بوسنيا ۽ ھرزگوينيا

ڏکڻ يورپ جو ھڪ مسلمان ملڪ

بوسنيا ۽ ھرزگوينه:(انگريزي: Bosnia - Herzegovina) مختصرن B&H ۽ عام نالو بوسنيا ھڪ ملڪ آھي جيڪو بلقان اپٻيٽ ۾ واقع آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر سرجيوو(انگريزي: Sarajevo ) آهي. مسلم اڪثريت وارو ھي يورپي ملڪ ڏکڻ بلقان وارن جبلن ۾ واقع 20 ھزار چورس ميلن جي پکيڙ وارو آهي. اتر ۾ ان جون سرحدون ڪيٿولڪ اڪثريت وارو ملڪ ڪروشيا سان ، اوڀر آرٿوڊڪس عيسائيت جي اڪثريت وارو ملڪ سربيا، ڏکڻ ۾ آرٿوڊڪس اڪثريت وارو ملڪ مونٽي نيگرو ۽ 15 ميلن تائين ان جي سرحد ائڊرياٽڪ سمنڊ سان پڻ ملي ٿي[8].

بوسنيا ۽ ھرزگوينه
Bosnia and Herzegovina

Bosna i Hercegovina
Босна и Херцеговина
Flag of بوسيني
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
ترانو: "بوسنيا ۽ ھرزگوينيه جو قومي ترانو"
(انگريزي ٻولي: "بوسنيا ۽ ھرزگوينه جو قومي ترانو")


مڪانيت  بوسنيا ۽ ھرزگوينيا  (سائو رنگ) يورپ ۾  (تيز ڀورو)
مڪانيت  بوسنيا ۽ ھرزگوينيا  (سائو رنگ)

يورپ ۾  (تيز ڀورو)

گادي جو هنڌ سرجيوو
سڀ کان وڏو شهر سرجيوو
دفتري ٻوليون اڃان ڪابہ نہ
قومي ٻوليون *بوسنيائي ٻولي
  • ڪروشيائي ٻولي
  • سربيائي ٻولي
مقامي آبادي
  • بوسنيائي
  • ھرزگوينائي
حڪومت وفاقي پارلياماني
آئيني ريپبلڪ
• ھاء ريپرزنٽيٽو
ويلنٽن انزڪو
• پريزيڊنسي جو چيئرمين
باقر عزت بيگووچ
• پريزيڊنسي جا رڪن
ملادن آئيونچ
دراگن ڪووچ
•  وزيراعظم
ڊينس زويزدڪچ
مقننه بوسينا ۽ ھرزگوينه جي پارليامينٽ
بوسنيا ۽ ھرزگوينه جو ھائوس آف پيپلز
بوسينا ۽ ھرزگوينه جو ھائوس آف ريپرزنٽيٽوز
قيام
• بينيٽ آف بوسينيا
c. 1154
• بوسينيا جي بادشاھت
c. 1377
• خلافت عثمانيه بوسنيا فتح ڪيو
c. 1463
• آسٽروھنگري راڄ
1878
• آسٽرو ھنگري کان علحدگي
29 آڪٽوبر 1918
• يوگوسلاويا جو جنم
4 ڊسمبر1918
• قومي ڏينھن
25 نومبر1943
• سوشلسٽ يوگوسلاويا کان آزادي
1 مارچ1992
• عمل ٿيو[1]
6 اپريل 1992
• بوسنيا جو آئين
14 ڊسمبر1995
پکيڙ
• جملي
51٬129 km2 (19٬741 sq mi) (125th)
• پاڻي (%)
1.4%
آبادي
• 2013 مردم شماري
3,531,159[2]
•  گھاٽائي
68.97 /km2 (178.6 /sq mi)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$45.858 ارب ڊالر [3]
• في سيڪڙو
$12,986[3]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$18.560 ارب ڊالر[4]

تاريخ

ھن ملڪ کي ستين صدي عيسويءَ ۾ سلاوز نسل جي ماڻهن آباد ڪيو[9][10]. ٻارھين ۽ چوڏھين صديءَ دوران ھن ملڪ جي حيثيت ھڪ پرنسيپلٽي واري ھئي جنھن دؤر ۾ بلغاريه کان عيسائي ھتي اچي آباد ٿيا.

بوسنيا قرون وسطي يا وچولي دؤر ۾ جڏھن بينيٽ ۽ پوءِ ڪنگڊم ٺھي

ٻارھين صدي جي ختم ٿيڻ وقت بوسنيا اتر مان ھنگيري (ڪروٽ پڻ انھن ۾ شامل) کان ۽ اوڀر ۾ سربن کان آزادي حاصل ڪئي[8]. نئين بوسنيائي بادشاھت آرٿوڊڪس ۽ رومن ڪيٿولڪ ماڻھن ۾ ورھايل ھئي پر پوء ھڪ ٽيون عيسائي مذھبي گروھ اڀري آيو جنھن جو نالو بوگوملئزم ھيو جيڪو اصل ۾ مقدوينہ ۾ اڀريو ۽ ڏکڻ بلقان ۾ ڦھلجي ويو جنھن بوسنيا جي اندر داخل ٿي انھن ۾ قومي جذبو پيدا ڪيو ڇوته ايسٽرن آرٿوڊڪس بوسنيا ۾ بازنطيني اثر رکيو ۽ ڪيٿولڪ مذھب اتي ھنگري جو اثر پيدا ڪيو ۽ انھن جي ڀيٽ ۾ بوگوملئزم اتي بوسنيائي چرچ کي جنم ڏنو[8].

بوسنيا خلافت عثمانيه ۾

سرجيوو جي غازي خسرو بيگ مسجد جيڪا 1531 ۾ تعمير ٿي

1463 ۾ عثماني ترڪن بلغاريه فتح ڪيو تہ ماڻھو مسلمان ٿيڻ شروع ٿيا جن م وڏو تعداد عيسائين جو ھو[11]. پندرھين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ ترڪ فوجون ڏکڻ بلقان ۾ ڌوڪي آيون ۽ اسلام بوسنيا ۽ ھرزگوينه ۾ داخل ٿي ويو[8]. رومن ڪيٿولڪ حاڪمن بوگومل عقيدي وارن کي سختي ۽ زيادتين جو نشانو بڻايو ھيو جنھن ڪري انھن مسلمان ترڪن جو ساٿ ڏنو ۽ اھي مسلمانن جي گھڻو ويجھو رھيا ان ڪري جلدي مسلمان ٿي ويا[8]. عثماني خلافت ۾ سرجيوو ۾ پاشا يا گورنر مقرر ڪيو ويو جنھن پنھنجو صدرمقام سرجيوو ۾ ئي رکيو ۽ پوري علائقي کي اٺ سنجاقن (ضلعن) ۾ ورهايو ويو[8]. عثماني خلافت حنفي فقه سان لاڳاپيل ھئي ان ڪري بوسنيا ۾ حنفي فقه کي فروغ مليو. آڳتي ھلي بوسنيائي مسلمانن ۾ بہ عثماني خلافت کان آزادي جو جذبو پيدا ٿيو[8]. آسٽرو ھنگري رياست جي خلافت سان ٽڪراء جي نتيجي م خلافت کي اھو علائقو ڇڏڻو پيو پر بوسنيا آزادي ماڻي نہ سگھيو پر ھئبسبرگ جي حڪمراني ھيٺ اچي ويو[8].1463 ۾ عثماني ترڪن بلغاريه فتح ڪيو تہ ماڻھو مسلمان ٿيڻ شروع ٿيا جن م وڏو تعداد عيسائين جو ھيو. ويھين صدي ۾ مسلمانن ھتي اڪثريت ۾ رھيا پر سربيا، نازين ۽ يوگوسلاويا جي ڪميونسٽن انھن کي اھڙي انتظامي نظام ۾ رکيو جنھن ۾ اھي اقليت ۾ رھندا آيا[8].


بوسنيا قرون وسطي يا وچولي دؤر ۾ جڏھن بينيٽ ۽ پوءِ ڪنگڊم ٺھي

آسٽرو ھنگري ايمپائر ۾

1878 ۾ جڏھن آسٽرو ھنگري فوج ملڪ ۾ گھري پئي

1878 ۾ ھي علائقو ڪانگريس آف برلن جي فيصلي تحت آسٽرو ھنگري جي حڪومت جي انتظام ۾ آيو.اھو فيصلو عثماني ترڪن قبول نه ڪيو. 1909 ۾ آسٽريائي حڪومت مسلمانن ۾ رئس العلماء جو ھڪ نئون عھدو قائم ڪيو .

سرجيوو م آرٽس اڪيڊمي جا منار ۽ گنبذ جيڪو چيڪ آرڪيٽيڪٽ ڪارل پاريڪ ڊزائن ڪيو
1901 ۾ سرجيوو ۾ ٽرام ڏيکاريل
بوسنيا ۽ ھرزگوينه جو قومي عجائب گھر جيڪو 1888 ۾ قائم ٿيو.
آسٽريا جي آرڪ ڊيوڪ فرانز فرڊيننڊ ۽ ھوھنبرگ جي ڊچيس، صوفي جو قتل 12 جولاءِ 1914 جي اخبار ۾ بيان ڪيل

يوگوسلاويا جي وفاق ۾

پھرين جنگ عظيم کان پوء ھن ملڪ تي سربيا قبضو ڪيو[8]

ٻي جنگ عظيم ۾ مري ويل شھرين ۽ فوجين جي ياد ۾ جوڙيل دائمي شعلو نالي يادگار

ٻين جنگ عظيم ۾ سربن ۽ ڪوروٽن مسلمانن جو قتل عام ڪيو[8] . يوگوسلاويا جي وفاق ۾ مارڪسي ليڊر مارشل ٽيٽو (جوزف بروز) جي دؤر حڪومت ۾ مذھب دشمن پاليسين ذريعي مسجدون بند ڪيون ويون، ٻارن کي مذھبي تعليم منع ڪئي وئي ، اسلامي استادن جي تربيت تي بہ بندش وڌي وئي[8]. ردعمل ۾ 1960 واري ڏھاڪي ۾ اسلامي جاڳرتا بوسنيائي قومي جذبي سان شروع ٿيڻ لڳي ۽ 1991 ۾ يوگوسلاويا جو وفاق ٽٽي ويو ۽ بوسنيا ۽ ھرزگوينه پنھنجي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو پر بوسنيا جي اتر ۽اوڀر واري حصي ۾ رھندڙ سربن نئين رياست جي قيام جي مخالفت ڪري ڇڏي[8].

يوگوسلاويا جي سوشلسٽ وفاقي ريپبلڪ ۾ بوسنيا ۽ ھرزگوينه جو جھنڊو

آزادي ۽ گھرو ويڙھ

19 فيبروري کان پھرين مارچ 1992 ۾ ھڪ ريفرينڊم ڪرايو ويو جيڪو آزاديءَ لاءِ ھيو جنھن ۾ 63 سيڪڙو ماڻھن حصو ورتو. سربن بائيڪاٽ ڪيو 99 سيڪڙو ماڻھن آزادي جي حمايت ڪئي[12].مارچ 1992 ۾ معاھدو عمل ۾ آيو ته مسلمان، ارب ۽ ڪروٽ ٽن حصن ۾ تقسيم ٿي بوسنيا جي مرڪزي ڪنٽرول ۾ رھن[13]. 5 اپريل 1992 ۾ بوسنيا آزادي جو اعلان ڪيو[14] جنھن کي آمريڪا تسليم ڪيو جنھن بعد ٻن ارب ميمبرن بوسنيا جي مرڪزي حڪومت مان استعفي ڏني. جنھن کانپوءِ خانہ جنگي شروع ٿي وئي جنھن م مسلمانن جو وڏو نقصان ٿيو. 29 جون تي سڪيورٽي ڪائونسل جي فيصلي تحت جن ء انساني جسمن جي نقصان کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن جون فوجون داخل ٿي ويون ۽ سرجيوو تي گڏيل قومن جو ڪنٽرول ٿيو ۽ پوء گڏيل قومن 13 آگسٽ 1992 م طاقت جي استعمال جو فيصلو ڪيو ۽ 10 جنوري 1994 ۾ ناٽو جي الٽيميٽيم بعد بوسنيائي ۽ سرب فوجين کي شھرن مان ٻاھر ڪڍي جنگبندي ڪرائي وئي. 1994 ۾ مسلمانن ۽ ڪروٽن جي وچ ۾ ويڙھ شروع ٿي وئي.بوسنيا کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاء بوسنيائي صدر عليجاھ عزت بيگووچ (1925–2003) اعلان ڪيو ته نئون ملڪ اسلامي رياست ۾ تبديل نہ ڪيو ويندو ۽ عيسائي اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو[8]. اھا گرنٽي بوسنيائي سربن کي پراڻي يوگوسلاويا جي فوج سان اتحاد کي ختم نہ ڪري سگھي ۽ ملڪ ۾ گھرو ويڙھ جي شروعات ٿي جيڪا ھن علائقي ۾ سڀ کان خراب تجربو ثابت ٿي[8]. بوسنيائي سرب فوجين بلغراد جي حڪومت جي کلي عام مدد سان نسل ڪشي واري پاليسي تي عمل ڪندي بوسنيا ۾ بوسنيائي مسلمانن جا قتل عام شروع ڪيا. سڀ کان سنگين قتل عام 1995 ۾ سربرينڪا ۾ ٿيو جنھن ۾ ھزارين بوسنيائي مانھن کي ڪٺو ويو[8]. اھا جنگ ڊسمبر 1995 ۾ ڊيٽون جي معاھدي صحيح ڪرڻ سان ختم ٿي. ان معاهدي ۾ نئون آئين پڻ شامل ھيو جنھن ۾ بوسنيائي، سرب ۽ ڪروٽن ٽنھي گروھن جي سياسي حقن کي تحفظ ڏنو ويو[8]. جنگ بعد انھن جنگي ڏوھن جي ڪري کوڙ سرب اڳواڻ جنگي ڏوھاري طور گرفتار ٿيا ھئا[8].


بوسنيا جي جبلانڪوا ۾ نريٽوا ندي جي مٿان واقع نريٽوا پل جيڪا نريٽوا واري جنگ ۾ ٻہ دفعا تباھ ٿي


7 فيبروري 2014 ۾ حڪومت مخالف مظاھرن ۾ ساڙيل سرڪاري عمارت ٽوزلا


بوسينيا ۽ ھرزگوينہ پنھنجي خودمختياري جو اعلان آڪٽوبر 1991 ۾ ڪيو. ۽ کيس اڳوڻي يوگوسلاويا کان آزادي 3 مارچ 1992 ۾ ريفرينڊم ذريعي حاصل ٿيس جنھن جو سربن بائيڪاٽ ڪيو.

يوگوسلاويا جو خاتمو

بوسينيا م رھندڙ سربن کي انھن جي پاڙيسري ملڪن سربيا ۽ مونٽي نيگرو جي مدد سان ھٿياربند مزاحمت شروع ڪئي . اھي نسلي تقسيم ذريعي عظيم سربيا جو حصو بڻجڻ چاھين پيا. مارچ 1994 ۾ بوسينيائين ۽ ڪروٽن پاڻ ۾ جنگبندي ڪري معاھدي ذريعي بوسينيا ۽ ھرزگوينہ نالي سان وفاق جوڙيو. 21 نومبر 1995 ۾ ڊيٽن (Dayton) ، اوھيو (Ohio) ۾ جنگ ڪندڙ ڌرين ھڪ معاھدي ذريعي نسلي لڙائي جو خاتمو آندو ۽ 14 ڊسمبر 1995 تي پيرس ۾ ھڪ معاھدي تي صحيحون ڪيون ويون. ڊيٽن اڪارڊ بوسينيا ۽ ھرزگوينہ جون بين الاقوامي سرحدون بحال ڪيون ۽ گھڻ نسلي حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو.[15]

ڊيٽن ايگريمنٽ کانپوءِ بوسينيا۽ ھرزگوينہ

جاگرافي

2010 ۾ بوسنيا ۽ ھرزگوينه کان 20 ڪلوميٽرن تي ايڊرياٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي واقع نيوم شھر

ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ ھن ملڪ جو محل وقوع:44 00 N, 18 00 E آھي. سندس پکيڙ 51,197 sq km جنھن ۾ 51,187 sq km خشڪي ۽ 10 sq ڪ م پاڻي آھي.پکيڙ ۾ دنيا جي ملڪن۾ ان جو نمبر 129 آھي. ھن جي زميني سرحد 1,543 km آھي جن مان ڪروشيا سان 956 km, مانٽينيگرو سان 242 km ۽ سربيا سان 345 km. سامونڊي سرحد 20 ڪلوميٽر اٿس.ھن جي سراسري اوچائي اڌ ڪلوميٽر يا 500 m آهي.سڀ کان ھيٺاھون مقام آڊرياٽڪ سمند آھي ۽ سڀ کان اوچو ميگلڪ آهي جنھن جي اوچائي2,386 m آھي.[16]

بوسنيا ۽ ھرزگوينه جو ٽوپوگرافڪ نقشو
بوسنا ندي

معيشت

ھن ملڪ جي قدرتي وسيلن ۾ ڪوئلو، ڪچو لوھ، باڪسائيٽ، ٽامو، شيھو، جست، ڪرومائيٽ، ڪوبالٽ، مينگنيز، نڪل، جپسم، لوڻ، عمارتي ڪاٺ شامل آهن. ملڪ جو 42.2 سيڪڙو زمين زراعت سان لاڳاپيل آهي جنھن مان وري 19.7 آبپاشي واري آھي جنھن جو 2 سيڪڙو تي مستقل فصل ٿيندا آهن . 20.5 سيڪڙو چراگاھون آھن ۽ 42.8 ٻيلا اٿس.بوسينيا جي پرچييزنگ پاورظ پيئرٽي واري جي ڊي پي 2017 ۾ :$43.85 بلين، آفيشل ايڪسچينج ريٽ مطابق جي ڊي پي $17.46 بلين ڊالر، ۽ جي ڊي پي واڌ واري شرح2017 ۾ 2.5 سيڪڙو ھئي.ساڳي سال في ڪس جو ڊي پي شرح $11,400 في ماڻهو ھيو.ھتان جي ليبر فورس 1.51 ملين آھي. 2017 ۾ افراط زر 1.8 ھئي ۽ ايڪسپورٽ 4.803 بلين ڊالر ھئي. ملڪ جي بجلي جي پيداوار 14.97 بلين ڪلوواٽ آهي.[17]

نالو ۽ مطلب

بوسينيا جي اتر وارو وڏو پاسو بوسنا نديءَ جي ڪري ان نالي سان منصوب ٿيو.باوي ڏکڻ وارو پاسو ھرزگوينہ جرمن ٻوليءَ جي لفظ ھرزوگ "herzog" معني : نواب يا ڊيوڪ "duke" ۽ ٻيو پويون لفظ اووينا "ovina" جنھن جي معني آهي زمين[18]

سياسي انتظام

بوسنيا ۽ ھرزگوينه جو گڏيل وفاق (FBiH)، سرپسڪا جي ريپبلڪ ۽ برچڪو ڊسٽرڪٽ کي ملائي بوسنيا ۽ ھرزگوينه چوندا آهن

پارليامينٽري ريپلڪ جي ھن وفاق جو گاديءَ جو هنڌ سرجيوو آھي. ھي ملڪ ٽن انتظامي حصن ۾ ورهايو ويو آهي: براڪو (Brcko)؛ فيڊريشن آف بوسينيا اينڊ ھرزگوينہ؛ ۽ ريپبلڪ آف سرپسڪا(Srpska). ھتان جو قومي ڏينھن پھرين مارچ 1992 آھي جيڪو ان جو يوم آزادي آھي.موجودہ آئين 14 ڊسمبر 1995 ۾ ٺھيو جيڪو ڊيٽن امن معاهدي جو نتيجو ھو. ملڪ جي صدر کي ھتي پريزيڊنسي جو چيئرمين چون ٿا ۽ ھن وقت ان عھدي تي باقر عزتو بيگو وچ 17 مارچ 2018 کان فائز آھي.[19]

بوسنيا ۽ ھرزگوينه جي صدارتي آفيس جيڪا سرجيوو جي وچ ۾ واقع آهي

سياسي جماعتن مان ھتي پارٽي آف ڊيموڪريٽڪ ايڪشن اقتدار۾آھي جنھن جو سربراھ عزتو بيگوف آهي.ھتي 80 سيڪڙو مرد ۽ 70 سيڪڙو عورتون تعليم يافتہ آھن.ھن ملڪ م ڪل 109 ضلعا آهن.فوج جي سگھ م 92000 جوان۽ آفيسر آھن.ملڪ ۾ 28 ايئرپورٽ آھن جن مان 24 استعمال جي قابل آهن.روڊن جي ماپ 21168 ڪلوميٽر آهي.9 براڊ ڪاسٽ اسٽيشن ۽ 6 ٽي وي اسٽيشن آھن.وڏن شھرن م سرجيوو، بانجالوڪا،زيسلڪا شامل آهن.ڪرنسي دينار اٿس. ھي گڏيل قومن جي اداري، غير وابسته تحريڪ، انٽرپول، انٽرنيشنل سول ايوي ايشن، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن ۽ گڏيل قومن جي ذيلي ادارن جو رڪن آهي.

آبادي ۽ ثقافت

}

2013 جي آدمشماري مطابق بوسنيا ۽ ھرزگوينه جي ميونسپالٽين جي آبادي جي گھاٽائي جو نقشو

ھتان جي آبادي جولائي 2017 ۾ 3,856,181 ھئي ۽ ان حساب سان دنيا ۾ ھن جو نمبر 128 آھي. ھتي رھندڙ ماڻھو بوسينيائي، ھرزگوينائي سڏبا آهن.انھن ۾ 50.1 سيڪڙو بوسينيائي، 30.8 سيڪڙو سرب، 15.4 سيڪڙو ڪروٽ، آھن. ھن ملڪ جون سرڪاري ٻوليون بوسينيائي، سربيائي، ۽ ڪروشيائي آھن. ھن ملڪ جا ماڻهو 50.7 سيڪڙو مسلمان، 30.7 سيڪڙو آرٿوڊڪس، 15.2 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ، 0.8 اٿيئسٽ يا دھريا، 0.3 اگناسٽڪ آھن. مقامي آباديءَ جو واڌ جي شرح 2017 ۾ 0.16 سيڪڙو، ڄم جي شرح 8.8 ۽ موت جي شرح 10 ھئي. 40.1 سيڪڙو آبادي شھرن م رھندڙ آھي. طبي سھولتن ۾ اسپتال جا 3.5 بسترا في ھزار ماڻھن لاءِ بندوبست۾ آھن.1.8 ڊاڪٽر في ھزار ماڻھن لاءِ مقرر آھن. جي ڊي پي جو 9.6 سيڪڙو صحت تي خرچ ٿيندو آهي.[20] ھن ملڪ ۾ ٽي گروھن جا ماڻهو رهن ٿا جن ۾ بوسنيائي يا بوسنيڪ جيڪي اڪثر مسلمان ۽ ڪل آبادي جو 48 سيڪڙو آھن، ٻيو گروھ سرب آھن جيڪي 14.3 سيڪڙو آھن ۽ ٽيون گروھ ڪروئيشيائي ماڻھن جو آهي. ملڪ جا 40 سيڪڙو ماڻھو مسلمان، اوڀر آرٿوڊڪس عيسائي 31 سيڪڙو، رومن ڪيٿولڪ 15 سيڪڙو آھن[8].


بوسانسڪا ڪروپا ۾ رومن ڪيٿولڪ چرچ، سربيائي آرٿوڊڪس چرچ ۽ ھڪ مسجد
بوسنيا ۽ ھرزگوينه ۾ مذھب (2013)
سيڪڙو
اسلام
  
51%
سربيائي آرٿوڊڪسي
  
31%
ڪيٿولسزم
  
15%
ٻيا/ ڪوبہ نہ/ بيان نہ ڪيل
  
3%

سياحت

سرجيوو جو ھڪ چؤڪ
موستار جي پراڻي پل
تربيشنيسا جي ڪناري تي واقع تربيشنيسا
ويشه گراڊ جي محمد پاشا سوڪولووڪ پل جيڪا يونيسڪو پاران 2007 کان عالمي ورثو قرار ڏنل
بونا ندي لڳ ڪارست چشما
فوجنيڪا ڀرسان پروڪوشڪو ڍنڍ
امن جي راڻي جي مزار

تعليم ۽ ميڊيا

سرجيوو يونيورسٽي جو سرجيوو لا اسڪول

]

بوسنيا ھرزگوينه جي نيشنل لائبريري


حوالا