23 جُولاءِ

23 جُولاءِ (انگريزي: July 23)، عيسوي سال جو 204 هون (ليپ سال 205 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 161 ڏينهن (ليپ سال 162 ڏينهن) باقي آهن.[1]

واقعا

  • 1829ع — "ٽائپو گرافر" جي نالي واري مشين جا حق ۽ واسطا وليم آسٽن برڊ جي نالي محفوظ ٿيا، اها مشين اڳتي هلي ٽائپ رائٽر جي نالي سان مشهور ٿي.[2]
  • 1927ع — انڊين برادڪاسٽنگ جو پهريون اسٽيشن ممبئي ۾ قائم ٿيو.
  • 1930عاٽلي ۾ خوفناڪ زلزلي جي نتيجي ۾ ڏيڍ هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.[3]
  • 1936ععبدالله هارون جي رهائشگاهه ۾ سر شاهنواز ڀٽو، جي ايم سيد، غلام حسين ھدايت الله، ميران محمد شاهه ۽ محمد ايوب کهڙي جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو.[4]
  • 1939ع — اسڪندرون ۽ انطاڪيه علائقن ترڪي سان الحاق جو فيصلو ڪيو.[3]
  • 1952ع — جمال عبد الناصر جي قيادت ۾ مصري فوج شاهه فاروق جو تخت اونڌو ڪري ڇڏيو.[2]
  • 1988عايم آر ڊي جنرل ضياءُ الحق جي غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ واري اعلان کي رد ڪري ڇڏيو.[4]
  • 1994عروس جي شهر سينٽ پيٽرس برگ ۾ خير سگالي راندين (گڊوِل گيمز) جو افتتاح ٿيو.[3]
  • 2001ع — ميگاوتي سوئيڪارنو پتري انڊونيشيا جي پنجين صدر ٿي.[3]
  • 2005عمصر جي علائقي شرم الشيخ ۾ ٽن بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ اسي ماڻهو قتل ۽ سو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.[3]

پيدائش

فوتگيون

وڌيڪ ڏسو

حوالا