شئنڊانگ صوبو


شئنڊانگ يا شينڊانگ(انگريزي: Shandong ) جنھن کي شروع ۾ شينتونگ (انگريزي: Shantung ) طور رومانيو ويو ھو، عوامي جمهوريه چين جو ھڪ ساحلي صوبو آهي جيڪو چين جي اوڀر ريجن ۾ واقع آهي[5]. صوبي جو سڀ کان بلند ترين ھنڌ تائي جبل آھي جنھن جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 1545 ميٽر آھي. شئنڊانگ جي اتر ۾ بوھائي سمنڊ جي اتراولھ ۾ ھيبئي، اولھ ۾ ھينان، ڏکڻ ۾ جئانگسو ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ پيلو سمنڊ واقع آهن.

شئنڊانگ
شينڊانگ
Shandong
چيني صوبو
مٿان کان هيٺ، کاٻي کان ساڄي: جينان ۾ ھزار ٻڌ جبل، چنگڊائو جو فضائي منظر، تائي جبل تي آسمان جي ڏاکڻي دروازي جو منظر، چوفو ۾ ڪنفيوشس جو مندر
Map showing the location of Shandong Province
نقشي ۾ شئنڊانگ صوبو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 36°24′N 118°24′E / 36.4°N 118.4°E / 36.4; 118.4 118°24′E / 36.4°N 118.4°E / 36.4; 118.4
ملڪ عوامي جمهوريه چين
نالو پيو شان—"(تائيھانگ) جبل"
ڊانگ— "اوڀر"
"(تائيھانگ) جبلن جو اوڀر
گادي جو هنڌ جينان
وڏي ۾ وڏو شھر لنيي (آبادي ۽ پکيڙ)

جينان (شھري آبادي ۾)

چنگڊائو ( شھري واپاري مرڪز ۾ )
انتظامي ورهاست 16 پريفيڪچر، 140 ڪائونٽيون، 1941 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس شئنڊانگ صوبائي پيپلز ڪانگريس
 • ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري ليو جيئايي
 • صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين ليو جيئايي
 • گورنر لي گانجئي
 • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين فو جيفانگ
پکيڙ[1]
 • ڪل 157,100 ڪ.م2 (60,700 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 20ھون وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (تائي جبل) 1,545 ميل (5,069 ft)
آبادي (2018)[2]
 • ڪل 100,472,400
 •  ڪاٿو

 2019

100,700,000
شئنڊانگ صوبو
"شئنڊانگ" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون)
آسان چیني 山东
روایتي چیني 山東
لغوي معنیٰ"(تائيھانگ) جبلن جو اوڀر"
مقدس تائي جبل

ھي صوبو تاريخ ۾ تائوازم، چيني ٻڌازم ۽ ڪنفيوشسزم جو اھم مرڪز رھيو آھي. ان صوبي ۾ واقع تائي جبل تائوازم ۾ عقيدت جو اھڃاڻ آهي جتي مذھبي پوڄا ڪئي ويندي آهي[6] صوبائي گادي واري هنڌ جينان جي ڏکڻ واري جبلن ۾ ٻڌن جا مندر چين اندر ٻڌ مذھب وارن جو ھڪ اھم مرڪز آھن[7] چوفو شھر ڪنفيوشس جي جنم ڀومي آهي جيڪو بعد ۾ ڪنفيوشسزم جو مرڪز ٿي[8] ھن صوبي جي پکيڙ 157100 چورس ڪلوميٽر آهي. ھن صوبي جي آبادي 2019ع ۾ ڏھ ڪروڙ ست لک ھئي ۽ آبادي ۾ ھي چين جو ٻيون نمبر وڏو صوبو آھي[2] آبادي جي گھاٽائي ۾ ھن صوبي جو چين ۾ پنجون نمبر آھي. صوبي جي آبادي جو 99.3 سيڪڙو ماڻھو ھان چيني نسل سان تعلق رکندڙ آهن. ھي صوبو چين جي ٽيون نمبر وڏي معيشت آھي. ان جي 2018ع ۾ جي ڊي پي 7.65 ٽرلين يوئان ھئي جيڪا 1.156 ٽرلين آمريڪي ڊالرن جي برابر ھئي[9].

حوالا