بگھڙ

سانچو:Redirect2

بگھڙ
Temporal range: Middle Pleistocene – present (810,000–0 years BP[1])
Eurasian wolf (Canis lupus lupus).
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix):Canis
جنس:Template:Taxonomy/Canis{. lupus
حياتياتي نالو
Canis lupus
Linnaeus, 1758[3]
Subspecies

refer Subspecies of Canis lupus

Historical (red + green) and modern (green) range of wild subspecies of C. lupus

بگھڙ (انگريزي:Wolf) ھڪ جھنگلي جانور آھي. بگھڙ کي سنڌي ۾ ناهر پڻ چوندا آهن.[4]

ٻيا نالا؛ نهر/ بَگهَڙُ / بَگهيڙُ

تعارف

نمبر شمارسنڌي نالوانگريزي نالوسائينسي نالو
1بگھڙ / ناهرWolf / Grey/Gray Wolf Or Timber WolfCanis lupus

جسم جي بناوت ۽ رنگ

سنڌ ۾ ملندڙ ڀورو بگھڙ جسم ۾ سوا ٽن کان پنج فٽ ڊگھو ٿئي ٿو. بج دار پڇ ڏيڏ فٽ کن هوندس اٿس. بگھڙ قد ۾ اٽڪل ٻه فٽ ٿئي ٿو، مادي جو قد ڪجهه ننڍو هوندو آهي. ڏسڻ ۾ السيش ڪتي (جنهن کي جرمن شيفرڊ German Shepherd به چئجي ٿو) Canis Familieris جھڙو آهي. پر بگھڙ ۽ السيش ۾ ٻه ٽي واضح فرق آهن. پهرين اها ته السيش جا ڏند بگھڙ جي ڀيٽ ۾ ننڍا ٿين ٿا ۽ ٻيو اهو ته السيش جو مغز بگھڙ کان 35 سيڪڙو ننڍو هوندو آهي ۽ ٽيون ته بگھڙ جي اکين ۾ وحشت هوندي آهي.سنڌ ۾ بگھڙ جو رنگ سرمائي اوٺي، پيٽ هلڪو ڀورو، ڪنن جي پويان حصا ڳاڙهسرا بادامي هيڊا ٿين ٿا. چپ ۽ مهاڙون ڪاريون ٿين ٿيون.

نمبر شمارپيمانونرمادي
1وزن25 کان 30 ڪلو گرام22 کان 25 ڪلو گرام
2منڍي کان پڇ تائين ڊيگھ105 کان 160 سينٽي ميٽر-
3پڇ29 کان 50 سينٽي ميٽر
4ڪن90 کان 110 ملي ميٽر

شڪار ۽ رهڻ جو طريقو

بگھڙ گھڻو ڪري رات جو نڪرندو آهي. ۽ ڏينهن جو ڏرڙ ۾ گذاريندو آهي. بگھڙ ٽولي ۾ شڪار ڪندو آهي. انهن جي ٽولو 12 کان 18 بگھڙن تي مشتمل هوندو آهي.ان ٽولي کي ست بگھاڙي چئبو آهي. پر جئين ته سنڌ ۾ بگھڙ جي آبادي تمام گھٽجي وئي انڪري بگھڙ رات جوڙي ۾ نڪرندا آهن. جڏهن حملو ڪرڻ جي نيت هوندي اٿس تڏهن ڪنڌ هيٺ ڪري هلندو آهي. پٺيءَ جا وار اُڀا۽ پچ زمين سان متوازي سڌو ٿي ويندو اٿس. ماڻهن کي اڪيلو حملو ڪري سگھي ٿو پر جيڪڏهن ماڻهو حرڪت نه ڪري ۽ پٿر ٿي بيهي رهي ته حملو ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو. هونئن تمام ڪامياب شڪاري جانور آهي. غول ٺاهي پري پري تائين پيا ڦرندا آهن. ۽ هڪٻئي سان رابطي لاءِ اونائين ذريعي ڪندا آهن. سندن اونائيون 10 ڪلوميٽرن تائين ٻڌبيون آهن. ڪَن تمام سرلا ۽ نڪ تيز اٿن. هي لومڙي وانگر موقعي پرست جانور آهي ۽ هي ڪوئن کان وٺي هرڻن تائين گهڻو ڪجهه شڪار ڪندو آهي. گڏجي سڏجي پاڻ کان ڏهوڻو وڏو جانور به ڊاهي سگھن ٿا.

نسل جي واڌويجھ

هي عمر ڀر لاءِ جوڙو ٺاهيندا آهن. هن جي مادي هر سال ٻچا ڏيندي آهي. مادي بگھڙ 61 کان 63 ڏينهن ٻچو پيٽ ۾ رکندي آهي. هڪ وقت ۾ هڪ کان وٺي يارنهن گلر يا ٻٺڙا ڄڻي ٿي. اهو ٻچو پنجن مهينن ۾ شڪاري ٽولي ۾ شامل ٿي ويندو آهي.

گيلري

حوالا

ڪتاب- سنڌ جي جھنگلي جيوت- مصنف- بدر ابڙو- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي[1]