سوفيا

سوفيا،/ صوفيا بلگاريا جو سڀ کان وڏو شھر ۽ انھيءَ ڏيھَ (بلگاريا) جو راڄڌاني آھي. ھي شهر ملڪ جي الهندي حصي ۾ ويٽوشا جبل جي ڀرسان موجود آهي.

صوفيا
جھنڊو
نشان
ڏيھ:بلغاريا
پکيڙ:1,349 ڇورس ڪلوميٽر
آبادي:1,404,929

بالڪن (يا، بلقان) جي مرڪز ۾ ھجڻ ڪري، اهو ڪارو سمنڊ (بليڪ سي) ۽ ايڊريئٽڪ سمنڊ جي وچ ۾، ۽ ايجيئن سمنڊ ڀرسان موجود آھي.[1][2]

صوفيا يورپي يونين ۾ 13 هين وڏو شهر آهي. ان شھر جي چئني پاسي کان جبل آهن، جھڙوڪ ڏکڻ پاسي ويتوشا، اولھائون پاسو کان ليولين جبل  ۽ اُتر طرف بلڪان جبلَ اٿس، جنھنڪري ھي شھر ميڊريڊ کانپوءِ ٻيون سڀ کان اوچائي وارو يورپين راڄڌاني جي حيثيت رکي ٿو. ھي شهر اسڪار نديءَ تي اڏيل آهي، ۽ ان ۾ مرڪزي سوفيا جا ڪيترائي معدني تلاءَ آهن، صوفيا ۾ جزوي کنڊ واري آبهوا آهي.

صوفيا کي 'مذهبي سھپ جو ٽڪنڊو' طور بيان ڪيو ويو آھي.[3] اھو ان حقيقت سبب آھي ته دنيا جي ٽنهي وڏن مذهبن، عيسائيت، اسلام ۽ يھوديت، جا ٽي وڏا مندر شهر جي حدن اندر موجود آهن، جن ۾ سويتا نيڊليا چرچ، بانيا باشي مسجد ۽ صوفيا جي عبادتگاھ شامل آهن.

بلغاريا جيو مُکيا شهر ھجڻ ڪري، سوفيا ڪيترين ئي اهم مقامي يونيورسٽين، ثقافتي ادارن ۽ تجارتي ڪمپنين جو گھر آھي.[4] سوفيا دنيا ۾ خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ ڏهه بھترين جڳهن مان هڪ آهي.[5] سوفيا 2013 ۾ يورپ جو سڀ کان وڌيڪ  سستو راڄڌاني وارو شھر ھيو.[6] 1979 ۾، صوفيا ۾ بوائيانا چرچ کي عالمي ثقافتي ورثو ماڳ جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، ۽  بلغاريا سلطنت ۾  ان جي عمارت کي ڊانھيو ويو، جنھن ۾ بلغاريا آرٿووڊڪس چرچ جا انيڪ علامتي ورثا ھيا.

اوڀر يورپ ۾ پنھنجي ثقافتي اھميت سميت، سوفيا بلگاريا جي قومي اوپيرا ۽ بيليٽ، ثقافت جو قومي محل، واسيل ليوسڪي قومي اسٽيڊيم، ايوان وازوئؤ قومي ٿيٽر، نيشنل آرڪيالوجي ميوزيم ۽ سرديڪا ايمپيفيٿيٽر سميت قومي اھميت رکي ٿو. سوشلسٽ آرٽ ميوزيم ۾ ڪيترائي مجسما ۽ پوسٽر شامل آهن جيڪي ڪميونسٽ بلگاريا ۾ زندگي جي انداز جي باري ۾ اُتي گُمھڻ لاءِ ايندڙ پانڌيئڙن (وزيٽرز) کي ماڻهن آگاھي ڏين ٿا.[7]

حوالا