پندرھين صدي عيسويءَ کان اڳ بڪانير وارو علائقو ھڪ سڃو ريگستاني علائقو ھو جنھن کي جنگلاديش يا جنگل پرديش سڏيو ويندو ھو يعني اھو ديس جنھن ۾ فقط جھنگ ئي جھنگ ھجي[3]. 1488ع ۾ رائو بڪار ھي شھر ٻڌرايو. رائو بڪارجوڌپور جي باني مھاراجا جوڌا راٺوڙ جو وڏو پٽ ھو. جيتوڻيڪ ھي شھر ٿر جي ريگستان ۾ قائم ٿيو پر ھي شھر ھندستان کان وچ ايشيا ڏانھن ويندڙ تاريخي واپاري رستي تي قائم ڪيو ويو. انڪري ھتي وڻج واپار جا سٺا امڪان موجود ھئا. رائو بڪا ھندستان جي ٿر واري علائقي ۾ پنھنجي ھڪ رياست قائم ڪئي جنھن کي بڪانير رياست نالو ڏنو ويو. ھيءَ 1465ع کان وٺي 1947ع تائين ھندستان جي رياست رھي. بڪانير شھر ھن رياست جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. 1478ع ۾ رائو بڪا ھتي ھڪ قلعو تعمير ڪرايو جيڪو ھاڻي کنڊرن ۾ بدلجي ويو آھي[4]. 30 مارچ 1949ع تي بڪانير رياست کي راجستان رياست ۾ ضم ڪيو ويو.
بڪانير شھر ۽ رياست مغلن جي دور ۾ خوشحاليءَ جي عروج تي رھي. انھيءَ دور ۾ ھن رياست جو راجا راءِ سنگھجي شھنشاھ اڪبر ۽ جھانگير جو ھڪ اھم فوجي ڪمانڊر ۽ ڀروسي وارو راجا ھو. ھن ميواڙ جي راجائن سان جنگيون ڪري ميواڙ رياست جو اڌو اڌ حصو فتح ڪري ورتو جنھن ڪري مغل بادشاھن کيس انعامن ۽ اڪرامن سان نوازيو ۽ کيس گجرات ۽ برھان پور ۾ جاگيرون ڏنيون. انھن جاگيرن مان ھن تمام گھڻو ناڻو ڪمايو. ھن ھتي ھڪ نئون قلعو تعمير ڪرايو جنھن کي چنتامني درگ نالو ڏنو ويو. اھو قلعو اڄڪلھ جھونا ڳڙھ قلعي جي نالي سان مشھور آھي ۽ تعمير جي فن جو ھڪ نادر نمونو آھي[5]. ھي قلعو ھڪ اھڙي ميدان تي ٺاھيو ويو آھي جنھن جي سامونڊي مٿاڇري کان اوچائي 230 ميٽر (760 فوٽ) آھي.
مھاراجا ڪرن سنگھ جنھن ھتي 1631ع کان 1639ع تائي راڄ ڪيو، تنھن ھتي ھڪ عاليشان محل تعمير ڪرايو جيڪو ڪرن محل جي نالي سان مشھور آھي. پوءِ وارن راجائن ھن محل کي وڌيڪ سينگاريو. راجا انوپ سنگھجي ھتان جو 1669ع کان 1698ع تائين راجا جو. ھن قلعي ۽ ڪرن محل ۾ ڪافي واڌارا ڪيا. ھن پنھنجي ڪٽنب جي عورتن ۽ ٻارن لاءِ عاليشان قسم جا زنانا ڪوارٽر ٺھرايا. ھن ڪرن محل کي وڌيڪ سينگاريو ۽ ان سان گڏ ديوان عام نالي ھڪ وڏو ھال ٺھرايو جتي پنھنجي رعيت ۽ مھمانن سان ملاقاتون ڪندو ھو. راجا گج سنگھ جو راڄ 1747ع کان 1787ع تائين ھليو. ھن بہ چندرا محل جي ٻيھر مرمت ڪري ان کي خوبصورت بنايو ۽ انھيءَ محل جو نالو چندر محل رکيو. مھاراجا سورت سنگھ 1767ع کان 1818ع تائين ھتان جو راجا رھيو. ھن ديوان عام ۾ شيشي جو وڻندڙ ڪم ڪرايو ۽ ڀتين تي من موھيندڙ گلڪاري ڪرائي. ھن جھونا ڳڙھ قلعي کي مضبوط بنائڻ لاءِ بہ چڱو ناڻو خرچ ڪيو.
ارڙھين صديءَ ۾ بڪانير ۽ جوڌپور جي ٺاڪرن وچ ۾ ڪجهه اڻبڻت ٿي ۽ ساڳئي دور ۾ بڪانير جي ٺاڪرن وچ ۾ ڪجهه خانداني جھيڙا جھٽا ٿيا. انھن جھيڙن جھٽن کي انگريزي حڪومت ختم ڪيو پر 1818ع ۾ بڪانير رياست انگريز سرڪار جي ھٿ ھيٺ اچي وئي[6] ۽ ھتان جي راجائن انگريزن جي غلاميءَ ۾ پنھنجو راڄ قائم رکيو[4]. 1872ع کان 1887ع تائين راجا دنگر سنگھ جو راڄ قائم رھيو جنھن ھتي بادل محل تممير ڪرايو. انھيءَ محل جي ڀتين تي ھن وسندڙ مينھن ۽ ڪڪرن جي شاندار چترڪاري ڪرائي.
جنرل مھاراجا گنگا سنگھ 1887ع کان 1943ع تائين راڄ ڪيو. ھن کي انگريزن سرڪار پاران نائيٽ ڪمانڊر (ۡKnight Commander) جو خطاب ڏنو ويو[7]. ھو انگريزن جي امپيريل وار ڪيبينيٽ (Imperial War Cabinet) جو ميمبر ھو ۽ ھندستان جي وائسراءِ سان سٺا لاڳاپا ھئس. ھن گنگا محل ۽ درٻار ھال تعمير ڪرايا. گنگا نواس محل ۽ لالڳڙھ محل بہ ھن جي دور جون نشانيون آھن. ھن ستلج نديءَ مان گنگا واھ کوٽرائي ھتان جي زمينن کي سرسبز بنايو. ھن جو پٽ سادل سنگھ پيءَ کان پوءِ بڪانير رياست جو آخري راجا بنيو. 1949ع ۾ ھن بڪانير کي نئين ھبدستان ۾ شامل ڪرڻ جو راضپو ڏيکاريو. مھاراجا سادل سنگھ 1950ع ۾ پرلوڪ پڌاريو. سندس ڪٽنب لالڳڙھ محل جي ڪجهه حصي ۾ رھي ٿو، باقي محل کي ھڪ ثقافتي ھوٽل ۾ بدلايو ويو آھي.
سنڌ سان ڳانڍاپو
سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ رهندڙ اڪثر قومون جوڌپور، جيسلمير ۽ بيڪانير سان مٽي مائٽي ۽ ثقافتي لحاظ سان ڳنڍيل آهن. جيئن راڄڙ، پنهور، مهر، سما ۽ سومرا، تنهنڪري هيءَ رياست سنڌ جي زيراثر پڻ رهندي آئي آهي ۽ اڃا تائين آمدو رفت جو سلسلو هلندڙ آهي.[4]
ھي شھر ٿر جي وچ ۾ آباد آھي انڪري گرم ريسگتاني آبھوا جي اثر ھيٺ آھي. اونھاري ۾ ھتان جي گرميءَ جو درجو 280C کان 53.50C تائين پھچي سگھي ٿو. ان جي ابتڙ سياري ۾ گرميءَ جو درجو 40C- کان 23.20C ٿي سگھي ٿو. ھتي سال ۾ سراسري طور تي 260 کان 440 ملي ميٽر مينھن وسي سگھي ٿو.