حب الوطني

حب الوطني(انگريزي: Patriotism ) يا (national pride) وطن جي لاءِ محبت جي احساس، ان جي ارپنا ۽ ان لاءِ لڳاء جي احساس جو نالو آهي ۽ ساڳي احساس سان ٻين شھرين سان لاڳاپو رکڻ جيڪي پڻ ساڳيو احساس رکن تہ ان کي بہ حب الوطني چئبو آهي. حب الوطني قومپرستي جي ويجھو ھوندي آھي.[1][2][3][4] انگريزي لفظ پيٽرياٽ ازم جي معني آھي فادر لينڊ (fatherland) سان محبت. يورپي جاڳرتا جي مفڪرن ۾ جين جيڪز روسو حب الوطني جو وڏو حامي ھو پر سموئيل جانسن ان جذبي جو مخالف ھيو.7 اپريل 1775 ۾ ھن ھڪ مشھور جملو چيو ھو تہ:"حب الوطني لچن يا بدمعاشن جي آخري پناھگاھ آهي"[5]. حب الوطني جي انتهاپسندي کي شاون ازم (chauvinism) پڻ سڏيو ويو آهي. چرچ حب الوطني جي خلاف ھيو .مارڪسزم حب الوطني جي خلاف ھيو. ڪارل مارڪس چيو ھو تہ :"مزدور جو ڪوبہ وطن نہ ھوندو آھي[6] " ٽراٽسڪي ازم بہ ھن جذبي جي خلاف ھيو پر اسٽالن ازم ۽ مائوازم حب الوطني جي حق ۾ رھيا آھن انھن نظرين سوشلسٽ حب الوطني متعارف ڪرائي جنهن جو بنياد ھڪ ملڪي سوشلزم ھيو[7].

حب الوطني جو مجسمو جيڪو ميڊرڊ ۾ اسپين جو ھڪ يادگار آھي ۽ 1840 ۾ فرانسسڪو پيريز ڊيل وئلي نالي سنگتراش ٺاهيو ھيو

حوالا