جيني ضربيندڙ عدد

جيني ضربيندڙ عدد:(انگريزي: Gini Coefficient) جنھن کي جيني عام جزو پڻ چوندا آهن. اردو ۾ ان کي جيني عددي سر چون ٿا. ڪڏھن ڪڏھن ان کي جيني انڊيڪس يا جيني اشاريو يا جيني تناسب (Gini ratio) پڻ چون ٿا. معاشيات ۾ اھو شمارياتي ڦھلاء جو ھڪ ماپو آهي جيڪو قوم ماڻھن ۾ دولت۽ آمدني جي ورھاست کي ظاھر ڪندو آهي ۽ ماڻھن ۾ دولت ۽ آمدني جي نابرابري سمجھڻ لاء استعمال ٿيندو آهي. اھو ضربيندڙ عدد يا عام جزو پھريون ڀيرو 1912 ۾ اٽليءَ جي شماريات جي ماھر ۽ سماجياتدان ڪوراڊو جيني[1] پنھنجي ھڪ تحقيقي مقالي تغيرپذيري ۽ ڦيرگھير (Variability and Mutability) ۾ متعارف ڪريو.[2] جيني ڪوئيفيشنٽ ورھاستي ورجاء وارين شين جي وچ ۾ نابرابري جي ماپ ڪندو آهي. اھڙين شين جو ھڪ مثال آمدني جا ڏاڪا آھن. ٻڙي (0) جو جيني ڪوئيفيشنٽ مڪمل برابري کي ظاھر ڪندو آهي ۽ ھڪ (1) جو جيني ڪوئيفيشنٽ نابرابري جي وڌ کان وڌ سطح کي ظاھر ڪندو آهي. جيڪڏهن ماڻھن جي گروھ ۾ صرف ھڪ ڄڻو ڪمائيندڙ يا کپائيندڙ آھي ۽ ٻين جي ڪابہ آمدني يا کپت ڪانھي تہ ان گروه جو جيني ڪوئيفيشنٽ ھڪ (1) چئبو.[3][4] جيڪڏهن ڪجهه ماڻھو جو حصو جملي ٻين ماڻھن جي ڀيٽ منفي ھوندو تہ جيني ضربيندڙ عدد يا عام جزو ھڪ (1) کان وڏو ٿيندو. گھڻي تعداد ۾ ماڻھن جو جيني ڪوئيفيشنٽ ھڪ جي ويجھو يا ان کان وڏي عدد عام طور تي ممڪن نہ ھوندو آھي. معاشي سھڪار ۽ ترقي جي تنظيم (OECD) جي رڪن ملڪن جي ويھين صديءَ جي پوئين حصي جي ٽيڪس ۽ ٽرانسفر وارين ادائگين ۽ آمدني جو جيني ڪوئيفيشنٽ جي شرح 0.24 کان 0.49 تائين ھئي ۽ ان ۾ گھٽ ۾ گھٽ شرح سلووانيا جي ھئي ۽ وڌ ۾ وڌ چلي جي ھئي.[5]

حوالا

حوالا