار آهي. انھن م مختلف اناج، ميوا ۽ ڪپھ شامل آهن. ھي صوبو چين جو پھريون صوبو آهي جتي صنعتي ترقيءَ جو آغاز ٿيو[8][9] مينيوفيڪچرنگ جو مرڪز ھئڻ ڪري ھتان جي اسٽيل جي پيدوار چين م پھرين نمبر تي رھي آھي. صنعتن ھتي فضائي گدلاڻ جي مسئلي کي سنگين ڪري ڇڏيو آهي[10] بيجنگ ميونسپلٽي ۽ تيانجين ميونسپلٽي وارا علائقا ھن صوبي مان ڌار ڪري چيني حڪومت جي سڌي اختيار ھيٺ آندا ويا. ھن صوبي جون حدون اتراوڀر ۾ لئائوننگ، اتر ۾ انر منگوليا، اولھ ۾ شانڪسي صوبو، ڏکڻ ۾ ھينان، ڏکڻ اوڀر ۾ شئنڊانگ ۽ اوڀر ۾ بوھائي سمنڊ جو بوھائي نار واقع آهي. ھن صوبي ۾ پنج مقام عالمي ورثو قرار ڏنل آهن جن ۾ ڪينگدي مائونٽين رزارٽ، ديوار چين، گرينڊ ڪئنال، اوڀر وارا چنگ گھراڻي جا مقبرا، ۽ اولھ وارا چنگ گھراڻي جا مقبرا شامل آهن. ھن صوبي جي آبادي ست ڪروڙ چاليھ لک آھي ۽ اھو آبادي ۾ چين جو ڇھون نمبر وڏو صوبو آھي. آبادي جو 96 سيڪڙو ھان چيني ماڻھن تي مشتمل آهي. اقليتن ۾ مانچو، ھئي ۽ منگول شامل آهن.

ھيبئي صوبو
Hebei
چيني صوبو
گھڙيالي چڪر: جنشانلنگ وٽ ديوار چين,ڪينگدي مائونٽين رزارٽ, پيوننگ ٽيمپل، ڪينگيان جبل تي فوچنگ ٽيمپل,چنھوئانگدائو ۾ بيدائشي ڊسٽرڪٽ
Map showing the location of Hebei Province
نقشي ۾ ھيبئي صوبو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 39°18′N 116°42′E / 39.3°N 116.7°E / 39.3; 116.7 116°42′E / 39.3°N 116.7°E / 39.3; 116.7
ملڪ عوامي جمهوريه چين
نالو پيو —"پيلي ندي"
běi—"اتر"
"پيلي ندي جي اتر ۾"
گادي جو هنڌ
(۽ سڀ کان وڏو شھر)
انتظامي ورهاست 11 پريفيڪچر، 121 ڪائونٽيون، 2207 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس صوبائي پيپلز ڪانگريس
 • ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري وانگ ڊانگفينگ
 • پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين وانگ ڊانگفينگ
 • گورنر شو چن
 • پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين يي ڊانگسانگ
پکيڙ
 • ڪل 188,800 ڪ.م2 (72,900 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو پکيڙ م 12ھون وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (شائيئوووتائي جبل[1]) 2,882 ميل (9,455 ft)
آبادي (2016)[2]
 • ڪل 74,700,500
 •  ڪاٿو

 2019

75,920,000
ھيبئي صوبو
"ھيبئي" چيني ٻولي ۾ لکيل
چیني 河北
لغوي معنیٰ"پيلي ندي جو اتريون پاسو"
اختصار
چیني
لغوي معنیجديد ڏکڻ ھيبئي ۾ ھڪ قديم صوبو
جيلي صوبو
روایتي چیني 直隸
آسان چیني 直隶省
لغوي معنی"سڌي راڄ ھيٺ"

حوالا