يهوديت

يھوديت(انگريزي: Judaism ) يھودين جي نسلي گروہ جي مذھب جو نالو آهي جنھن ۾ انھن جي مذھبي، ثقافتي ۽ شرعي روايتن سميت انھن جي پنھنجي تھذيبپڻ شامل آهي[1] ھي سڀ کان پھريون ابراھيمي مذھب آھي ۽ ان جو بنياد توحيد تي آھي يعني يھودي صرف ھڪ خدا جي ھجڻ جي تصور ۾ يقين رکندڙ آھن. يھودين جو وڏو مقدس ڪتاب عبراني بائيبل آھي جنھن جو وڏو حصو توريت تي مشتمل آھي. انھن جي زباني روايتن تي مشتمل ٻيا مقدس ڪتاب تلمود ۽ مدراش آھن . ھن مذھب جا پوئلڳ ھن وقت دنيا ۾ ڏيڍ ڪروڙ کان پوڻا ٻہ ڪروڙ تائين آھن. يھوديت وچ اوڀر ۾ پتل جي دؤر کان وٺي ھڪ منظم مذھب رھيو آھي[2].

يھوديت مسلمانن جي نظر ۾

مسلمانن جي نظر ۾ يھوديت ۽ عيسائيت بعد پيغمبرن کان بعد جا ٺھيل مذھب آھن. يھوديت پنھنجي ان نالي ۽ مذھبي خصوصيتن، رسمن ۽ قائدن سميت ٽين يا چوٿين صدي قبل مسيح ۾ پيدا ٿي ۽ عيسائيت بہ حضرت عيسيٰ کان گھڻو پوء وجود ۾ آئي[3].